3 فيبروري 2020
رابطو: سڊني سمِٿ
فون: 021 3527 5000
فوري طور جاري ڪرڻ لاءِ
آمريڪا ۽ سنڌ سرڪار پاران جيڪب آباد شهر ۾ پيئڻ جي پاڻي ۽ نيڪال جو سرشتو بهتر بنائڻ لاءِ 40 ملين ڊالر واري رٿا تي عمل درآمد لاءِ صحيحون
ڪراچي – يو ايس ايڊ جي مدد سان هلندڙ سنڌ ميونسپل سروس پروگرام (MSP) تحت جيڪب آباد جا شهري پيئڻ جي صاف پاڻي ۽ نيڪال جي بهتر سرشتي مان لاڀ حاصل ڪري سگهندا.
يو ايس ايڊ جي مشن ڊائريڪٽر جولي ڪونن ۽ سنڌ پلاننگ اينڊ ڊويلپمينٽ بورڊ جي چيئرمين محمد وسيم جيڪب آباد جي نيڪال جي سرشتي جي بهتري ۽ بحالي لاءِ 40 ملين ڊالر واري رٿا تي عمل درآمد ڪرڻ لاءِ دستاويز تي صحيحون ڪيون.
سنڌ ميونسپل سروس پروگرام، جيڪب آباد جي ٽي لک رهائشين کي صاف پاڻي جي سهولت ڏيڻ سان گڏوگڏ نيڪال، صفائي سٿرائي ۽ ڪچرو ٺڪاڻي لڳائڻ وارو نظام بهتر بنائڻ ۾ پڻ مدد ڪندو.
ان ڏس ۾ سنڌ جي وڏي وزير جي رهائشگاهه تي هڪ تقريب رٿي وئي جنهن ۾ وڏي وزير سيد مراد علي شاهه، قائم مقام امريڪي قونصل جنرل جيڪ هلميئر ۽ يو ايس ايڊ جي ڊپٽي مشن ڊائريڪٽر ڪلي ايپرسن پڻ شرڪت ڪئي. سڀني معزز شخصيتن سنڌ جي عوام جي ڀلائي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جو عزم ورجايو.
يو ايس ايڊ جي مختلف پروگرامن بابت وڌيڪ معلومات حاصل ڪرڻ لاءِ مهرباني ڪري www.usaid.gov/Pakistan ڏسو.