آمريڪا ۽ پاڪستان ۾ اقتصادي ۽ واپاري لاڳاپا وڌيڪ سگهارا بڻائڻ لاءِ آمريڪي سفير ڊونلڊ بلوم طرفان ڪراچي جو غيرمعمولي دورو

Ambassador Donald Blome strikes the opening gong at the Pakistan Stock Exchange

 

ڪراچي (15 جون، 2022) آمريڪي سفير ڊونلڊ بلوم 14 کان 15 جون تائين ڪراچي جو دورو ڪيو ، جنهن جو مقصد آمريڪا ۽ پاڪستان ۾ لاڳاپا وڌائڻ ۽ واپاري توڙي اقتصادي ڀائيواري کي وڌيڪ سگهارو بڻائڻ هو. اُن موقعي تي سفير ڊونلڊ بلوم جون واپاري سربراهن، سيڙپڪارن، آمريڪي بزنس ڪائونس، پاڪستان بزنس ڪائونسل، توانائي ۽ ٽيڪسٽائيل جي شعبن جي عملدارن سوڌو بزنس رپورٽرز سان پڻ ملاقاتون ٿيون.

آمريڪي سفير بلوم پنهنجا ويچار ونڊيندي چيو ته “انيڪ صلاحيتن ۽ گوناگونيت سان ڀرپور ڪراچي جو دورو ڪرڻ تي تمام گهڻي خوشي ٿي، خواهش آهي ته اهڙن دورن جو سلسلو جاري  رهي، ته جيئن آمريڪا ۽ پاڪستان ۾ واپار، سيڙپڪاري، تعليم، توانائي، صحت ۽ سيڪيورٽي سوڌو ٻين شعبن ۾ حصيداري کي وڌائڻ جا موقعا ملن.”

آمريڪي سفير بلوم جي ڪراچي واري دوري جو نمايان حصو پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج (پي ايس ايڪس) ۾ پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج جي چيئرپرسن ڊاڪٽر شمشاد اختر، مينيجنگ ڊائريڪٽر فرخ خان ۽ اسٽاڪ ايڪسچينج جي فهرست ۾ شامل آمريڪي ڪنپين جي نمائندن سان گڏجي گهنڊ وڄائي تقريب جو افتتاح ڪيو. تقريب ۾ ڳالهائيندي سفير بلوم چيو ته “پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج جو دورو ۽ هن تقريب جو افتتاح ڪرڻ مون لاءِ فخر جوڳي ڳالهه آهي. هي دورو پاڪستان سان مضبوط اقتصادي ڀائيواري ۽ ٻطرفن لاڳاپن کي هٿي ڏيڻ لاءِ امريڪا جي عزم جي نشاندهي ڪري ٿو.”

آمريڪي سفير صنعتي سربراهن، آمريڪي بزنس ڪائونسل ۽ پاڪستان بزنس ڪائونسل سان ملاقاتن ۾ اِن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ته پاڪستان ۽ آمريڪا پائيدار اقتصادي ترقي لاءِ ٻنهي ملڪن جي عوام کي ڪهڙي ريت وڌ کان وڌ سهولتون مهيا ڪري سگهن ٿا. هُن پاڪستان کي توانائي جي فراهمي وڌائڻ لاءِ آمريڪي حڪومت، آمريڪي ڪمپنين ۽ اُنهن جي مقامي ڀائيوارن جي خدمتن بابت توانائي شعبي جي سربراهن سان پڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي. اُن کانسواءِ آمريڪي سفير طرفان ٽيڪسٽائيل ۽ ڪپڙي جي صنعتڪارن سان ملاقاتن دوران آمريڪا ۽ پاڪستان جي نمايان شعبن ۾ واپار جي موقعن تي به ويچارن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.

آمريڪي سفير بلوم جو چوڻ هو ته آمريڪا ۽ پاڪستان ٻطرفي ڀائيواري کي 75 سال پورا ٿيڻ جي خوشي ملهائي رهيا آهن، خواهش اٿئون ته اسان جا سگهارا اقتصادي لاڳاپا اڳتي وڌن ۽ مرڪزي سطح تي پهچن. سال 2021ع ۾ ٻطرفو واپار 9 ارب ڊالرز تائين پهچڻ جي نشاندهي ڪندي هُن چيو ته “اِن سان ظاهر ٿئي ٿو ته اسان جا لاڳاپا وسيع ۽ پهرين کان وڌيڪ اهميت اختيار ڪري ويا آهن.” آمريڪا پاڪستان لاءِ سڀ کان وڏي ايڪسپورٽ مارڪيٽ ۽ پرڏيهي سيڙپڪاري جي حيثيت رکي ٿو. آمريڪي ڪمپنيون ۽ اُنهن جا ڀائيوار پاڪستان ۾ وڌ کان وڌ نوڪريون ڏيڻ جي وسيلن ۾ شمار ٿين ٿا، جڏهن ته اٽڪل 80 آمريڪي ڪمپنين طرفان هڪ لک 20 هزار کان وڌيڪ پاڪستانين کي سڌي ريت نوڪريون به مليون آھن .

آمريڪي سفير بلوم آمريڪا ۽ پاڪستان جي مستحڪم، محفوظ ۽ خوشحال مستقبل لاءِ ٻنهي ملڪن ۾ عوامي سطح تي لاڳاپا وڌائڻ جو عزم ورجايو. هُن خواهش ظاهر ڪئي ته مستقبل ۾ حڪومت پاڪستان کي سفارتي ڪاغذ جمع ڪرائڻ کانپوء، ھو ڪراچي اچي حڪومتي عملدارن سان ملاقاتون ڪندو ۽ پاڪستان جي باني قائد اعظم محمد علي جناح جي مزار تي حاضري ڀريندو ، ته جيئن ٻنهي ملڪن جي عوام ۾ گڏيل ڀائيواري جاري رکڻ لاءِ بُنياد مهيا ٿي سگهن.