16 نومبر 2021
رابطو: پبلڪ افيئرز سيڪشن
فوري طور جاري ڪرڻ لاءِ
آمريڪا ۽ سنڌ حڪومت پاران گڏيل طور ڪراچي ۾ 77هين نئين اسڪول بلڊنگ جو افتتاح
ڪراچي – آمريڪي قونصل جنرل مارڪ اسٽرو ۽ سنڌ جي تعليم واري وزير سيد سردار علي شاھ اڄ ڪراچي ۾ هڪ هاءِ اسڪول جي نئين عمارت جو افتتاح ڪيو جيڪا يو ايس ايڊ جي مالي سهائتا سان هلندڙ سنڌ بيسڪ ايجوڪيشن پروگرام (ايس بي اي پي) ذريعي تعمير ڪئي وئي آهي. ان پروگرام هيٺ ملير ۾ تعمير ٿيڻ واري ان 77هين نئين اسڪول، گورنمنٽ هاءِ اسڪول سنڌي جماعت ڪوآپريٽو هائوسنگ سوسائٽي، بن قاسم ٽائون ۾ شاگردن ۽ استادن لاءِ جديد ترين ڪلاس روم، ڪمپيوٽر ۽ سائنس ليب، صحت ڪمرو ۽ لائيبريري به مهيا ڪئي وئي آهي.
قونصل جنرل اسٽرو جو چوڻ هو ته ”اسان کي يقين آهي ته سڀني ملڪن توڙي فردن جي حقيقي ۽ پائيدار ترقي تعليم سان ئي شروع ٿيندي آهي. آمريڪا ۽ پاڪستان جو ان ڳالھ تي گڏيل ايمان آهي ۽ اسان ان مقصد کي اڳتي وڌائڻ لاءِ تعليم ۾ پنهنجو سهڪار وڌائڻ لاءِ پرعزم آهيون.ـ
يو ايس ايڊ جو سنڌ بيسڪ ايجوڪيشن پروگرام (ايس بي اي پي) 159.2 ملين ڊالر جو عطيو آهي جنهن جو مقصد سنڌ سرڪار جي سهڪار سان صوبي جي 10 ضلعن ۾ 106 اسڪول تعمير ڪري سرڪاري اسڪولن ۾ تعليم تائين رسائي ۽ معيار کي بهتر بنائڻ آهي. سنڌ سرڪار جي اسڪول ايجوڪيشن اينڊ لٽريسي ڊپارٽمنٽ لاڳت ۾ ڀائيوار هجڻ جي ناتي هڪ ڪروڙ ڊالر جو حصو ڏئي رهي آهي.
ڄاڻايل تقريب ۾ يو ايس ايڊ جي ڊپٽي مشن ڊائريڪٽر ڊيوڊ ينگ، سنڌ ۽ بلوچستان جي ڊائريڪٽر اينڊريو ريبولڊ سنڌ جي سيڪريٽري تعليم غلام اڪبر لغاري سميت ڪميونٽي جي اڳواڻن، استادن، شاگرن ۽ والدين سان گڏجي شرڪت ڪئي.
سنڌ جي تعليم واري وزير سيد سردار علي شاھ، يو ايس ايڊ سان سهڪار هيٺ سنڌ ۾ تعليم کي جديد بنائڻ تي آمريڪي حڪومت جي تعاون جي آجيان ڪئي. ايس بي اي پي ذريعي يو ايس ايڊ سنڌ صوبي ۾ اسڪولن جي تعمير لاء 15 ڪروڙ 92 لک ڊالر (25 ارب روپيا) خرچ ڪري چڪو آهي.
ايس بي اي پي 2010 واري ٻوڏ ۾ تباھ ٿيل اسڪولن جي نئين سر اڏاوت ڪرڻ سميت سنڌ سرڪار پاران موجوده اسڪولن کي ضم ڪرڻ، مضبوط ڪرڻ ۽ اپگريڊ ڪرڻ واري پاليسي جي حمايت ڪندي انهن جي نئين سر اڏاوت پڻ ڪئي آهي. هن رٿا جي مڪمل ٿيڻ تائين ايس بي اي پي سنڌ جي هيٺ دادو، جيڪب آباد، ڪراچي ملير، ڪراچي ڏکڻ، ڪراچي اوڀر، ڪشمور، خيرپور، لاڙڪاڻو، قمبر-شهدادڪوٽ ۽ سکر ضلعن ۾ 106 جديد ترين اسڪول تعمير ڪري چڪو هوندو.
ايس بي اي پي نياڻين جي داخلا وڌائڻ، سکڻ جي ماحول ۽ شروعاتي ڪلاسن ۾ پڙهڻ جو عمل بهتر بنائڻ ۽ سنڌ سرڪار کي ٽيڪنيڪل سهائتا فراهم ڪرڻ سميت ماڻهن ۾ سجاڳي ڦهلائڻ جو ڪم پڻ سرانجام ڏيندي آهي. ايس بي اي پي جي 106 اسڪولن ۾ 80 هزار ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون تعليم حاصل ڪري رھيا آھن. انهن اسڪولن جو ڪاروهنوار خانگي شعبي جي تعليمي انتظامي تنظيمون يا اي ايم اوز هلائي رهيون آهن. سنڌ سرڪار ۽ 10 اي ايم اوز وچ ۾ پبلڪ پرائيوٽ پارٽنرشپ معاهدن تي صحيحون ڪيون ويون آهن جنهن هيٺ اهي 10 اي ايم اوز 171 سرڪاري اسڪولن جو انتظام سنڀالينديون جن ۾ 81 اسڪولن کي يو ايس ايڊ جي مالي سهائتا مليل آهي. انهن ۾ گورنمنٽ هاءِ اسڪول سنڌي جماعت ڪوآپريٽو هائوسنگ سوسائٽي به شامل آهي جنهن جو انتظام سنڌ مدرسۃ الاسلام بورڊ نالي اي ايم او هلائيندي.
يو ايس ايڊ جي پروگرام بابت وڌيڪ معومات لاءِ مهرباني ڪري هيءَ ويبسائٽ ڏسو: www.usaid.gov/Pakistan
###