ڪراچي: امريڪي قونصل جنرل جي ميزباني ۾ عورتن جي مالي مدد لاءِ وِک وڌايو مهم ذريعي عورتن جو عالمي ڏهاڙو ملهايو ويو.
امريڪي قونصل جنرل مارڪ اسٽرو “وک وڌايو” سان واڳيل ڪراچي واسي 23 شاگردياڻين، فيمپرو جي باني ناديا پٽيل گنگجي، اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان ۽ انجاز، جيڪي وِک وڌايو جي پهرئين ايڊيشن ۾ سهڪار ڪندڙ تنظيمن ۾ شمار ٿين ٿو، انهن جي نمائندن کي ڀليڪار ڪيو. اُن موقعي تي قونصل جنرل مارڪ اسٽرو چيو ته “وِک وڌايو امريڪا جي اُن عزم ۽ ڪوششن جو هڪ مثال آهي، جنهن جو مقصد ڪاروباري عورتن کي همٿائڻ، مالي خدمتن ۾ عورتن جو بهرو وٺڻ ۽ کين هڪجهڙا حق ڏيارڻ آهي…. اسين اِن ڳالهه تي يقين رکون ٿا ته عورتن کي پاڻڀرو ڪرڻ جو عمل مستقبل ۾ پاڪستان سوڌو عالمي معيشت لاءِ هڪ سگهاري سيڙپڪاري جي حيثيت رکي ٿو.”
مارچ 2021ع ۾ وِک وڌايو جو پهريون افتتاح اِي ڪامرس ۽ سيڙپڪاري تائين پهچ جي موضوعن تي ٽن ورچوئل سيشنز ذريعي ڪيو ويو. 12 نومبر 2022ع تي ڪراچي ۾ امريڪي قونصل جنرل طرفان فيمپرو ۽ لنڪن ڪارنرس پاڪستان سان گڏجي وِک وڌايو جي ايڊيشن کي وڌائيندي ٻي مهم جي شروعات ڪئي وئي. ان ۾ سنڌ ۽ بلوچستان جي 55 ڪاروباري عورتن کي ڪاروبار وڌائڻ بابت 8 هفتن جي سکيا ڏني وئي، جيڪي فيشن کان وٺي فوٽو گرافي، کاڌو پيتو ۽ مشروبات، هار سينگار، هٿ جو هُنر، ڊجيٽل پرنٽنگ ۽ ماحول دوست صنعتن جو ڌنڌو ڪنديون آهن. پروگرام ۾ ڪاروبار لاءِ ٽيڪنالوجي جي استعمال، ڊجيٽل مارڪيٽنگ، اي- ڪامرس پليٽ فارم، ڊجيٽل ادائگيون، سازو سامان، فوٽو گرافي جي شين، خريد ۽ وڪري جا انتظام، مشهور شخصيتن ذريعي مارڪيٽنگ، ڪسٽمر سروس مئنيجمينٽ، مالي انتظام، ڪمپني جي داخلا، قانوني دستاويز، ننڍي ڪاروبار لاءِ قرض ۽ ڪاروبار جا وڌيڪ موقعا پيدا ڪرڻ سان گڏ ٻين لاڳاپيل شين بابت ڄاڻ ۽ سکيا ڏني وئي.
امريڪا پاڪستان سان ٻطرفن لاڳاپن کي 75 سال پورا ٿيڻ تي فخر محسوس ڪري ٿو. اسان پاڪستاني عورتن جي جديد سکيا ۽ ڪاميابي ڏانهن وڌڻ لاءِ رهنمائي جاري رکڻ جو عزم ورجايون ٿا. فن، ڪاروبار ۽ سرڪاري وهنوارن ۾ عورتن جي لاڀائتي شرڪت امريڪا ۽ پاڪستان سوڌو ڪنهن به معاشري لاءِ صلاحيتون وڌائڻ جو بُنيادي جُز آهي.