16 نومبر 2020
رابطو: برٽني اسٽورٽ
فون: 021-3527-5000
فوري طور جاري ڪرڻ لاءِ
آمريڪا ۽ سنڌ حڪومت جي گڏيل سھڪار سان ڪراچي ۾ هڪ جديد سهولتن وارو اسڪول قائم
ڪراچي: آمريڪي اداري يو ايس ايڊ ۽ سنڌ حڪومت وچ ۾ تعليم جي ميدان ۾ ڳچ عرصي کان قائم ڀائيواري هيٺ ڪراچي جي ڀينس ڪالوني ۾ هڪ جديد اسڪول کولي اتان جي ٻارڙن کي معياري تعليم جاري رکڻ جو موقعو ڏنو ويو آهي.
ان ڏس ۾ سومر ڏهاڙي گورنمينٽ سيڪنڊري اسڪول ڀينس ڪالوني، بن قاسم ٽائون ۾ يو ايس ايڊ جي سنڌ ۽ بلوچستان جي ڊائريڪٽر جيمز پيريز ۽ عورتن جي ترقي واري صوبائي وزير سيده شهلا رضا افتتاحي تقريب ۾ شرڪت ڪئي.
تقريب ۾ يو ايس ايڊ جي ڊائريڪٽر جيمز پيريز يو ايس ايڊ ۽ سنڌ حڪومت جي وچ قائم ڀائيواري جي واکاڻ ڪئي جنهن جي ڪري صوبي ۾ معياري تعليم کي هٿي ملي آهي. ”اسان کي نه رڳو ان ڳالهه جي خوشي آهي ته اسان جديد تعليمي نظام وارا اسڪول کولي رهيا آهيون پر ان ڳالهه تي به فخر آهي ته ان عمل سان آمريڪا ۽ سنڌ حڪومت جي گڏيل معياري تعليم واري روايت کي پڻ هٿي ملي رھي آھي .“
ڄاڻايل اسڪول سنڌ حڪومت جي تعاون سان يو ايس ايڊ جي 25 ارب پاڪستاني روپين (159.2 ملين آمريڪي ڊالر) واري سنڌ بيسڪ ايجوڪيشن پروگرام هيٺ تعمير ڪيو ويو آهي. ان اسڪول جو انتظام سماجي تنظيم هينڊز پبلڪ پرائيوٽ پارٽنرشپ هيٺ سنڀاليندي ۽ اتي 320 ڇوڪريون ۽ ڇوڪرا تعليم پرائي سگهندا. آمريڪي حڪومت سنڌ جي پٺتي پيل آبادين جي 70 هزار ٻارڙن کي تعليم جون جديد سهولتون مهيا ڪرڻ لاءِ صوبي جي 10 ضلعن ۾ 106 جديد اسڪولي عمارتون تعمير ڪري رهي آهي.
هن پروگرام جو مقصد سنڌ ۾ پرائمري، مڊل ۽ سيڪنڊري سرڪاري اسڪولن ۾ داخلا وڌائڻ ۽ برقرار رکڻ آهي. اسڪول تعمير ڪرڻ سان گڏوگڏ SBEP صوبائي حڪومت جي تعليمي سڌارن، ماڻهن ۾ سجاڳي پيدا ڪرڻ، پبلڪ پرائيوٽ پارٽنرشپ ۽ شاگردن جي پڙهڻ جي اهليت کي بهتر بڻائڻ وارن قدمن جي پڻ سهائتا ڪري ٿو.
###