9 جون 2021
رابطو: برٽني اسٽورٽ
فون: 021 3527 5000
فوري طور جاري ڪرڻ لاءِ
آمريڪي بحري جهاز يو ايس ايس مانٽري جو ڪراچي جو دورو
ڪراچي (9 جون 2021): آئيزن هاور ڪيريئر اسٽرائيڪ گروپ (IKE CSG)سان ليس گائيڊڊ ميزائيل کڻي هلڻ واري آمريڪي يو ايس ايس مانٽري (CG 61) جون جي 7 کان 9 تاريخ تائين ڪراچي ۾ بندرگاھ جو طلب ۽ رسد (sustainment and logistics) متعلق اڳواٽ طئي ٿيل دورو ڪيو.
آمريڪي سفارتخاني جا ناظم الامور ليزلي وگري، جيڪي پاڻ به ڪراچي جي دوري تي آيل آهن، جهاز تي اچي عملي سان ملاقات ڪئي.
ان موقعي تي آمريڪي ناظم الامور جو چوڻ هيو ته “آمريڪا ۽ پاڪستان جي فوجن وچ ۾ مضبوط ۽ پائيدار لاڳاپا آهن. عملي جي پاڻ ۾ مٽاسٽا ۽ گڏيل فوجي مشقن وسيلي اسان گڏجي دنيا جي اهم ترين سامونڊي رستن جي حفاظت ڪرڻ سميت قذاقن سان مقابلو ڪرڻ ۽ دهشتگردي کي منهن ڏيڻ جهڙا ڪم سرانجام ڏئي رهيا آهيون. هڪٻئيجي مدد ڪري ا سان ڏکڻ ايشيا کي هڪ پُرامن، مضبوط ۽ خوشحال خطو بڻائي سگهون ٿا.”
مانٽري جي دورو ڪرڻ، جهازي سفر ڪرڻ، تلاشي ۽ سامان ضبط ڪرڻ ۾ مهارت رکندڙ ٽيم انهن موضوعن تي پاڪستاني هم منصبن سان گڏجي واسطيدار ماهرن جي مٽاسٽا ڪري ٻه طرفي سامونڊي حفاظت، پيشيوراڻين صلاحيتن ۽ گڏيل سهڪار کي بهتر بڻايو.
ان موقعي تي ڳالهائيندي مانٽري جي ڪمانڊنگ آفيسر جوزف بيگٽ چيو ته، “مانٽري جو عملو پاڪستان اچڻ تي تمام گهڻو خوش ٿيو. اهو ضروري آهي ته اسان پنهنجي علائقائي ڀائيوارن ۽ اتحادين سان گڏجي ڪم ڪيون ۽ سامونڊي حفاظت ۽ استحڪام قائم رکڻ لاءِ پنهنجي عزم جو ورجاءُ ڪيون.”
آئيزن هاور اسٽرائيڪ گروپ پنهنجي پنجين ٻيڙي سان گڏ علائقائي ڀائيوارن ۽ اتحادين سان گڏجي سکيا ڏيڻ ۾ رُڌل آهي ۽ آپريشن اِنهيرنٽ رزالوَ کي بحري هوابازي ۾مدد فراهم ڪري رهيو آهي.
پنجين ٻيڙي جو دائري ڪار سامونڊي 25 لک هم چورس ميل آهي جنهن ۾ عربي نار، عماني نار، ڳاڙهي سمنڊ سميت هندي سمنڊ جا ڪجھ حصا شامل آهن. ڄاڻايل علائقو 20 ملڪن تي مشتمل آهي ۽ ان ۾ ٽي چوڪ پوائنٽون (Chokepoints) شامل آهن جن کي واپار جي آزاداڻي چرپر جي لحاظ کان تمام گهڻي اهميت حاصل آهي.
ڄاڻايل دوري جي منصوبابندي ۽ عمل ۾ آڻڻ دوران ڪرونا وبا کان بچڻ ۽ ان کي ڦهلجڻ کي روڪڻ لاءِ آمريڪي اداري سينٽر فار ڊزيز ڪنٽرول اينڊ پريوينشن (CDC) ۽ ڊپارٽمنٽ آف ڊفينس (DOD) جي هدايتن ۽ پاڪستان سرڪار پاران مقرر ڪيل اصولن تي سختي سان عمل ڪيو ويو.
###