اسلام آباد (23 نومبر، 2022) آمريڪي سفير ڊونلڊ بلوم 23 نومبر تي ڪوئيٽا جو دورو ڪيو، جنھن دوران ھن بلوچستان جي وڏي وزير عبدالقدوس بزنجو، ماحولياتي تبديلي کي منھن ڏيڻ لاءِ ڪم ڪندڙ مقامي ڀائيوارن، اعليٰ تعليمي ادارن جي نمائندن، سماجي ڀلائي لاءِ ڪم ڪندڙ خانگي تنظيمن جي عھديدارن ۽ افغان پناھگيرن سان ملاقاتون ڪيون. انھن ملاقاتن ۾ آمريڪي سفير پاڪستان ۾ مختلف ڀائيوار ادارن سان گڏجي سبز اتحاد وسيلي ماحولياتي تبديلي کي منھن ڏيڻ، ٻطرفن لاڳاپن، اعليٰ تعليم ۽ عورتن کي ھمٿائڻ سان معاشي ترقي وڌائڻ سوڌو ٻين اھم معاملن تي ڳالھ ٻولھ ڪئي.
ڊونلڊ بلوم ٻوٽا پوکڻ جي مھم جي حوالي سان ھڪ تقريب ۾ شرڪت ڪئي، جنھن کي اڳتي ھلي ڪوئيٽا ۾ اربن فاريسٽ جي واڌ ويجھ واري رٿا جو حصو بڻايو ويندو. نوجوانن جي اڳواڻي ۾ ھلندڙ ھي پروگرام مختلف آبادين توڙي شعبن جي ماڻھن کي جامع سماجي ۽ معاشرتي فائدي لاءِ ھڪ ھنڌ گڏ ڪري رھيو آھي، جنھن جو مقصد ماحولياتي تبديلي جا اثر گھٽائڻ، اُن جي خطرن بابت جاڳرتا پيدا ڪرڻ ۽ ماحولياتي تبديلي کي منھن ڏيڻ لاءِ مقامي سطح تي صلاحيتن ۾ واڌارو ڪرڻ آھي.
ان موقعي تي ڊونلڊ بلوم چيو ته آمريڪي حڪومت طرفان سنڌ ۽ بلوچستان سوڌو پاڪستان جي ٻين حصن ۾ ٻوڏ متاثرن جي سھائتا توڙي بحالي لاءِ ھلندڙ سال 9 ڪروڙ 70 لک ڊالرز امداد جي مد ۾ جاري ڪري چڪو آھي، پر اسان ڄاڻون ٿا ته ٻوڏ جي تباھي جا اثر تڪڙو ختم ٿيڻ جھڙا نه آھن. ھن وقت ھر ملڪ ۽ قوم ماحولياتي تبديلي جي اثرن توڙي خطرن کي منھن ڏئي رھي آھي، تنھنڪري اسين پاڪستان ۾ سبز اتحاد وسيلي مقامي ڀائرن سان گڏجي ڪم ڪريون پيا ته جيئن ماحولياتي تبديلي کي منھن ڏيڻ جي سگھ ۾ اضافو ٿئي.
آمريڪي سفير ڊونلڊ بلوم ڪوئيٽا ۾ بلوچستان يونيورسٽي آف انفارميشن ٽيڪنالوجي، انجنيئرنگ اينڊ مئنيجمينٽ سائنس ۽ سردار بھادر خان وِمنس يونيورسٽي جي عھديدارن سان ملاقات ڪئي، جنھن دوران اِن نقطي تي ڳالھ ٻولھ ٿي ته بلوچستان جي مادرِ علمين جي تعليمي پروگرامن ۾ آمريڪي سھڪار سان مقامي سطح تي معاشي ترقي وڌائڻ لاءِ ڪھڙي ريت مدد ڪئي آھي. آمريڪي سرڪار عالمي ترقي بابت اداري (USAID) وسيلي اٽڪل 300 شاگردن کي اسڪالرشپس ڏنيون آھن، جنھن ۾ 56 سيڪڙو شاگردياڻيون شامل آھن. اھي شاگرد اعليٰ تعليم پرائڻ سان پنھنجي تعليمي ادارن توڙي معاشري ۾ بھتري آڻڻ جو جذبو رکن ٿا.
آمريڪي سفير ”اينٽر امپاورڊ_ وِمـن ڪين ڊو” پروگرام جي افتتاحي تقريب ۾ شرڪت ڪئي. ھن پروگرام سان بلوچستان ۾ ڪاروباري عورتن کي سھڪاري توڙي شروعاتي فنڊز جي مد ۾ 350000 ڊالرز مھيا ڪيا ويندا. اُن موقعي تي ڳالھائيندي ڊونلڊ بلوم چيو ته ”آمريڪا اِن تصور تي يقين رکي ٿو ته عورتن جي پاڻڀرائپ سيڙپڪاري جي ھڪ زبردست حڪمت عملي آھي، جيڪا مستقبل ۾ نه رڳو عام ماڻھن پر عالمي سطح تي به معيشت کي غيرمعمولي فائدو ڏئي سگھي ٿي. اسان انٽر پاورڊ جھڙن منصوبن تي گڏجي ڪم ڪندي ڪاروباري شعبن ۾ عورتن کي برابر موقعا ڏيڻ سان گڏ سندن صلاحيتن جو ڀرپور استعمال ڪري سگھون ٿا، اِن سان ڪوئيٽا سوڌو سموري بلوچستان اندر خوشحالي آڻڻ ۾ مدد ملندي.
ڪوئيٽا ۾ ترسيل پناھگيرن کي جياپي لاءِ مدد مھيا ڪرڻ واري پروگرام ۾ پناھگيرن بابت گڏيل قومن جي اداري (UNHCR)سان سھڪار ڪرڻ آمريڪا لاءِ فخر جوڳي ڳالھ آھي، جنھن سان مقامي ھنرمندن سوڌو افعان پناھگيرن لاءِ معاشي بھتري ۾ اضافو ٿيندو. پناھگيرن بابت گڏيل قومن جي اداري آمريڪي حڪومت جي مالي امداد سان بلوچستان ۾ 2009ع کان ھيل تائين 251 منصوبن تي ڪم ڪيو آھي. اُن سان گڏ افعان پناھگيرن ۽ سندن ميزبان پاڪستاني آبادين لاءِ صحت جي سھولتن، صاف پاڻي جي فراھمي ۽ نيڪال جي نظام ۾ بھتري آڻڻ سوڌو اسڪولن جي بُنيادي ڍانچي کي بھتر ڪيو ويو آھي.
آمريڪي سفير ڪوئيٽا جي ڪمانڊ اينڊ اسٽاف ڪاليج جي دوري دوران ڪمانڊنٽ ميجر جنرل امير احسن نواز، ڪور ڪمانڊر ليفٽيننٽ جنرل آصف غفور ۽ ٻين فوجي آفيسرن سان ملاقات ڪري آمريڪا ۽ پاڪستان وچ ۾ مختلف شعبن ۾ تاريخي توڙي پائيدار لاڳاپن تي ڳالھ ٻولھ ڪئي. جڏھن ته ڊونلڊ بلوم گڏجي ڪم ڪرڻ جي موقعن، پاڪستان ۾ شفاف ۽ پائيدار توانائي کي ھمٿائڻ، واپار، سيڙپڪاري، صحت، ماحولياتي تبديلي، حڪومتي وھنوار ۽ علائقائي سلامتي لاءِ سبز اتحاد ٺاھڻ تي زور ڀريو.
آمريڪا طرفان بلوچستان ۾ تعليم، صحت، معيشت ۽ امن امان سوڌو ٻين شعبن ۾ صوبي جي عوام سان پائيدار ڀائيواري جاري آھي. جڏھن ته اسين مستقبل ۾ به انھن لاڳاپن کي وسيع ۽ سگھارو بڻائڻ جو عزم رکون ٿا، ڇاڪاڻ جو اسان گڏجي ٻنھي ملڪن جي عوام کي ھڪ خوشحال، محفوظ ۽ مضبوط متقبل ڏئي سگھون ٿا.
###