13 سيپٽمبر 2021
رابطو: برٽني اسٽورٽ
فون: 021 3527 5000
فوري طور جاري ڪرڻ لاءِ
آمريڪا پاران سنڌ لاءِ فائزر ويڪسين جي 3 لک ويھ هزار خوراڪن جو عطيو
ڪراچي (13 سيپٽمبر 2021) – آمريڪي قونصل جنرل مارڪ اسٽرو ۽ سنڌ جي صحت ۽ بهبود آبادي واري وزير عذرا پيچوهو آمريڪا پاران ڪوويڪس جي سهولت ذريعي سنڌي عوام لاءِ موڪليل فائزر ويڪسين جي وڌيڪ 3 لک 20 هزار 5 سئو 80 اسي خوراڪن جو عطيو وصول ڪيو. اهي ويڪسينون انهن 66 لک خوراڪن جو حصو آهن جيڪي آمريڪا پاڪستان ڏانهن اُماڻيون آهن. اها ويڪسينن جي چوٿين قسط آهي جنهن سان پاڪستان کي ملندڙ ويڪسين جو انگ هڪ ڪروڙ 6 لک ٿي ويو آهي.
ڪراچي ۾ قائم سنڌ سرڪار جي الٽرا ڪولڊ چين سهولت ۾ ويڪسين سنڌ سرڪار حوالي ڪرڻ واري هڪ تقريب کي خطاب ڪندي قونصل جنرل مارڪ اسٽرو چيو ته، “مونکي آمريڪي عوام جي نمائندگي ڪندي ڪووڊ-19 کي شڪست ڏيڻ لاءِ پاڪستاني عوام سان گڏجي ڪم ڪرڻ تي فخر آهي. اسان اهو عطيو پاڪستاني عوام جون زندگيون بچائڻ ۽ ان وبا کي ختم ڪرڻ لاءِ ڏئي رهيا آهيون. اسان گڏجي اهڙي دنيا جي تعمير جاري رکنداسين جنهن ۾ اسان جي عوام وچڙندڙ بيمارين جي خطري کان محفوظ رھي سگھي.”
آمريڪا ڪرونا کي روڪڻ جي مد ۾ حڪومت پاڪستان کي ساڍا پنج ڪروڙ ڊالرن کان وڌيڪ سهائتا مهيا ڪئي آهي جنهن ۾ سنڌ ۾ مريضن جي سارسنڀال لاءِ 52 وينٽيليٽر، ذاتي حفاظتي لباس ۽ آڪسيميٽر پڻ شامل آهن. ڪرونا وبا جي شروع ٿيڻ کان وٺي هن وقت تائين آمريڪا هن بيماري جي وچڙڻ ۽ روڪٿام ۽ مريضن جي سارسنڀال بهتر بنائڻ ليبارٽري ٽيسٽنگ جو دائرو وسيع ڪرڻ، بيمارين جي نگراني ڪرڻ ۽ سڀني ضلعن ۾ بيماري جي ڪيسن تي نظر رکڻ ۽ پهرين صف ۾ ڪم ڪرڻ وارن صحت ڪارڪنن جي مدد لاءِ پاڪستان سان ڪُلهو ڪُلهي ۾ ملائي ڪم ڪندو رھيو آهي.
ڪووڊ-19 کي منهن ڏيڻ لاءِ آمريڪي حڪومت جي ڪوششن جي باري ۾ وڌيڪ معلوم ڪرڻ لاءِ مهرباني ڪري هي ويبسائٽ ڏسو: https://www.state.gov/covid-19-recovery ۽ https://www.usaid.gov/coronavirus-covid-19.
###