8 مارچ 2021
رابطو: برٽني اسٽيورٽ
فون: 021 3527 5000
فوري طور جاري ڪرڻ لاءِ
آمريڪا ۽ هائير ايجوڪيشن ڪميشن پاڪستان پاران گڏيل طور عورتن جو عالمي ڏهاڙو ملهايو ويو
ڪراچي: پاڪستان ۾ آمريڪي مشن ۽ پاڪستان جي هائير ايجوڪيشن ڪميشن (HEC) گڏيل طور يو ايس ايڊ جي ‘ضرورت ۽ قابليت تي ٻڌل اسڪالرشپ پروگرام (MNBSP)’ هيٺ وظيفو حاصل ڪندڙ نياڻين سان گڏجي عورتن جو عالمي ڏهاڙو ملهايو.
يو ايس ايڊ جي سنڌ ۽ بلوچستان جي ڊائريڪٽر جيمز پيريز ۽ HEC جي ايگزيڪيوٽِو ڊائريڪٽر ڊاڪٽر شائسته سهيل، يو ايس ايڊ جي ڄاڻايل اسڪالرشپ جي ڪاميابي جي آجيان ڪندي چيو ته، ”ان سبب معاشي طور تي پٺتي پيل علائقن سان تعلق رکندڙ ڇوڪرين کي اعلى تعليم حاصل ڪرڻ جا موقعا مليا آهن.“
ان موقعي تي يو ايس ايڊ جي جيمز پيريز ڳالهائيندي چيو ته ”ڪو به سماج تيستائين ترقي نٿو ڪري سگهي جيستائين اهو عورتن ۽ مردن کي برابري جي بنيادن تي موقعا، وسيلا ۽ زندگي ۾ اڳتي وڌڻ جا ذريعا نٿو ڏئي جن سان هو پنهنجون زندگيون سنوارڻ سميت پنهنجي خاندان ۽ برادري لاءِ ڪجهه ڪري سگهن. اسان کي سرهائي محسوس پئي ٿئي ته اسان پنهنجي ضرورت ۽ قابليت جي بنياد تي ملندڙ اسڪالرشپ واري پروگرام هيٺ اعلى تعليم جي اداري سان ڀائيواري ڪري تعليم ۾ عورتن لاءِ موجود وِٿيءَ کي گهٽايو آهي.“
ڊاڪٽر شائسته سهيل مڃتا ڏيندي چيو ته ، “يو ايس ايڊ اهو اسڪالرشپ پروگرام شروع ڪري قابل ڇوڪرين لاءِ اعلى تعليم ڏانهن نوان رستا کولي ڏيڻ بابت ھڪ واکاڻ جوڳو قدم کنيو آھي.”
ان موقعي تي، سکر آئي بي اَي، سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام، آئي بي اي ڪراچي ۽ مهراڻ يونيورسٽي ڄامشورو جا اِنھي اسڪالرشپ ذريعي فارغ التحصيل شاگرد (المنائي) پڻ موجود هئا جن حاضرين سان پنهنجا پنهنجا تجربا پڻ ونڊيا ۽ يو ايس ايڊ کي ساراهيندي چيو ته ان (يو ايس ايڊ) هنن سميت ٻين ڪيترن ئي شاگردن کي هڪ روشن ۽ ڪامياب مستقبل جو گَسَ ڏنو آهي.
يو ايس ايڊ پنهنجي MNBSP پروگرام هيٺ 2004 کان وٺي قابل پر معاشي طور پٺتي پيل شاگردن کي وظيفا ڏئي HEC جي انهن ڪوششن کي هٿي ڏياريندي پئي اچي جن پٽاندڙ اھا ڪميشن پاڪستان جي يونيورسٽين ۾ برابري جي بنياد تي اعلى تعليم مهيا ڪندي رھي ٿي. ملاله اسڪالرشپ ايڪٽ 2013 هيٺ 50 سيڪڙو وظيفا قابل عورتن لاءِ مخصوص ڪيا ويا آھن. ان تحت وظيفن جو تعداد وڌائي 3500 ڪيو ويو آھي. جن شعبن ۾ وظيفا ڏنا وڃن ٿا انهن ۾ پوري پاڪستان جي 30 سرڪاري ۽ خانگي تعليمي ادارن جا زراعت، انجنيئرنگ، طب ۽ سوشل سائنس جا شعبا شامل آهن.
يو ايس ايڊ جي پروگرامن بابت وڌيڪ معلوم ڪرڻ لاءِ مهرباني ڪري www.usaid.gov/Pakistan ڏسو.
###