آمريڪا ۽ سنڌ سرڪار جي گڏيل سھڪار سان قمبر شهدادڪوٽ ۾ جديد سهولتن وارو اسڪول قائم

27مئي 2021
رابطو: برٽني اسٽورٽ
فون: 021 3527 5000

فوري طور جاري ڪرڻ لاءِ

قمبر شهدادڪوٽ جا شاگرد آمريڪا ۽ سنڌ سرڪار جي گڏيل سھڪار سان جوڙيل جديد سهولتن واري اسڪول مان لاڀ حاصل ڪندا

ڪراچي: آمريڪي اداري يو ايس ايڊ جي سنڌ ۽ بلوچستان جي ڊائريڪٽر جيمز پيريز ۽ سنڌ جي تعليم ۽ خواندگي، محنت ۽ انساني وسيلن واري وزير سعيد غني نصيرآباد ۾ تازي تعمير ٿيل اسڪول جو اڄ افتتاح ڪيو. لڳ ڀڳ هڪ هزار مقامي شاگرد يو ايس ايڊ جي سھڪار سان قائم ڪيل جديد اسڪولي نظام، جديد سهولتن وارن ڪلاسن، ڪمپيوٽر ۽ سائنس ليب، صحت ڪمرو ۽ لائبريري مان فائدو حاصل ڪري سگهندا.

ان موقعي تي ڳالهائيندي جيمز پيريز چيو ته “آمريڪي حڪومت ۽ سنڌ سرڪار وچ ۾ قائم ڪيل ڀائيواري تمام سٺا نتيجا ڏئي رهي آهي ۽ صوبي جي سرڪاري اسڪولن جي تعليم ۾ بهتري اچي رهي آهي. يو ايس ايڊ جو سنڌ بيسڪ ايجوڪيشن پروگرام (SBEP) ٻارڙن ۽ خاص طور تي نياڻين لاءِ پڙهائي جي معيار کي بهتر بنائڻ ۽ کين سکيا جا محفوظ ۽ مربوط موقعا مهيا ڪرڻ لاءِ خانگي شعبي سان گڏجي ڪم ڪري رهيو آهي.”

ان موقعي تي تعليم جي صوبائي وزير سعيد غني يو ايس ايڊ جي ذريعي سنڌ صوبي جي تعليم ۾ جديد لاڙا متعارف ڪرائڻ تي آمريڪي حڪومت جي سهڪار جي واکاڻ ڪئي. ڪوٺايل تقريب ۾ تعليم کاتي جي سيڪريٽري احمد بخش ناريجو سميت مقامي اڳواڻ، مختلف برادرين جا ترجمان، استاد، شاگرد ۽ والدين پڻ شرڪت ڪئي.

يو ايس ايڊ جي ذريعي آمريڪي حڪومت سنڌ صوبي ۾ تعليم جو معيار ۽ رسائي بهتر بنائڻ لاءِ 25 ارب پاڪستاني روپين (159.2 ملين امريڪي ڊالر) واري سنڌ بيسڪ ايجوڪيشن پروگرام کي فنڊ ڪري پئي. ان پروگرام ۾ سنڌ جي ڏهن ضلعن، دادو، جيڪب آباد، قمبر شهدادڪوٽ، ڪراچي ملير، ڪراچي ڏکڻ، ڪراچي اولھ، ڪشمور، خيرپور، لاڙڪاڻو ۽ سکر، ۾ 106 جديد اسڪولي عمارتون قائم ڪيون وينديون جن مان 74 اسڪول هن وقت تائين تعمير ٿي چڪا آهن.

يو ايس ايڊ جي مختلف پروگرامن بابت وڌيڪ معلومات حاصل ڪرڻ لاءِ مهرباني ڪري www.usaid.gov/Pakistan ڏسو.
###