10 جون 2021
رابطو: برٽني اسٽورٽ
فون: 021 3527 5000
فوري طور جاري ڪرڻ لاءِ
آمريڪا پاران سنڌ جي تعليم جي بهتري لاءِ صوبائي تعليم کاتي سان سهڪار جاري رکڻ جو عزم
ڪراچي: آمريڪي حڪومت، پنهنجي اداري يو ايس ايڊ جي ذريعي سنڌ سرڪار سان گڏجي ڪراچي ۾ هڪ نئين هاءِ اسڪول جو افتتاح ڪيو. نئين گورنمنٽ هاءِ اسڪول وريو گبول ۾ مقامي شاگرد ۽ استاد جديد اسڪولي نظام، جديد سهولتن وارن ڪلاسن، ڪمپيوٽر ۽ سائنس ليب، صحت ڪمرو ۽ لائبريري مان فائدو حاصل ڪري سگهندا. ان اسڪول جي تعمير يو ايس ايڊ جي سنڌ بيسڪ ايجوڪيشن پروگرام هيٺ ڪئي وئي آهي جنهن تحت سنڌ جي 10 ضلعن ۾ 106اسڪول تعمير ڪيا پيا وڃن.
آمريڪي ناظم الامور ليزلي وگري ۽ سنڌ جي تعليم واري وزير سعيد غني افتتاحي تقريب ۾ شرڪت ڪئي.
ان موقعي تي ڳالهائيندي آمريڪي ناظم الامور چيو، “اسان جو ايمان آهي ته ملڪن توڙي فردن جي حقيقي ۽ پائيدار ترقي تعليم سان ئي ممڪن آهي.جيڪو اسانجو جو اهو گڏيل يقين پڻ آهي ۽ ان ڪري ئي اسان پرائمري کان ماسٽرس درجي تائين تعليم جي ميدان ۾ سهڪار وڌائڻ وارو عزم ورجائيندا رهون ٿا ته جيئن ان گڏيل مقصد کي ساڀيان ڪري سگهجي.”
ان موقعي تي سنڌ جي تعليم واري وزير سعيد غني يو ايس ايڊ ۽ صوبي وچ ۾ سالن کان ھلندڙپائيدار ڀائيواري تحت سنڌ صوبي جي تعليم ۾ جديد لاڙا متعارف ڪرائڻ تي آمريڪي حڪومت جي سهڪار جي واکاڻ ڪئي. يو ايس ايڊ، سنڌ بيسڪ ايجوڪيشن پروگرام هيٺ اسڪولن جي تعمير جي مد ۾ 25 ارب پاڪستاني روپين (159.2 ملين امريڪي ڊالر) جي سيڙپ ڪري چڪو آهي. ڪوٺايل تقريب ۾ قائم مقام قونصل جنرل جئڪ هلمايئر ۽ يو ايس ايڊ جي سنڌ ۽ بلوچستان جي ڊائريڪٽر جيمز پيريز سميت مقامي اڳواڻن، مختلف برادرين جي ترجمانن، استادن، شاگردن ۽ والدين شرڪت ڪئي.
يو ايس ايڊ جي مختلف پروگرامن بابت وڌيڪ معلومات حاصل ڪرڻ لاءِ مهرباني ڪري www.usaid.gov/Pakistan ڏسو.
###