سفير بلوم گوادر بندرگاهه جو دورو پڻ ڪيو ۽ پورٽ اٿارٽي جي چيئرمين پسند خان بليدي سان ملاقات ڪري بندرگاهه جي آپريشنز ۽ ترقي جي امڪانن، گوادر جي علائقائي واپاري مرڪز بڻجڻ جي امڪانن ۽ ان کي پاڪستان جي سڀ کان وڏي برآمداتي منڊي آمريڪا سان ڳنڍڻ جي طريقن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. پاڪستان نيوي جي ويسٽرن ڪمانڊ سان ملاقاتن ۾ سفير ڊونلڊ بلوم علائقائي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ مستقبل ۾ شراڪتداري جاري رکڻ تي زور ڏنو.
آمريڪي سفير ڊونلڊ بلوم 12 سيپٽمبر تي بلوچستان جي علائقي گوادر جو دورو ڪيو، جنهن جو مقصد آمريڪا ۽ پاڪستان وچ ۾ عوامي سطح تي ڀائيواري کي وڌيڪ سگهارو بڻائڻ آهي. جڏهن ته دوري دوران ٻطرفي واپار، سيڙپڪاري ۽ ترقي کي هٿي ڏيارڻ وارن موقعن جي ڳولا سوڌو ٻطرفن لاڳاپن کي هٿي ڏيارڻ جو موقعو مليو.
آمريڪا ۽ بلوچستان جي پائيدار تعلق جي هڪ ڊگهي تاريخ آهي. گذريل سال جي تباهي واري ٻوڏ کان پوءِ، آمريڪا 661,000 ماڻهن جي خوراڪ ۽ نقف رقم ذريعي مدد ڪئي ۽ بک جي خطري کي منهن ڏيڻ لاءِ 90,000 ٻارن کي کاڌو فراهم ڪيو. گذريل سال دوران، يو ايس جي مدد سان 41 صحت مرڪز ڪاميابيءَ سان بحال ڪيا ويا. تعليم جي شعبي ۾ آمريڪا جي مدد سان BUITEMS ۽ سردار بهادر خان وومين يونيورسٽي ۾ پروگرامن کي ھٿي ڏني ويئي، جنهن سان بلوچي ۽ ٻين مختلف ٻولين ۾ تدريسي ۽ سکيا جو مواد تيار ڪري ايندڙ نسل جي نوجوانن کي بااختيار بڻائڻ ۾ مدد ڪئي ويئي.
سفير بلوم پنهنجي دوري دوران سياسي اڳواڻن، گوادر چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري جي نمائندن ۽ مختلف سرڪاري ۽ خانگي شعبن جي اڳواڻن سان تعميري خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. سياسي اڳواڻن سان ملاقات ۾ سفير اقتصادي ترقي، آفتن جي رليف ۽ تياري، سيڪيورٽي ۽ آمريڪا سان واپار ۽ سيڙپڪاري جي حوالي سان بلوچستان جي ترقي لاءِ آمريڪي سهڪار جي عزم کي ورجايو ۽ انهن قدمن جو ذڪر ڪيو جن ذريعي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري لاء ماحول کي بهتر بڻائي سگهجي.
گوادر چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري جي ميمبرن سان پنهنجي ملاقات دؤران سفير ڊونلڊ بلوم چيو ته خطي ۾ ڪاروبار، ٽرانسپورٽ، سياحت، ماهيگيري ۽ بحريه سان لاڳاپيل معاشي شعبن ۾ آمريڪي واپار ۽ سيڙپڪاري کي هٿي ڏئي سگهجي ٿي. انهن خيالن جو اظهار ڪندي وفد ٻڌايو ته ڪيئن پاڪستان جي قيادت ۾ سمورن شراڪتدارن جي شموليت سان ڪاروباري لاڳاپن کي هٿي وٺرائڻ سان سڄي بلوچستان ۾ روزگار جا موقعا وڌائي سگهجن ٿا ۽ ڪيئن بلوچستان ۾ ڪاروباري لاڳاپن کي هٿي وٺرائڻ سان فني صلاحيتن ۽ ٻطرفي واپار کي هٿي وٺرائي سگهجي ٿي.
حڪومتي ۽ ڪاروباري اڳواڻن سان ملاقاتن ۾ سفير بلوم پاڪ-آمريڪا گرين الائنس فريم ورڪ تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي، جيڪو ٻنهي ملڪن کي ماحولياتي، توانائي، پاڻي ۽ معاشي ضرورتن کي گڏجي پورو ڪرڻ ۾ مدد ڪري رهيو آهي. سفير ڊونلڊ بلوم چيو ته ماحولياتي مسئلن کي منهن ڏيڻ جي صلاحيت وڌائڻ، متبادل توانائي لاءِ ڪوششون ۽ سڀني لاءِ معاشي ترقي کي هٿي وٺرائڻ ۾ اسان پوري پاڪستان خاص ڪري بلوچستان جي حمايت ڪري رهيا آهيون. گرين الائنس جي تحت، 12,000 هارين جي مدد ڪئي، جن مان اڪثريت بلوچستان جي هئي، آمريڪا جي مدد سان 2,000 هيڪٽرن تي بهتر ٽيڪنالاجي ۽ انتظامي طريقا لاڳو ڪيا ويا ته جيئن پيداوار ۾ اضافو ۽ بعد ۾ ٿيندڙ نقصانن کي گهٽائي سگهجي.