آمريڪي حڪومت پاران پاڪستان جي زرعي شعبي ۾ اقتصادي ترقي کي هٿي وٺرائڻ ڏانهن هڪ ٻي وک

1 ڊسمبر 2021
رابطو: پبلڪ افيئرز سيڪشن

فوري طور تي جاري ڪرڻ لاءِ

آمريڪي حڪومت پاران پاڪستان جي زرعي شعبي ۾ اقتصادي ترقي کي هٿي وٺرائڻ ڏانهن هڪ ٻي وک

ڪراچي – آمريڪي اداري يو ايس ايڊ جي سنڌ ۽ بلوچستان جي ڊائريڪٽر اينڊريو ريبولڊ ۽ سنڌ جي زراعت واري سيڪريٽري پرويز احمد سيهڙ آمريڪي حڪومت جي سهڪار سان هلندڙ پاڪستاني ايگريڪلچر ٽيڪنالاجي ٽرانسفر ايڪٽويٽي (پي اي ٽي ٽي اي) جي اختتامي تقريب ۾ شرڪت ڪئي. هن چئن سالن واري پروگرام وڪري، ۽ پيداواري صلاحيت، ڪارڪردگي ۽ مارڪيٽ سان ڳانڍاپي ۾ بهتري آڻڻ لاءِ تيار ڪيل جديد ٽيڪنالاجيز ذريعي زرعي پيداوار ۾ واضح واڌارو آندو آهي.

ان موقعي تي يو ايس ايڊ جي اڳواڻ اينڊريو ريبولڊ جو چوڻ هو ته “جديد ترين تيڪنالاجي ۾ گڏيل سهڪار، جنهن جو پاڪستاني معيشيت جي بهتري لاءِ آمريڪي عزم جو چٽو مثال آهي، هارين جي نفعي ۾ واڌارو آڻڻ سان گڏ عالمي منڊين تائين پاڪستاني رسائي ۾ پڻ ‌بهتري آڻيندو. پي اي ٽي ٽي اي جديد ٽيڪنالاجي جي ذريعي پاڪستاني عورت هارين جي آمدني ۽ پيداواري صلاحيت ۾ پڻ هاڪاري تبديلي آڻي رهيو آهي.”

آمريڪي حڪومت جي تعاون جي ذريهي هارپي سان سلھاڙيل جديد ٽيڪنالاجي هاڻي سنڌ، بلوچستان، پنجاب، خيبرپختونخوا ۽ گلگت بلتستان جي 43 ضلعن ۾ زراعت، ڊيري ۽ چوپائي مال جي شعبن ۾ 150,000 کان وڌيڪ هارين کي دستياب آهي. زرعي واپاري ڀائيوارن، هارين ۽ خانگي شعبي جي نمائندن ۽ تعليم جي شعبي سان لاڳاپيل ماڻهن جي سهڪار سان ٿيندڙ ان اهم تقريب ۾ پاڪستان سان ھلندڙ پراڻي آمريڪي شراڪتداري جي هڪ اهم رٿا پنهنجي پڄاڻي تي پهتي.

زراعت جي صوبائي سيڪريٽري پرويز احمد سيهڙ زراعت جي شعبي کي جديد بنائڻ لاءِ آمريڪا ۽ پاڪستان جي گڏيل سهڪار جي تعريف ڪئي. پي اي ٽي ٽي اي جي نتيجي ۾ 4 لک کان وڌيڪ ڀائيوارن کي پنهنجي روزمره جي زرعي ڪمن لاءِ جديد زرعي ٽيڪنالاجي تائين رسائي حاصل ٿي آهي. ڄاڻايل تقريب ۾ خيبرپختونخوا جي زراعت واري سيڪريٽري ڊاڪٽر محمد اسرار به شرڪت ڪئي.

پي اي ٽي ٽي اي (PATTA) جهڙن پروگرامن ذريعي آمريڪا ۽ پاڪستان تقريباَ 75 سالن کان انهن شعبن ۾ گڏجي ڪم ڪري رهيا آهن جيڪي ٻنهي ملڪن لاءِ اهميت رکن ٿا جن ۾ توانائي، اقتصادي ترقي، امن ۽ ڀائيچارو، تعليم ۽ صحت اهم موضوع آهن.

يو ايس ايڊ جي پروگرامن بابت وڌيڪ معلوم ڪرڻ لاءِ مهرباني ڪري ڏسو: www.usaid.gov/Pakistan

###