ڪراچي: آمريڪي سرڪار ڪورونا ۽ ٻين وبائي بيمارين جي ٽيسٽنگ صلاحيت وڌائڻ لاءِ موبائيل بائيو سيفٽي ليبارٽري سنڌ جي صحت کاتي حوالي ڪري ڇڏي آهي، هي ليبارٽري خاص ڪري پاڪستان جي اهڙن ڏورانهن ۽ پٺتي پيل علائقن لاءِ مهيا ڪئي وئي آهي، جتي وبائي بيمارين جي ٽيسٽ ۽ نگراني لاءِ وسيلا تمام محدود آهن. هي جديد ليبارٽري بيمارين جو ترت پتو لڳائڻ، ٽيسٽ جو وقت گهٽائڻ ۽ طبي عملي جو تحفظ وڌائڻ ۾ به مدد مهيا ڪندي.
ليبارٽري جي حوالگي واري تقريب ۾ آمريڪي قونصل جنرل مارڪ اسٽروه ۽ سنڌ جي صحت ۽ آبادي جي ڀلائي وارن کاتن جي وزير ڊاڪٽر عذرا فضل پيچوهو خصوصي شرڪت ڪئي، جڏهن ته صحت کاتي جا اعليٰ عملدار به موجود هئا. هي تقريب 6 جولاءِ تي اسلام آباد ۾ ٿيل مُکيه تقريب جو تسلسل آهي، جنهن دوران آمريڪي سفير ڊونلڊ بلوم چار موبائيل ليبارٽريون پاڪستان جي قومي صحت بابت اداري جي اختيارين حوالي ڪيون هيون.
اُن موقعي تي ڳالهائيندي آمريڪي قونصلر جنرل مارڪ اسٽروه چيو ته “سنڌ حڪومت جي صحت کاتي جي اختيارين کي موبائيل بايو سيفٽي ليبارٽري مهيا ڪرڻ مون لاءِ فخر ۽ خوشي جي ڳالهه آهي، جنهن جو مقصد سنڌ توڙي بلوچستان جي خدمت ڪرڻ آهي. هي ليبارٽري هنگامي توڙي وبائي بيمارين جي حالتن ۾ فوري ۽ اثرائتو ڪم ڪرڻ جي حوالي سان پاڪستان حڪومت جي صلاحيت ۾ واڌارو ڪندي. قونصل جنرل اسٽروه ڪووڊ-19 کي منهن ڏيڻ ۽ ڪامياب ويڪسينيشن تي سموري پاڪستان جي طبي عملي جي ساراهه ڪئي، جڏهن ته صحت جي وزير ڊاڪٽر عذرا فضل پيچوهو صوبي ۾ صحت جون خدمتون بهتر بڻائڻ، خاص ڪري ڪووڊ-19 جي بحران ۾ آمريڪي سرڪار طرفان يو ايس ايڊ ذريعي مدد ڪرڻ تي خوشي جو اظهار ڪيو.
ڪووڊ-19 جي پکيڙ کان هيل تائين آمريڪي سرڪار پاڪستان سوڌو دُنيا جي 120 کان وڌيڪ ملڪن ۾ عالمي وبا تي ضابطي ۽ انساني حياتيون بچائڻ لاءِ وڌ کان وڌ ڪم ڪيو آهي. آمريڪا طرفان پاڪستان سان جاري مالي سهڪار ۾ هنگامي امداد، صحت جي نظام ۾ بهتري، ويڪسين جي تياري ۽ ورڇ، صحت جي تعليم ۽ طبي عملي جي صحت جي تحفظ لاءِ مدد شامل آهي.
آمريڪي حڪومت پاڪستان کي ڪووڊ-19 جا 7 ڪروڙ 70 لک ڊوز، ڪورونا جو ترت پتو لڳائيندڙ 10 لک ٽيسٽون ۽ صحت سان واڳيل ٻيون اهم خدمتون امداد طور مهيا ڪيون آهن. اُن کانسواءِ عالمي وبا ڪورونا جي پکيڙ دوران آمريڪي حڪومت پاڪستان کي 70.4 ملين ڊالرز سڌي ريت ۽ 13.8 ملين ڊالرز ڪورونا سان ويڙهه لاءِ عوامي امداد جي مد ۾ مهيا ڪيا. جڏهن ته پاڪستان ۾ ويڪسينيشن لاءِ سهڪار طور يو ايس ايڊ ۾ 2 ڪروڙ ڊالرز جي اضافي فنڊز جاري ڪرڻ جو ارادو پڻ رکي ٿي . اهي خدمتون تباهي آڻيندڙ وبا مان نڪرڻ لاءِ پاڪستاني عوام سان جاري سهڪار جو حصو آهن.
پاڪستان ۾ يو ايس ايڊ جي پروگرامن ۽ منصوبن بابت وڌيڪ ڄاڻڻ لاءِ وزٽ ڪريو: www.usaid.gov/pakistan