آمريڪي بحري جهاز جي پاڪستاني ۽ جرمن بحريه سان گڏيل مشق

7 سيپٽمبر 2021
رابطو: برٽني اسٽورٽ
فون: 021 3527 5000
فوري طور جاري ڪرڻ لاءِ

آمريڪي بحري جهاز جي پاڪستاني ۽ جرمن بحريه سان گڏيل مشق

عربي سمنڊ (7 سيپٽمبر 2021) – آمريڪي، پاڪستاني ۽ جرمن بحريه گڏجي ٽنهي ملڪن وچ ۾ سهڪار کي هٿي وٺرائڻ ۽ امن امان کي يقيني بنائڻ واري گڏيل مقصد کي اڳتي وڌائڻ لاءِ عربي سمنڊ ۾ ٽه ملڪي پاسنگ مشقن ۾ حصو ورتو. آمريڪي شيلو سميت ٻين ساٿي ملڪن جي بحري جهازن گڏيل سهڪار کي فروغ ڏيڻ، بحري علم ونڊڻ ۽ سمنڊ سان لاڳاپيل معلومات کي بهتر بنائڻ لاءِ گڏيل طور ڪم ڪيو. اها سکيا پاڪستان ۽ آمريڪا وچ ۾ اهم لاڳاپي کي ويتر مضبوط بنائڻ لاءِ 7 سيپٽمبر تي ٻه طرفي سکيا جي ٻئين ڏينهن تائين جاري رکي وئي.

آمريڪي قونصل جنرل مارڪ اسٽرو تقريب جي هيلي ڪاپٽر جي ڪراس ڊيڪ لينڊنگ لاءِ گوادر ۾ قائم پاڪستان نيوي ويسٽرن ڪمانڊ جي ڪمانڊر ريئر ايڊمرل جواد احمد ۽ اسٽرائيڪ گروپ جي ڪمانڊنگ آفيسر آمريڪي ريئر ايڊمرل ول پيننگٽن سان گڏجي شيلو ۾ سوار ٿيا.

ان موقعي تي ڳالھائيندي آمريڪي قونصل جنرل مارڪ اسٽرو چيو ته “مونکي اڄ جي بحري مشق ڏسي فخر محسوس پيو ٿئي جنهن ۾ اسان جي ويجهن ساٿين پاڪستان ۽ جرمني پڻ شرڪت ڪئي. آمريڪا ۽ پاڪستان هڪ پُر امن، مضبوط ۽ خوشحال ڏکڻ ايشيا جي لاءِ ڪيترن ئي ڏهاڪن کان هڪ ٻئي سان سهڪار ڪندا پيا اچن. اسان جا پائيدار عسڪري لاڳاپا، جن جو عملي مظاهرو هنن مشقن دوران ڪيو ويو، آمريڪا ۽ پاڪستان جي لاڳاپن کي مضبوط ڪرڻ سميت اسان جي عوام جي خوشحالي ۽ سلامتي جي پڻ پڪ ڪرائن ٿا.”

مشق ۾ يو ايس ايس شيلو سان گڏ پاڪستان بحريه جي پي اين ايس عالمگير ۽ جرمن بحريه جي ايف جي ايس بائرن پڻ شرڪت ڪئي. ان قسم جي سکيا وارن مشقن ذريعي جهاز راني جي آزادي ۽ سامان جي ترسيل کي سامونڊي رستن تي محفوظ بنائڻ ۾ مدد ملي ٿي جيڪي خطي جي معاشي خوشحالي، خاص ڪري ڪراچي ۽ گوادر جهڙن بندرگاهن تي اڏيل شهرن لاءِ تمام گهڻو اهميت رکن ٿا.

ريئر ايڊمرل ول پيننگٽن چيو “اڄ جون گڏيل ملٽي ڊومين ڪارروايون بين الاقوامي قاعدن تي ٻڌل نظام جي امن ۽ مضبوطي کي يقيني بنائڻ واري گڏيل مقصد کي اڳتي وڌائڻ جو عملي مظاهرو آھن. آمريڪا پاڪستان سان گڏجي اسان جي ٻه طرفي لاڳاپن کي تمام گهڻي اهميت ڏئي ٿو ۽ اسان اوهان جي ملڪ پاران گذريل مهيني وارين ڪاررواين دوران ڪيل سهڪار تي اوهان جا ٿورائتا آهيون.”

خطي جي امن امان کي قائم رکڻ لاءِ آمريڪا ۽ پاڪستان جي ڀائيواري واري آپريشنز جي ڪامياب عملي مظاهري کانپوءِ پاڪستان نيوي جي ريئر ايڊمرل جواد احمد اهو به چيو ته “ان قسم جي مشقن سان ٻنھي ملڪن وچ ۾ قائم تعلق وڌيڪ مضبوط ٿيندا آهن.”

يو ايس ايس شيلو، رونالڊ ريگن ڪيريئر اسٽرائيڪ گروپ جو حصو آهي ۽ ان کي وچين خطي ۾ بحري امن مان ۽ سلامتي کي يقيني بنائڻ لاءِ بحري ڪارروايون ڪرڻ لاءِ آمريڪي پنجين ٻيڙي تي تعينات ڪيو ويو آهي جيڪو هندي سمنڊ ذريعي ڀونوچ سمنڊ کي پئسفڪ وڏي سمنڊ سان ملائي ٿو.

###