آمريڪي سفير ڊونلڊ بلوم طرفان ڪراچي جو دورو: اهم ملاقاتن ۾ امريڪا – پاڪستان لاڳاپن کي وڌيڪ سگهارو بڻائڻ جو عزم

ڪراچي (13 آگسٽ، 2022): آمريڪي سفير ڊونلڊ بلوم 10 کان 12 آگسٽ تائين ڪراچي جو دورو ڪيو، جنهن جو مقصد آمريڪا ۽ پاڪستان وچ ۾ معاشي ڀائيواري ۽ ٻطرفن لاڳاپن کي سگهارو بڻائڻ آهي. آمريڪي سفير پنهنجي دوري دوران سامونڊي معاملن جي وفاقي وزير، سنڌ ۽ بلوچستان جي وڏن وزيرن، ڪراچي جي ايڊمنسٽريٽر، ۽ ڪمانڊر پاڪ نيوي پاڪستان فليٽ (ڪوم پيڪ)، پاڪستاني عملدارن، واپاري نمائندن، ڪاروباري ۽ توانائي صنعتن جي سربراهن ۽ ٻين ڪاروباري توڙي واپاري نمائندن سان ملاقاتون ڪيون.

آمريڪي سفير ڊونلڊ بلوم جو چوڻ هو ته “ڪراچي پاڪستان جو معاشي قلعو هجڻ سان گڏ توانائي جي صلاحيتن سان ڀرپور شهر آهي. ڪراچي ۾ واپسي تي تمام گهڻي خوشي ٿي آهي. اسان هلندڙ سال آمريڪا ۽ پاڪستان وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن کي 75 سال پورا ٿيڻ جو جشن ملهائي رهيا آهيون، اِن موقعي تي ٻنهي ملڪن ۾ واپاري ڀائيواري، سيڙپڪاري، توانائي، صحت، سيڪيورٽي، تعليم ۽ ٻين شعبن ۾ سهڪار وڌائڻ جي خواهش  جو اظھار ڪريون ٿا.

آمريڪي سفير ڊونلڊ بلوم پورٽ قاسم جو دورو ڪيو ۽ ساموندي مامرن جي وفاقي وزير فيصل سبزواري سان ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ آمريڪي سفير اهڙن قدمن تي دلچسپي ظاهر ڪئي، جِنجي مدد سان آمريڪي بندرگاهن ۽ سامونڊي ادارن سان رابطا وڌيڪ بهتر بڻائڻ لاءِ ٻئي ملڪ گڏجي ڪم ڪري سگهن. اُن کانسواءِ بلوچستان جي وڏي وزير عبدالقدوس بزنجو ۽ سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه سان ملاقاتن ۾ آمريڪي سفير سياسي، معاشي ۽ سيڪيورٽي معاملن تي ويچار ونڊيا، جڏهن ته ٻنهي صوبن ۾ برسات ۽ ٻوڏ سبب ٿيل نقصان جي ازالي، متاثرن جي بحالي توڙي امداد لاءِ جاري ڪوششن تي به ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي.

سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه سان ملاقات دوران آمريڪي سفير اعلان ڪيو ته آمريڪا طرفان مالي مدد طور 10 لک ڊالرز جاري ڪيا پيا وڃن. هن امداد سان نه رڳو سنڌ ۾ زراعت سان واڳيل طبقي کي پاڻڀرو ڪرڻ ۾ مدد ملندي، پر قدرتي آفتن کي منهن ڏيڻ وارن پاڪستاني ادارن جي صلاحيت ۾ پڻ وڌيڪ بهتري ايندي، ته جيئن سنڌ، خيبرپختونخواه ۽ گلگت بلتستان ۾ ايندڙ تباهين کي وقت سر منهن ڏئي سگهجي.

آمريڪي سفير ڊونلڊ بلوم ۽ ڪراچي جي ايڊمنسٽريٽر مرتضيٰ وهاب وچ ۾ ملاقات دوران شهر ۾ تازين برساتن سبب ٿيل نقصان تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي، جڏهن ته انفارميشن ٽيڪنالوجي شعبي ۾ ترقي جي موقعن تي به خيالن جي ڏي وٺ ٿي. آمريڪي سفير ڊونلڊ بلوم ڪوم پيڪ وائيس ايڊمرل اويس بلگرامي سان ملاقاتن دوران برسات ۽ ٻوڏ متاثر علائقن ۾ جاري بحالي ۽ امدادي سرگرمين تي ڳالهه ٻولهه ڪئي، جڏهن ته آمريڪا-پاڪستان فوجي لاڳاپن جي اهميت تي زور ڀريندي خطي جي سلامتي لاءِ فوجي لاڳاپن کي وڌيڪ سگهارو ۽ مستحڪم بڻائڻ جي خواهش ظاهر ڪئي.  

آمريڪي سفير ڊونلڊ بلوم ڪارگل پاڪستان جي سي اي او عمران نصر الله سان ملاقات ڪئي، جڏهن ته هُن پورٽ قاسم تي ايڪسيلريٽ جي فلوٽنگ اسٽوريج ۽ ري گيسيفڪيشن يونٽ جو به دورو ڪيو. اُن موقعي تي آمريڪي سفير زور ڀريو ته ايل اين جِي جَي حوالي سان اينگرو ۽ ايڪسيلريشن جي گڏيل قدمن جي ڪاميابي ٻنهي ملڪن جي مفادن وٽان آهي. آمريڪي سفير آمريڪا ۽ پاڪستان جي واپاري سربراهن سان ملاقات دوران اثرائتين خدمتن، صنعتن ۽ پروگرامن وسيلي پاڪستان ۾ آمريڪي واپار ۽ سيڙپڪاري کي هٿي ڏيڻ جو عزم ورجايو.

آمريڪي سرڪار پاڪستان ۽ آمريڪا وچ ۾ عوامي سطح تي لاڳاپا وڌيڪ مضبوط ڪرڻ لاءِ پُرعزم آهي، ته جيئن ٻنهي ملڪن جي عوام لاءِ مستحڪم، محفوظ ۽ خوشحال مستقبل جي راهه هموار ٿي سگهي. سال 2021ع ۾ گڏيل واپار جو ڪاٿو وڌي اٽڪل 9 ارب ڊالر ٿي ويو. آمريڪا کي پاڪستان لاءِ سڀ کان وڏي ايڪسپورٽ مارڪيٽ ۽ پرڏيهي سيڙپڪاري جي حوالي سان وڏَي ذريعي جي حيثيت حاصل آهي. گذريل سالن ۾ آمريڪا جي سڌي سيڙپڪاري ۾ 50 سيڪڙو واڌ ٿي آهي. آمريڪي ڪمپنيز ۽ اُنهن جا مقامي ڀائيوار پاڪستان ۾ سڀ کان وڌيڪ نوڪريون ڏيندڙن ۾ شامل آهن، جڏهن ته اٽڪل 80 آمريڪي ڪمپنين طرفان هڪ لک 25 هزار پاڪستانين کي سڌي ريت ۽ 10 لک کان وڌيڪ پاڪستانين کي اڻسڌي ريت روزگار ڏنو ويو آهي. سال 2021ع ۾ آمريڪي فرمز طرفان پاڪستان ۾ ڪارپوريٽ سماجي ذميوارين تحت 5.7 ملين ڊالرز کان وڌيڪ سيڙپڪاري ڪئي وئي.

آمريڪي سفير ڊونلڊ بلوم جي ڪراچي واري دوري جي نمايان پاسن ۾ لياقت ميموريل لائبريري ۾ لنڪن ڪارنر جو دورو شامل آهي، جتي هُن سنڌ جي تعليم ۽ سياحت جي وزير سيد سردار علي شاهه سان گڏ اسٽارٽ اپ ليب جو افتتاح ڪيو. اُن موقعي تي سفير ڊونلڊ بلوم چيو ته “اسٽارٽ اپ ليب پنهنجي نوعيت جي منفرد ۽ پاڪستان ۾ هڪ اهڙي پرسڪون جاءِ آهي، جتي ڪاروبار جو شوق رکندڙ ماڻهو مفت ۾ جديد ٽيڪنالوجي ۽ اوزار استعمال ڪندي پنهنجو ڪاروبار شروع ڪرڻ واري خواب کي ساڀيان ڏئي سگهن ٿا. ”

آمريڪي سفير ڊونلڊ بلوم چيو ته “آمريڪا ۽ پاڪستان ۾ عوامي سطح تي لاڳاپا اسان لاءِ وڏي سگهه آهن، سنڌ جي سياحت کاتي سان ڀائيواري فخر جوڳي ڳالهه آهي، ڇاڪاڻ جو اِن سان يقيني بڻائي سگهبو ته پاڪستاني ماڻهو ايڪويهين صديءَ جي چئلينجن کي منهن ڏيڻ لاءِ تيار آهن. لنڪن ڪارنر پاڪستان بابت آمريڪي مشن جي آمريڪي اسپيسز جي 18 نيٽورڪس منجهان هڪ آهي، جيڪو مفت تعليم ۽ ثقافتي پروگرامن سان گڏ پاڪستان جي نوجوانن کي ٽيڪنالوجي ۽ ڄاڻ جا ذريعا مهيا ڪري ٿو.

آمريڪي سفير ڊونلڊ بلوم، سنڌ ايڪسلوريشن اينڊ ايڊوينچرسوسائٽي (سيز) جي نمائندن ڊاڪٽر عاصمه ابراهيم ۽ ڊاڪٽر ڪليم الله لاشاري سان گڏ فريئر حال ڪراچي جي دوري دوران تاريخي عمارت جي شاندار فن جو معائنو ڪيو .  سيز، آمريڪي سرڪار پاران سفير جي ثقافتي ورثي جي بحالي ۽ حفاظت واري فنڊ (AFCP) تحت فريئرحال ڪراچي جي نئين سر بحالي منصوبي تي ڪم رھي آھي. اي ايف سي پي رٿائون ان ڳالھ جو مظھر آھن ته آمريڪا پاڪستان جي شاندار ثقافتي ورثي جو قدر ۽ احترام ڪري ٿو.

آمريڪي سفير کي پاڪستان ۾ اقليتن جي قومي ڏهاڙي جي موقعي تي ڪراچي ۾ اقليتي برادري جي نمائندن سان ملاقات جو به موقعو مليو، جنهن ۾ مذهبي رواداري، برداشت ۽ بين المذاهب سهڪار کي همٿايو ويو. هُن مزارِ قائد جو دورو ڪيو ۽ آزادي کي 75 سال پورا ٿيڻ تي پاڪستان جي باني محمد علي جناح جي مزار تي گُل رکي کيس خراج عقيدت پيش ڪيو. امريڪي سفير جو چوڻ هو ته “مزارِ قائد جو دورو ۽ پاڪستان جي باني جي عظيم ورسي کي ياد ڪندي خراج عقيدت پيش ڪرڻ فخر جوڳي ڳالهه آهي. قائد اعظم محمد علي جناح پاڪستان ۽ پاڙيسري ملڪن ۾ امن سوڌو مذهبي رواداري،  معاشرتي ۽ معاشي سگهه جو تصور ڏنو، آمريڪا پاڪستان جي باني جي خيالن جي ونڊ ۾ ڀائيوار آهي. اسان آمريڪي عوام طرفان پاڪستان کي آزادي جا 75 سال پورا ٿيڻ تي دل جي گهرائين سان واڌايون پيش ڪريون ٿا.”

لنڪن  ڪارنرس بابت وڌيڪ ڄاڻڻ لاءِ آمريڪي سفارتخاني جي ويبسائيٽ يا فيس بُڪ پيج تي لنڪن ڪارنرس پاڪستان جو وزٽ ڪريو:

پاڪستان ۾ يو ايس ايڊ جي پروگرامن بابت ڄاڻڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو: www.usaid.gov/pakistan

ڪووڊ-19 ويڪسين جي عطين بابت ڄاڻ وٺڻ لاءِ وزٽ ڪريو: https://www.state.gov/covid-19-recovery/vaccine-deliveries/