ڪراچي (12 آگسٽ، 2022) آمريڪي سرڪار ٻوڏ سوڌو قدرتي آفتن کي منهن ڏيڻ لاءِ پاڪستان کي 10 لک ڊالرز جي نئين امداد جاري ڪرڻ جو اعلان ڪيوآهي. عالمي ترقي بابت آمريڪي ايجنسي (يو ايس ايڊ) ذريعي ملندڙ امداد سان نه رڳو سنڌ ۾ زراعت سان واڳيل طبقي کي پاڻڀروڪرڻ ۾ مدد ملندي، پر قدرتي آفتن کي منهن ڏيڻ وارن پاڪستاني ادارن جي صلاحيت ۾ پڻ بهتري ايندي، ته جيئن سنڌ، خيبرپختونخواه ۽ گلگت بلتستان ۾ ايندڙ تباهين کي وقت سر منهن ڏئي سگهجي.
سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه سان ملاقات دوران، آمريڪي سفيرڊونلڊ بلوم جو چوڻ هو ته “آمريڪي عوام قدرتي آفتن ۽ ڏکئي وقت ۾ پاڪستاني عوام سان گڏ بيٺل آهي. اسان جون دليون پاڪستان ۾ انهن خاندانن سان گڏ آهن، جِن کان ٻوڏ دوران پنهنجا پيارا وڇڙي ويا ۽ جيڪي اڃا تائين بحاليءَ لاءِ ڪوشش ڪري رهيا آهن. سنڌ جي زرعي طبقي کي مستقبل ۾ قدرتي آفتن يا تباهين کي منهن ڏيڻ لاءِ پاڻڀرو ڪرڻ فخر جوڳي ڳالهه آهي، اسان مستقبل ۾ به بحالي ۽ نئين سراڏاوت لاءِ پاڪستان جي مدد ڪرڻ جو عزم ورجايون ٿا.”
سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه آمريڪا- پاڪستان لاڳاپن ۾ تسلسل ۽ ثابت قدمي جو اعتراف ڪندي چيو ته “آمريڪي عوام ماضي ۾ مشڪلاتن دوران پاڪستاني عوام سان گڏ بيٺل رهيو، هاڻي جڏهن سنڌ جي ڪيترن ئي علائقن ۾ برساتن هاڃا ڪري ڇڏيا آهن ته امريڪي عوام اڃان پڻ گڏ بيٺوآهي. پاڪستان، خاص ڪري سنڌ جو عوام قدرتي آفتن کي منهن ڏيڻ جي حوالي سان پاڪستان لاءِ 10 لک ڊالرز جو اعلان ڪرڻ تي آمريڪي سرڪار جا ٿورائتا آھيون.”
آمريڪا ۽ پاڪستان 75 سالن کان اهم مسئلن تي گڏجي ڪم ڪري رهيا آهن، جِن ۾ توانائي، معاشي پيداوار، امن، تعليم ۽ صحت جا شعبا به شامل آهن. آمريڪي سرڪار 2002ع کان هيل تائين 32 ارب ڊالرز امداد طور مهيا ڪيا آهن، جنهن جو مقصد پاڪستان جي استحڪا، خوشحالي ۽ علاقائي امن ۾ بهتري آڻڻ آهي.
پاڪستان ۾ USAID جي امدادي پروگرامن بابت وڌيڪ معلومات لاءِ، ھتي ڪلڪ ڪريو: www.usaid.gov/pakistan
###