آمريڪي سفير ڊونلڊ بلوم پاران سنڌ جو اهم دورو: ماحولياتي تبديلين کي منهن ڏيڻ لاءِ سبز اتحاد تحت سهڪارکي اجاگر ڪيوويو

U.S. Ambassador Donald Blome's recent visit to DFC-funded Hawa Energy Limited Wind Farm tour

ڪراچي (مئي، 2023) – آمريڪي سفير ڊونلڊ بلوم پاڪستان سان ٻطرفن لاڳاپن کي مضبوط ڪرڻ ۽ آمريڪا– پاڪستان ”سبز اتحاد“ کي اجاڳر ڪرڻ لاءِ سنڌ جو يادگار دورو ڪيو. ڪراچي، ٺٽي ۽ جهمپير سوڌو ڄامشورو ضلعي جا دورا آمريڪي سفير جي سرگرمين جو نمايان حصو رهيا.

آمريڪي سفير ڊونلڊ بلوم جهمپير ۾ عالمي ترقي بابت آمريڪي ايجنسي (USAID) جي فنڊ تحت قائم گرڊ اسٽيشن، جڏهن ته عالمي ترقي بابت آمريڪي مالياتي اداري جي مالي سهائتا سان هوا مان بجلي ٺاهڻ واري هوا انرجي لميٽيڊ منصوبي جا دورا ڪيا. هي پلانٽ قابل تجديد توانائي سان 50 ميگاواٽ پيدا ڪري پاڪستان جي نيشنل گرڊ اسٽيشن کي مهيا ڪندو آهي، جنهن مان 10 هزار کان وڌيڪ گهرن کي لاڀ ملي ٿو. عالمي ترقي بابت آمريڪي ايجنسي جي مالي سهائتا سان بجلي جي رسد جو ڍانچو هوا مان ٺهندڙ 780 ميگاواٽ بجلي نيشنل گرڊ تائين پهچائي ٿو.

آمريڪي سفير ڊونلڊ بلوم مهراڻ يونيورسٽي ڄامشورو ۾ سينٽر فار ايڊوانسڊ اسٽڊيز اِن واٽر جو به دورو ڪيو، جيڪو شروعاتي طور تي مهراڻ يونيورسٽي ۽ يو ايس ايڊ وچ ۾ هڪ ڪروڙ 20 لک ڊالرز جي معاهدي ذريعي  قائمڪيو ويو آھي. اُن موقعي تي آمريڪي سفير آمريڪا ۽ پاڪستان جي مادر علمين وچ ۾ ڀائيواري تي روشني وڌي، جن وسيلي پاڻي ۽ ماحوليات جي شعبن ۾ تحقيق جي نوَن لاڙن کي هٿي ملي رهي آهي. آمريڪا-پاڪستان سبز اتحاد جي فريم ورڪ جو حصو هجڻ جي حيثيت سان آمريڪي سرڪار سموري پاڪستان ۾ پنهنجي ڀائيوارن سان گڏ ڪم ڪري رهي آهي، جيئن شفاف توانائي ۽ پاڻي لاءِ پائيدار انتظامن ۾ سهڪار جاري رکي سگهجي.

ان موقعي تي آمريڪي سفير ڊونلڊ بلوم ويچار ونڊيندي چيو ته “سنڌ جي دوري جو موقعو ملڻ تي تمام گهڻي خوشي ٿي آهي، هتي اچي آمريڪا جي اُنهن ڀائيوارن سان ملاقات جو موقعو مليو، جيڪي آمريڪا- پاڪستان “سبز اتحاد” جي فريم ورڪ ۾ سهڪار ڪري رهيا آهن. سنڌ جي دوري دوران خطي ۾ آمريڪي سيڙپڪاري ۽ اُن ۾ پاڪستان سان سهڪار تي ترجيح کي اجاڳر ڪرڻ جو موقعو مليو آهي. اُنهي سيڙپڪاري ۽ سهڪار جو موسمياتي تبديلين کي منهن ڏيڻ جي سگهه ۾ واڌ، توانائي جي شعبي ۾ بهتري ۽ گڏيل معاشي ترقي کي هٿي ڏيارڻ ۾ اهم ڪردارآهي.  سبز اتحاد جو فريم ورڪ هاڻوڪين توڙي مستقبل ۾ ماحولياتي، توانائي، پاڻي ۽ معاشي ضرورتن کي پورو ڪرڻ ۾ مدد مهيا ڪري ٿو.”

اُن کانسواءِ آمريڪي سفير ڊونلڊ بلوم سنڌ جي گادي واري شهر ڪراچي ۾ آمريڪي حڪومت جي مالي سهائتا سان ٻارن بابت گڏيل قومن جي هنگامي فنڊ (UNICEF) تحت جاري  منصوبي جو دورو ڪيو، جنهن تحت مسجد ۾ لڳل آر او پلانٽ وسيلي مقامي آبادين لاءِ کاري پاڻي کي مٺو ۽ صاف ڪيو ويندو آهي. هن منصوبي جا افغان پناهگيرن ۽ سندن ميزبان پاڪستاني شھرين جي زندگين تي هاڪاري اثر پئجي رهيا آهن. آمريڪي سفير غذائي کوٽ جو شڪار ٻارن توڙي مائرن جي اسڪريننگ ٽيسٽ لاءِ موبائيل سهولت جو جائزو ورتو، جنهن دوران کيس بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ويو ته موبائيل اسڪريننگ ٽيسٽ وسيلي ڀرپاسي جي علائقن ۾ ماءُ، ٻار ۽ ڳورهارين عورتن کي فوري طبي امداد مهيا ڪئي ويندي، جتي صحت جون بنيادي سهولتون ميسر نه آهن. آمريڪي سفير ڊونلڊ بلوم ووڪيشنل ٽريننگ انسٽيٽيوٽ فار وومين ۾ تازو گريجوئيشن ڪندڙ شاگردياڻين کي واڌايون پڻ ڏنيون. يونيسيف پاران هن اداري ۾ آمريڪي حڪومت جي مالي سهائتا سان افغان پناهگير ۽ ميزبان عورتن کي فني سکيا به ڏني ويندي آهي.

آمريڪي سفير ڊونلڊ بلوم مڪلي جي تاريخي قبرستان جو دورو ڪيو، جيڪو دنيا جي وڏن  تاريخي قبرستانن منجهان هڪ آهي.  آمريڪي سفير سنڌ جي ثقافت کاتي جي وزير ۽ هيريٽيج فائونڊيشن جي نمائندن سان گڏ سلطان ابراهيم ۽ امير سلطان محمد جي 4سو سال آڳاٽين مزارن جو معائنو ڪيو. اهي ٻئي مزارون مڪلي ۾ ٻين تاريخي ماڳن سان گڏ پنهنجي هڪ شاهڪار ۽ منفرد سڃاڻپ رکن ٿيون، جِن کي ثقافتي ماڳن جي تحفظ بابت آمريڪي سفير جي فنڊ (AFCP) تحت 260،000 ڊالرز جي ماليت سان بحال ۽ محفوظ ڪيو ويو آهي. اي ايف سي پي پاران گذريل 20 سالن ۾ پاڪستان جي ثقافتي ورثن جي تحفظ توڙي بحالي وارن 32 منصوبن لاءِ 71 لک ڊالرز جاري ڪري چڪو آهي.

آمريڪي سفير ڊونلڊ بلوم ڪراچي ۾ نيشنل ميوزيم آف پاڪستان جو پڻ دورو ڪيو. هُن ميوزيم جي مختلف گئلريز ۾ آڳاٽين شين ۽ نوادرات جو مشاهدو ڪيو، جيڪي سنڌ ۽ بلوچستان جي شاهڪارتاريخ جي عڪاسي ڪن ٿا.  نيشنل ميوزيم ۾ آمريڪي سفير باَورڪرايو ته آمريڪا پاڪستان جي تاريخ ۽ قديم آثارن جو قدرڪري ٿو. جڏهن ته کين ھن دوري دوران ڪراچي قونصليٽ جي حد ۾ ثقافتي ماڳن جي تحفظ بابت آمريڪي سفير جي فنڊ تحت سرگرمين بابت ڄاڻ حاصل ڪرڻ جو به موقعومليو.