19 فيبروري 2020
آمريڪي مشن پاڪستان
رابطو: 021-3527-5000
فوري طور جاري ڪرڻ لاءِ
آمريڪي سفير پال جونز پاران روشن پاڪستان اڪيڊمي ڪراچي جو دورو
معزز سفير، تعليم ۽ ايڪسچينج پروگرامن لاءِ پاڪستان ۽ آمريڪا جي گڏيل تعاون جي اهميت تي روشني وڌي.
ڪراچي – آمريڪي سفير پال جونز، ڪراچي جي روشن پاڪستان اڪيڊمي جو اڻ اعلانيل دورو ڪري 200 پرائمري پڙهندڙ شاگردن سان ملاقات ڪئي. آمريڪي وفد جنهن ۾ ڪراچي ۾ مقرر آمريڪي قونصل جنرل رابرٽ سلبرسٽين پڻ شامل هئا اسڪول جو دورو ڪري شاگردن سان ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ اسڪول جي ڪميونٽي تي ٻڌل ماڊل بابت پڻ معلومات ورتي.
اسڪول جي باني ۽ آمريڪي تعاون سان منعقد ڪيل امرجنگ ليڊرز آف پاڪستان 2013 جي المنائي حميره بچل ۽ اڪيڊمي جي ڊائريڪٽر محمد الياس سان ڳالهائيندي سفير پال جونز چيو ته، ”روشن پاڪستان اڪيڊمي جي قابل ۽ جذبي سان ڀرپور شاگردن کي ڏسي ان ڳالهه جو چڱي ريت اندازو ڪري سگهجي ٿو ته پاڪستاني نوجوان ملڪ لاءِ هڪ قيمتي وسيلو آهن جن کي استعمال ڪري خوشحالي ۽ ترقي ماڻي سگهجي ٿي.“
آمريڪي حڪومت هر سال حميره بچل وانگر 800 کان مٿي پاڪستانين کي پنهنجي خرچ تي ايڪسچينج پروگرامن هيٺ آمريڪا اماڻيندي آهي ته جيئن اهي اُتي وڃي ڪارائتو تجربو حاصل ڪري واپس پاڪستان اچي ملڪ جي معاشي اڳڀرائي ۽ پاڻڀرائپ لاءِ بهتر نموني خدمت ڪري سگهن.
روشن پاڪستان اڪيڊمي هڪ غيرمنافعي بخش سماجي تنظيم آهي جيڪا حب (بلوچستان) ۽ گلشن مزدور، ڪراچي (سنڌ) جي پٺتي پيل ماڻهن جي ٻارڙن کي پرائمري تعليم مهيا ڪري رهي آهي. ان اسڪول جو بنياد حميره بچل 2016 ۾ وڌو جنهن جو مقصد تعليم، خواندگي ۽ شاگردن کي پيشيوراڻي رهنمائي لاءِ صلاح مشورا مهيا ڪرڻ آهي.
پاڪستان ۾ تعليم جي بهتري لاءِ آمريڪي حڪومت جي سهائتا بابت وڌيڪ معلوم ڪرڻ لاءِ مهرباني ڪري https://pk.usembassy.gov/education-culture/ ڏسو.
#Partners4Prosperity