آمريڪي قونصلخاني ڪراچي پاران تعليم جو عالمي ھفتو ملھايو ويو: آمريڪا ۾ تعليم پـِرائڻ لاءِ سکيا ۽ آگاھي جون اُتساھيندڙ سرگرميون

Consul General Nicole Theriot speaking during IEW event

ڪراچي (۱۸ نومبر، ۲۰۲۲) آمريڪي قونصلخاني ڪراچي ۽ ايجوڪيشن يو ايس اي پاران تعليم جو عالمي ھفتو ملھايو ويو، جنھن تحت ۱۴ کان ۱۸ نومبر تائين مختلف پروگرامن ذريعي آمريڪا ۾ تعليم حاصل ڪرڻ جي موقعن توڙي فائدن بابت آگاھي ڏني وئي. سرگرمين ۾ ماڻھن ورچوئل، ھائيبرڊ ۽ ذاتي طور شرڪت ڪئي. جڏھن ته شاگردن، والدين ۽ اسڪول ڪائونسلرز جي تياري سوڌو ٻين شاگردن جي تجربن مان سکيا، آمريڪا ۾ دستياب معياري پروگرامن ۽ موقعا سرگرمين جو مُکيه جُز ھئا.

عالمي تعليمي ھفتي جي سرگرمين ۾ اعليٰ تعليم ۽ تعليمي ڏي وٺ بابت معيارن جي نمايان پاسن کي چٽي نموني بيان ڪيو ويو، جِن جو آمريڪا ۽ پاڪستان طرفان گڏيل طور بُنياد رکيو ويو. اُن کانسواءِ انھن سرگرمين ۾ پھرئين درجي جي تعليم جي اثرن تي روشني وڌي وئي، جِن جي مدد سان فرد، معاشرو ۽ قومون ٺھنديون آھن. آمريڪي سرڪار طرفان ھر سال اٽڪل ۸۰۰ پاڪستانين کي آمريڪا ۾ تعليم حاصل ڪرڻ لاء مدد فراهم ڪئي ويندي آھي، جِن ۾ مکيه فل برائيٽ پروگرام ذريعي ماسٽر ڊگري جي 100 ۽ پي ايڇ ڊي جي 50 اُميدوارن يا شاگردن لاءِ مڪمل مالي مدد ذريعي فيلو شپس شامل آھن.

ھن سال عالمي تعليمي ھفتي جو اھم ۽ نمايان حصو آمريڪي قونصل جنرل جي ميزباني ۾ آجياڻو ھو، جنھن ۾ مادر علمين ۽ ھاءِ اسڪولن جي ڪائونسلرن کي تعليم جي شعبي ۾ بھترين خدمت توڙي ڪارڪردگي تي مڃتاءَ طور اعزازن سان نوازيو ويو. اُن موقعي تي ڪراچي ۾ مقرر آمريڪي قونصل جنرل نڪول ٽيريو ويچار ونڊيندي چيو ته ، ”ھتي شاگردن کي نه رڳو جديد مھارت ۽ تجربا سکڻ جو موقعو ملندو آھي، پرايڪويھين صديءَ ۾ زندگي گھارڻ دوران پيش ايندڙ لاھن چاڙھن ۽ موقعن کي سمجھڻ جو تجربو پڻ حاصل ٿيندو آھي. اھڙا تجربا ھڪ پاسي دنيا کي پروڙڻ لاءِ شاگردن جي ذھني اوسرڪندا آھن، ته ٻئي پاسي روزگار ۽ نوڪري جي لحاظ سان چٽاڀيٽي جي مارڪيٽ ۾ جاءِ ٺاھڻ لاءِ شعور به وڌندو آھي. آمريڪا ۾ اعليٰ معيار جي ادارن ۾ تعليم حاصل ڪرڻ جا موقعا پاڪستان ۾ آمريڪي سيڙپڪاري جو واضح ثبوت آھن، جڏھن ته پاڪستان سان آمريڪا جي پائيدار ۽ ڀروسي جوڳي ڀائيواري جو زبردست مثال آھن. ِھيءَ شاگرد تعليم پِرائڻ بعد ڏيھ واپس اچي نه رڳو پنھنجن پيشيور شعبن ۾ ڀرپورڪردار ادا ڪندا آھن، پر پاڪستان سميت سڄي دنيا لاءِ خدمتون سرانجام ڏيئڻ ۾ اڳڀرا ھوندا آھن.

آمريڪي قونصل جنرل ٽيريو جو وڌيڪ چوڻ ھو ته ”آمريڪا ۾ اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ رڳو سختيون سھڻ ناھي، پر اُن سان شاگردن جي صلاحيتن ۾ زبردست واڌارو ٿيندو آھي، ته جيئن اُھي گوناگون ثقافتي ماحول ۾ به اڳتي وڌڻ جي قابل ھجن. آمريڪا ۾ اٽڪل 4 ھزار مان ڪنھن ھڪ سٺي اسڪول جي چونڊ ڪرڻ ڪو سولو ڪم ناھي. پاڪستان ۾ ايجوڪيشن يو اي ايس جا ڪائونسلر يا صلاحڪار اھڙن تعليمي ادارن جي چونڊ ۾ شاگردن کي مدد مھيا ڪندا آھن، جتي ھو حقيقي طور تعليم حاصل ڪري سگھن. آمريڪا ۾ اعليٰ تعليم جي فائدن بابت آءِ اي دبليو  (IEW)جون سرگرميون ٻنھي ملڪن ۾ تعليمي ڏي وٺ واري عزم کي وڌيڪ سگھارو بڻائين ٿيون.

آءِ اي ڊبليو  (IEW)جي ٻين سرگرمين ۾ آمريڪا ۾ تعليمي موقعن تي ريڊيو سيريز، مقامي مادرعلمين ۾ ايڪسچينج پروگرام تي رابطا وڌائڻ جا ايوينٽ، فل برائيٽ اسڪالرشپ ۽ اُن جي تياري لاءِ ٽوئيٽر اسپيس ۾ بحث مباحثو شامل آھن. جڏھن تھ فل برائيٽ پاس ڪندڙ شاگردياڻين، ڪاليج ۽ ڪيريئر جي تياري تي اليومنائي پينلن وچ ۾ خيالن جي ڏي وٺ ۽ شاگردن لاءِ ويزا بابت فيس بُڪ تي لائيو سيشن بھ انھن سرگرمين جو حصو آھن.

ايجوڪيشن يو ايس اي  (EducationUSA)آمريڪي حڪومت جو منظور ۽ تصديق ٿيل ذريعو آھي، جيڪو آمريڪا ۾ اعليٰ تعليم پِرائڻ لاءِ گھربل ڄاڻ مھيا ڪري ٿو. اُن کانسواءِ آمريڪا ۾ سيڪنڊري کانپوءِ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ معتبر ادارن جي باري ۾ تازي، جامع ۽ صحيح ڄاڻ کان آگاھ ڪندو آھي. جڏھن ته آمريڪي ڪاليجن ۽ مادر علمين ۾ داخلا جي خواھشمند شاگردن جي مفت ۾ مدد ۽ رھنمائي ڪئي ويندي آھي. پاڪستان ۾ تعليم بابت آمريڪي ادارو (USEFP) ايجوڪيشن يو ايس اي جي ميزباني جون خدمتون انجام ڏئي رھيو آھي. ھي ادارو آمريڪا ۽ پاڪستان جي گڏيل ڪوششن سان 1950ع ۾ قائم ٿيو. يو ايس اي ايف پي آمريڪا ۾ تعليم حاصل ڪرڻ جي خواھشمند پاڪستاني شاگردن کي فلبرائيٽ اسٽوڊنٽس پروگرام سوڌو تمام گھڻيون اسڪالرشپس ۽ ايڪسيچينج پروگرامز مھيا ڪندو آھي.

وڌيڪ ڄاڻڻ لاءِ ڄاڻايل لنڪس تي ڪلڪ ڪريو www.educationusa.pkاورwww.usefp.org.