ڪراچي (11 آگسٽ، 2022): آمريڪي سفير ڊونلڊ بلوم ڪراچي ۾ قائد اعظم محمد علي جناح جي مزار تي حاضري ڀري ۽ آزادي کي 75 سال پورا ٿيڻ تي پاڪستان جي باني کي ڀيٽا پيش ڪئي. سفير ڊونلڊ بلوم مزارِ قائد تي گل رکيا ۽ مهمانن لاءِ رکيل تاثراتي ڪتاب ۾ آمريڪي سفارتخاني پاران پنھنجا ويچار درج ڪيا.
اُن کانپوءِ آمريڪي سفير ڊونلڊ بلوم پاڪستان جي پهرئين وزيراعظم لياقت علي خان ۽ قائد اعظم محمد علي جناح جي ڀيڻ فاطمه جناح جي مزار تي حاضري ڀري. هُن ميوزيم جو دورو ڪندي پاڪستان جي باني جي زندگي سان سلهاڙيل نادر فنپارن جو به معائنو ڪيو.
آمريڪي سفير مهمانن جي ڪتاب تي ويچار درج ڪندي چيو ته “مزارِ قائد جو دورو ۽ پاڪستان جي باني جي عظيم ورسي کي ياد ڪندي خراج عقيدت پيش ڪرڻ مون لاءِ فخر جوڳي ڳالهه آهي. قائد اعظم محمد علي جناح پنهنجي ملڪ ۽ پاڙيسري ملڪن ۾ امن سوڌو پاڪستان ۾ مذهبي رواداري، معاشي ۽ معاشرتي سگهه جو تصور ڏنو، آمريڪا پاڪستان جي باني جي خيالن جي ونڊ ۾ ڀائيوار آهي. اسان آمريڪي عوام طرفان پاڪستان کي آزادي جا 75 سال پورا ٿيڻ تي دل جي گهرائين سان واڌايون پيش ڪريون ٿا.”
آمريڪا ۽ پاڪستان هلندڙ سال ٻطرفن لاڳاپن کي 75 سال پورا ٿيڻ جي خوشي ملهائي رهيا آهن. آمريڪا پاڪستان سان ڊگهي مُدي وارن ۽ پائيدار لاڳاپن جو قدر ڪري ٿو، ۽ سدائين اهو اظهار ڪندو رهيو آهي ته آمريڪا لاءِ مضبوط، خوشحال ۽ جمهوري پاڪستان تمام گهڻي اهميت رکي ٿو. اسان نجي شعبي ۾ سيڙپڪاري ۽ واپار کي هٿي ڏيڻ لاءِ ٻنهي ملڪن وچ ۾ معاشي لاڳاپن کي سگهارو بڻائڻ جو عزم ڪريون ٿا، جنھن سان ٻنهي ملڪن کي فائدو ٿيندو.
هيٺ ڄاڻايل خدمتون اسان جي ڊگهي مُدي وارن پائيدار لاڳاپن تي روشني وجهن ٿيون :
آمريڪا طرفان پاڪستان کي ڪووڊ-19 جا 77 ملين ۽ ٻارن جي بيمارين بابت 16 ملين ڊوز فراهم ڪيا ويا، جنهن جو اعلان تازو واشنگٽن ۾ ڪيو ويو هو. اهي خدمتون پاڪستان جي عوام سان ٻڌي جي اظهار طور جاري امداد جو حصو آهن، جيڪو تباهي مچائيندڙ عالمي وبا کي منهن ڏيڻ ۾ رُڌل آهن. اها امداد آمريڪا طرفان ڪنهن به ملڪ کي ملندڙ امداد کان کوڙ ڀيرا وڌيڪ آهي.
ڪووڊ-19 جي عالمي وبا جي شروعات کان هيل تائين آمريڪي سرڪار طرفان ويڪسين جي ڊوزن کانسواءِ، پاڪستان کي سڌي ريت 40 ملين ۽ پاڪستاني عوام جي امداد جي مد ۾ 13.8 ملين ڊالرز جاري ڪيا ويا آهن.
پاڪستان سان اسان جي واپاري لاڳاپن ذريعي پاڪستان جي صنعتن ۽ واهپيدارن، ٻنهي کي مدد ملي آهي. آمريڪا اُهو اڪيلو ملڪ آهي، جنهن کي پاڪستان لاءِ ايڪسپورٽ جي حوالي سان نمايان ۽ مرڪزي حيثيت حاصل آهي. رڳو گذريل مالي سال دوران آمريڪا جي سڌي سيڙپڪاري ۾ 50 سيڪڙو واڌ ٿي آهي ۽ هڪ ڏهاڪي ۾ اها سيڙپڪاري پنهنجي اونچائين تائين پهچي وئي آهي. سال 2014ع دوران پاڪستان ۾ ٿيندڙ آمريڪي زرعي ايڪسپورٽ 287 ملين هئي، جيڪا 2021ع ۾ وڌي 1.3 ارب ڊالرز ٿي وئي.
آمريڪي فرمز سال 2021ع ۾ ماحولياتي تبديلين کي منهن ڏيڻ ۽ اُن حوالي سان قدمن ۾ سهڪار طور پاڪستان ۾ 6 لک وڻ پوکيا، جڏهن ته سال 2022ع ۾ پاڪستان بابت آمريڪي مشن طرفان هيوسٽن- ڪراچي سسٽر سٽي ائسوسيئيشن جي ڀائيواري سان پاڪستان ۾ وڌيڪ 10 هزار ٻوٽا پوکيا ويا.
آمريڪا جي سهڪار سان پاڪستان جي توانائي جي شعبي ۾ 4000 ميگاواٽ کان وڌيڪ شفاف توانائي پيدا ڪئي وئي، جنهن سان پاڪستان ۾ 47 ملين واهپيدارن کي فائدو ٿيو آهي. آمريڪي فرمز طرفان پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ڪندي شفاف توانائي جي پيداوار ۾ واڌارو ڪيو ويو آهي. جنرل اليڪٽرڪ ٽربائين ۽ ٻيا اوزار پاڪستان ۾ وڏي پئماني تي ڪتب آندا ويا، جن ۾ فضائي توانائي پيدا ڪندڙ ٽربائين شامل آهن ۽ جِن جي مدد سان پاڪستان ۾ توانائي جي پيداوار ۾ واڌ ٿي آهي.
پاڪستان جي منشيات جي روڪٿام واري فورس طرفان منشيات جي روڪٿام بابت آمريڪي پرڏيهي کاتي جي عالمي اداري/انٽرنيشنل نارڪوٽڪس اينڊ لا انفورسمينٽ (آءِ اين ايل) افيئرز بيورو جي مدد سان سال 2021ع جي شروعاتي 10 مهينن ۾ 10 ميٽرڪ ٽن مارفين ۽ هيروئن، 27 ميٽرڪ ٽن آفيم، 71 ڪلوگرام ڪوڪين ۽ 11 ميٽرڪ ٽن چرس ضبط ڪئي وئي.
اسان پاڪستان سان گڏ وڌيڪ ڪم ڪرڻ چاھيون ٿا، ته جيئن ٻنهي ملڪن جي واپاري ۽ معاشي لاڳاپن کي هٿي ڏيڻ سان توانائي جي پيداوار ۽ زرعي اُپت ۾ واڌ ٿي سگھي، ۽ گڏوگڏ پاڪستاني معيشت ۾ عورتن جي پاڻڀرائپ توڙي ڪردار لاءِ وڌيڪ سهڪار جي به خواهش رکون ٿا.
###