آمريڪي سفارتخاني پاران سنڌ سرڪار سان گڏجي ويڪسين ذريعي لکين پاڪستانين جون زندگيون بچائڻ لاءِ ”فضائن کان فلاح تائين“ مهم جو آغاز

30 سيپٽمبر 2021
رابطو: پبلڪ افيئرز سيڪشن

فوري طور جاري ڪرڻ لاءِ

آمريڪي سفارتخاني پاران سنڌ سرڪار سان گڏجي ويڪسين ذريعي لکين پاڪستانين جون زندگيون بچائڻ لاءِ ”فضائن کان فلاح تائين“ مهم جو آغاز

ڪراچي (30 سيپٽمبر 2021) – آمريڪي سفارتخاني ۽ سنڌ سرڪار گڏجي ”فضائن کان فلاح تائين“ جو آغاز ڪري ڇڏيو آهي جيڪا ويڪسين متعلق هڪ جاڳرتا مهم آهي جنهن ذريعي پاڪستاني شهرين کي ويڪسين لڳرائڻ ۽ ڪروناوائرس کان بچاءُ لاءِ اُپاءُ وٺڻ جي ترغيب ڏني ويندي ته جيئن انساني زندگيون بچائي سگهجن.

آمريڪي ناظم الامور اينجيلا ايگلر ڪراچي جي جناح پوسٽ گريجوئيٽ ميڊيڪل ڪاليج (جي پِي ايم سِي) ۾ صوبائي وزير صحت ۽ بهبود آبادي عذرا فضل پيچوهو، ناليواري اداڪارا ماهره خان ۽ مشهور راڳي ۽ سماج سڌارڪ شهزاد راءِ سان گڏجي ان مهم جي شروعات ڪئي. سنڌ جي وڏي وزير جي قانون واري صلاحڪار ۽ ڪراچي جي ايڊمنسٽريٽر مرتضي وهاب ۽ صحت واري سيڪريٽري ڪاظم حسين جتوئي به ان موقعي تي موجود هئا.

ناظم الامور اينجيلا ايگلر ۽ صحت واري وزير ڊاڪٽر عذرا فضل پيچوهو گڏجيآمريڪي فائزر ويڪسين جي ٽُڪي جو سِڌو سنئون مشاهدو ڪرڻ لاءِ جناح اسپتال جي ويڪسينيشن سينٽر جو دورو ڪيو. آمريڪا جولاءِ کان وٺي هن وقت تائين پاڪستان کي ڪرونا جا تقريباَ هڪ ڪروڙ 58 لک ٽُڪا عطيو ڪري چڪو آهي ۽ آڪٽوبر ۾ وڌيڪ 96 لک فائزر ٽُڪا عطيو ڪرڻ جو ارادو رکي ٿو.

ناظم الامور ٻين معززين سان ملي ان موقعي تي ٽُڪا لڳرائڻ وارن پاڪستاني شهرين ۽ صحت ڪارڪنن سان ڳالھ ٻولھ پڻ ڪئي ته جيئن ويڪسين لڳرائڻ واري عمل سميت سندن زباني سندن ئي تجربن بابت معلوم ڪري، کين ويڪسين جي اهميت بابت آگاهه ڪري سگهجي.

فائزر ويڪسين لڳرائڻ وارن پاڪستانين سان ڳالھ ٻولھ ڪندي ناظم الامور چيو”آمريڪا کي ان ڳالھ تي فخر آهي ته هو ڪرونا وبا جي خاتمي لاءِ پاڪستاني عوام سان گڏ بيٺل آهي.“ انکانپوءِ ناظم الامور اُتي موجود صحت ڪارڪنن جا ٿورا مڃيا جيئن ته اهي ماڻهن کي ڪرونا خلاف ٽُڪا لڳرائڻ ۽ وبا جي ڦهلجڻ کي روڪڻ جي ترغيب ڏيڻ واري عمل ۾ پهرين صف ۾ بيٺل رهيا.

صوبائي وزير صحت ان موقعي تي آمريڪي وفد جي حمايت جا ٿورا مڃندي چيو ته “ويڪسينيشن ئي هن وبا کي شڪست ڏيڻ جو سڀ کان اثرائتو طريقو آهي ۽ سنڌ سرڪار ويڪسين جي اثرائتي ۽ منصفاڻي ورڇ کي يقيني بنائڻ لاءِ پنهنجا سڀ وسيلا استعمال ڪري پئي.”

وائيس چانسلر جناح سنڌ ميڊيڪل يونيورسٽي ۽ ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر جي پِي ايم سي پروفيسر شاهد رسول، نيشنل انسٽيٽيوٽ آف چائلڊ هيلٿ اينڊ نيشنل انسٽيٽيوٽ آف ڪارڊيو وسڪيولر ڊزيز جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر پروفيسر ناصر سڊل ۽ پروفيسر نديم قمر سان گڏجي مهمانن جو استقبال ڪيو. جي پي ايم سي ٽئين درجي جون صحت سهولتون مهيا ڪرڻ واري سنڌ جي جي سڀ کان وڏي اسپتال آهي جتي سموري ملڪ مان مريض علاج لاء ايندا آهن.

ڪرونا وبا جي شروعات کان وٺي هيل تائين آمريڪا ڪرونا ٽُڪن جي عطئي سان گڏ پاڪستان جي عوام کي هنگامي طبي سامان، تربيت ۽ طبي ڍانچي جي بھتري لاءِ 6 ڪروڙ 30 لک ڊالرن جي امداد پڻ فراهم ڪري چڪو آهي.

آمريڪا هوائي جهازن ذريعي پاڪستان ۾ ويڪسين پهچائي رهيو آهي جيڪي عوام جون زندگيون بچائڻ ۾ مدد ڏينديون. گذريل هفتي ڪووڊ سَمِٽ ۾ صدر بائيڊن سموري دنيا جي ملڪن کي عطيو ڪرڻ لاءِ 50 ڪروڙ فائزر ٽُڪا خريد ڪرڻ جي ارادي جو اعلان ڪيو هيو جنهن سان آمريڪا پاران عطيو ڪيل ويڪسين جو ڪُل انگ 1.1 ارب کان وڌيڪ ٿي ويو آهي جيڪو ڪنهن به ٻئي ملڪ جي مقابلي ۾ سڀني کان وڌيڪ مفت ويڪسين جي فراهمي آهي. پاڪستان ۾ آمريڪي حڪومت پاران ڪووڊ ويڪسين جي عطئي بابت وڌيڪ معلومات لاءِ https://www.state.gov/countries-areas/pakistan/ ڏسو.

###