آمريڪي حڪومت پاران بلوچستان صحت کاتي جي 33 آفيسرن لاءِ جناح سنڌ ميڊيڪل يونيورسٽي ڪراچي ۾ پبلڪ هيلٿ ۾ ماسٽرز ڊگري لاءِ اسڪالرشپ فنڊ جاري

4 آڪٽوبر 2021
فوري طور جاري ڪرڻ لاءِ

آمريڪي حڪومت پاران بلوچستان صحت کاتي جي 33 آفيسرن لاءِ جناح سنڌ ميڊيڪل يونيورسٽي ڪراچي ۾ پبلڪ هيلٿ ۾ ماسٽرز جي ڊگري لاءِ اسڪالرشپ فنڊ جاري ڪيا ويا

ڪراچي: آمريڪي حڪومت جناح سنڌ ميڊيڪل يونيورسٽي ڪراچي ۾ پبلڪ هيلٿ جي ٻن سالن واري ماسٽر آف سائنس ڊگري مڪمل ڪرڻ لاءِ بلوچستان حڪومت جي صحت کاتي سان لاڳاپيل 33 عهديدارن کي وظيفا ڏئي رهي آهي.

آمريڪي قونصل جنرل مارڪ اسٽرو بلوچستان جي صحت کاتي جي انهن وچولي سطح جي صحت عملدارن جو هڪ تقريب دوران استقبال ڪيو. يو ايس ايڊ جي مالي مدد سان هلڻ وارو اهو پروگرام مڪمل ڪرڻ کانپوءِ اهي سکيا ورتل عملدار بلوچستان حڪومت لاءِ ڪرونا وبا سميت عوامي صحت سان لاڳاپيل ٻين مسئلن جو بهتر حل ڪڍڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندا.

ان موقعي تي قونصل جنرل اسٽرو چيوته “هن وبا عوامي صحت کي پيش آيل مسئلن کي منهن ڏيڻ ۾ صوبائي ۽ ضلعي سطح تي صحت کاتي ۾ وچين درجي جي عملدارن کي تيار ڪرڻ جي اهميت کي اجاگر ڪيو آهي. آمريڪا کي بلوچستان جي صحت کاتي سان پنهنجي ڀائيواري تي فخر آهي جنهن سان عوامي صحت سان لاڳاپيل آفيسرن جي پيشيوراڻين صلاحيتون وڌائڻ سميت پاڪستاني عوام جون زندگيون بچائڻ ۾ مدد ملندي.”

اهي وظيفا بلوچستان سميت پوري پاڪستان ۾ عوامي صحت جي مد ۾ آمريڪي حڪومت پاران ڪيل ڪوششن جو حصو آهن. انهن وظيفن کان علاوه يو ايس ايڊ بلوچستان هيلٿ سيڪريٽريئٽ ۾ صوبائي سطح تي بيمارين جي نگراني جا مرڪز، ڪمانڊ اينڊ ڪنٽرول سينٽر ۽ سڄي بلوچستان ۾ ضلعي سطح تي بيمارين جي نگراني جي 33 مرڪزن جي قيام ذريعي وچڙندڙ بيمارين کي منهن ڏيڻ ۾ صحت کاتي جي عملدارن جي مدد ڪري رهي آهي. يو ايس ايڊ پاران صحت کاتي جي عملدارن کي ترت ردعمل، بيمارين جي روڪ ۽ ان تي صابطو آڻڻ، گهر ۾ ٿيندڙ سار سنڀال ۽ ڪرونا جي شديد بيمار مريضن جي آئي سي يو ۾ سارسنڀال ڪرڻ تي پڻ سکيا ڏني وئي آهي.

بلوچستان سرڪار جي پرائمري اينڊ سيڪنڊري هيلٿ جي سيڪريٽري عزيز احمد جمالي يو ايس ايڊ جي مدد جا ٿورا مڃندي چيو ته “اهو سڄي بلوچستان جي صحت کاتي جي عملدارن لاءِ هڪ لاڀائتو موقعو آهي ڇاڪاڻ ته انهن وٽ عام طور تي پنهنجين صلاحيتن ۾ بهتري آڻڻ جا وسيلا نه هئڻ برابر هوندا آهن.” تقريب ۾ وائس چانسلر جناح سنڌ ميڊيڪل يونيورسٽي ۽ ايگزيڪيوٽر ڊائريڪٽر جناح پوسٽ گريجوئيٽ ميڊيڪل ڪاليج ڊاڪٽر شاهد رسول ۽ اي پِي پِي اين اي انسٽيٽيوٽ آف پبلڪ هيلٿ ڪراچي ڊاڪٽر لبنیٰ بیگ پڻ شرڪت ڪئي.

يو ايس ايڊ جي پروگرامن بابت وڌيڪ معلومات لاءِ ڏسو: www.usaid.gov/Pakistan

###