16 آڪٽوبر 2018
رابطو: ڪرش داس
فون: 02135275000
فوري طور جاري ڪرڻ لاءِ
آمريڪي حڪومت پاران پاڪستان جي مدد جو محور تعليم ۽ نوجوانن لاءِ روزگار جا موقعا پيدا ڪرڻ آهي
ڪراچي: امريڪي قائونصل جنرل جواين وئگنر نوجوانن سان ملاقات ڪئي، جنهن ۾ هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته نوجوان امن ۽ ماڻهن ۾ هم آهنگيءَ جي فروغ ذريعي سماج جي ڀلائيءَ لاءِ ڀرپور ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا. اهڙي تقريب روٽوريڪٽ ڪلب پاران منعقد ڪئي وئي هئي.
عالمي ترقيءَ لاءِ امريڪي اداري يو ايس ايڊ جو سنڌ ۽ بلوچستان لاءِ ڊپٽي مشن ڊائريڪٽر جون سمٿ سرين پڻ ان موقعي تي قائونصل جنرل سان گڏ هو. افغانستان ۽ پاڪستان لاءِ روٽريڪٽ جي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر انعم اڪرم روٽوريڪٽ ڪلب جو جائزو پيش ڪيو، جڏهن ته روٽريڪٽ جي ميمبر حسن ناويوالا روٽوريڪٽ جي پروگرامن ۽ ماڻهن لاءِ هن ڪلب جي ڪردار جي اهميت بابت ڄاڻ ڏني.
پاڪستان دنيا جي انهن ملڪن مان هڪ آهي، جنهن وٽ نوجوانن جو وڏو انگ آهي، جيڪا ڳالهه پاڪستان کي سماجي، سياسي ۽ معاشي ترقيءَ جي حوالي سان هڪ منفرد موقعو فراهم ڪري ٿي، جڏهن ته نوجوانن کي پيداواري سرگرمين ۾ مصروف رکڻ جا به ڪيترائي موقعا موجود آهن. اهو ئي سبب آهي، جو امريڪي حڪومت پاڪستاني سرڪار جي مدد ڪرڻ سان گڏ سموري ملڪ ۾ خانگي طور تي به نوجوانن جي مدد ڪري رهي آهي. ان لاءِ نوجوانن ۽ پاليسيون جوڙيندڙن درميان تقريبون منعقد ڪيون پيون وڃن، ۽ انهن تنظيمن جي مدد ڪئي پئي وڃي، جيڪي نوجوانن درميان سماجي سهپ ۽ ماڻهن جي ٻڌيءَ جي فروغ لاءِ مالي سهڪار چاهين ٿيون.
ان موقعي تي قائونصل جنرل وئگنر ڳالهائيندي چيو ته، ”اڄ هتي نوجوانن کي گڏ ڏسي مون کي خوشي محسوس ٿي رهي آهي، جو اهي تنظيمون جوڙي رهيا آهن ۽ عوامي هنڌ قائم ڪري رهيا آهن، جيڪو ترقيءَ لاءِ بنيادي نقطو آهي.“ هن وڌيڪ چيو ته، ”امريڪي سرڪار پاران پاڪستان سان سهڪار وارين گهڻين سرگرمين جي ترجيح تعليم، تربيت، روزگار جا موقعا پيدا ڪرڻ ۽ سڀ کان وڌيڪ اهو سهڪار نوجوانن لاءِ آهي.“
قائونصل جنرل وئگنر يو ايس ايڊ طرفان پاڪستان ۾ نوجوانن جي مدد لاءِ هلندڙ پروگرامز جو به ذڪر ڪيو، جن ۾ سينٽر فار ايڊوانس اسٽڊيز به آهي، جنهن تحت مختلف شعبن جي شاگردن ۽ استادن کي مٽاسٽا واري پروگرام هيٺ امريڪي يونيورسٽين ڏانهن موڪليو ويندو آهي. هن 118 اسڪولن جي تعمير سان گڏ سنڌ ۾ تعليم جي واڌاري بابت به ڳالهايو، جنهن سان لکين ٻارن کي روشن مستقبل ملي ٿو. ان سان گڏ نوجوانن جي تربيت وارن پروگرامز جو به ذڪر ڪيو، جنهن سان کين نوڪريون وٺڻ يا ننڍا ڪاروبار ڪرڻ ۾ مدد ملندي. ڪراچيءَ ۾ USAID جي UNDP ۽ امن فائونڊيشن سان شراڪتداري آهي، جنهن تحت 21،500 نوجوانن کي نوڪرين جي سکيا ۽ تربيت ڏني پئي وڃي. انهن مان هن وقت تائين اٽڪل 65 سيڪڙو تربيت يافته نوجوان روزگار ڳولي چڪا آهن.
يو ايس ايڊ پروگرامز بابت وڌيڪ معلومات لاءِ هن ويب سائيٽ تي وڃو www.usaid.gov/Pakistan