آمريڪي قائونصليٽ ڪراچي پاران جنسي بنيادن تي ٿيندڙ تشدد خلاف 16 ڏينھن واري سرگرمي پنھنجي اختتام تي پھتي.

ڪراچي (ڊسمبر2022ع) :ڪراچيءَ ۾ موجود آمريڪي قائونصليٽ جنرل 16 ڏينھن کان جنسي بنيادن تي ٿيندڙ تشدد جي خاتمي واري مھم جي پڄاڻيءَ واري ڏينھن ان ۾ شريڪ ٿي ان مھم ۾ شامل ماڻھن سان بحث ۾ حصو وٺي انساني حقن جي حوالي سان ھلندڙ انھيءَ يادگار مھم جي پڄاڻي ڪئي. قائونصليٽ جنرل ليام اوفلينيگن سميت سفارتخاني جي ٻين آفيسرن ان تقريب ۾ شريڪ ٿي عورتن، ڇوڪرين ۽ ٽئين جنس خلاف ٿيندڙ تشدد کي روڪڻ وارين پاليسين جي حمايت ڪرڻ جو يقين ڏياريو. بحث جي پڄاڻي تي ميڻ بتيون ٻاري اھا خاطري ڪرائڻ تي ٿي ته جنسي بنيادن تي ٿيندڙ تشدد خلاف ويڙھ جاري رکي ويندي.

ان موقعي تي ڳالھائيندي او اوفلينيگن چيو ته، ”جنسي بنيادن تي ٿيندڙ تشدد جو خاتمو عالمي ڪوششن جو گھرجائو آھي، جتي عورتن جي حيثيت کي بلند ڪرڻو آھي ۽ ڇوڪريون لاءِ اڳتي وڌڻ جا منظر تخليق ٿين، ھو پنھنجي مڪمل طاقت سان تشدد توڙي خوف کان آزاد ٿي پنھنجي ماڻھن ۾ تبديليءَ جون نمائينده ٿين.“ ھن وڌيڪ چيو ته، ”انھيءَ حاصلات لاءِ معاشري جي ھر فرد کي ڀرپور سچائيءَ سان ڪردار ادا ڪرڻو پوندو.“

آمريڪي سفارتخاني جي ڪراچي آفيس مختلف مقامي ماڻھن سان مالي سھڪار ذريعي 16 ڏينھن جي انھيءَ مھم ۾ مسلسل سرگرم رھي آھي. سفارتخانو مختلف تنظيمن، سول ساسائٽي جي نمائيندن، ڪارڪنن ۽ مالي سھڪار وٺندڙن سان رابطي ۾ رھيو آھي ته جيئن اھي وڌ کان وڌ ماڻھن کي جنسي بنيادن تي ٿيندڙ تشدد جي خاتمي واري ھن بحث ۾ شامل ڪري سگھن. اھڙن ايونٽس ۾ انگلش ورڪس ۾ داخل ٿيندڙ شاگردن سان ٿيل ورچوئل بحث به شامل آھي. جنسي برابريءَ واري گروپ ان ڳالھ تي بحث ڪيو ته ايندڙ نسل جي قيادت ڪھڙي نموني پاڪستان ۽ سموري دنيا ۾ ڪردار ادا ڪري سگھي ٿي، جنھن سان عورتون ۽ ڇوڪريون طاقتور ٿي سگھن.

ٻين ايونٽس ۾ لنڪن ڪارنر ۾ ٿيل ”اوپن مائيڪ نائيٽس“ به شامل ھو جنھن ۾ شاگردن عالمي طور تي جنسي بنيادن تي ٿيندڙ تشدد جي خاتمي بابت ڳالھايو، ڳايو ۽ شاعري ٻڌائي. ”اسپورٽس ڊپلوميسي“ واري جاري مھم جي حصي طور آمريڪي سفارتخاني ٿاپيل ميرين جي شراڪتداريءَ سان150 ڇوڪرين لاءِ سيلف ڊفينس ڪلاسز جو انتظام پڻ ڪيوويو. وقتي قائونصل جنرل او فلينيگن ٽئين جنس جي ٿيل بحث ۾ پڻ حصو ورتو.

جنسي بنيادن تي ٿيندڙ تشدد جي 16 ڏينھن واري مھم جو بنياد 1991ع ۾ پيو. اھا سالياني مھم عورتن خلاف تشدد جي خاتمي واري عالمي ڏينھن 25 نومبر کان شروع ٿي انساني حقن جي عالمي ڏينھن 10 ڊسمبر تائين جاري رھندي آھي.

ھن سال جي مھم جو عنوان ھو ”عورتن ۽ ڇوڪرين خلاف تشدد جي خاتمي وري مھم ۾ گڏجو!“