آمريڪي قونصل جنرل نڪول ٽيريو پاران قائدِ اعظم جي مزار تي حاضري، خراجِ عقيد پيش

ڪراچي، سيپٽمبر 1، 2022- ڪراچي ۾مقرر آمريڪي قونصل جنرل نڪول ٽيريو پاڪستان جي باني قائداعظم محمد علي جناح جي مزار تي حاضري ڀري گلن جي چادر چاڙهي. قونصل جنرل ٽيريو آمريڪي عوام طرفان مهمانن واري رجسٽر تي پنهجا تاثرات پڻ لکيا.

قونصل جنرل نڪول ٽيريو سفير مهمانن جي ڪتاب تي ويچار درج ڪندي چيو ته ، “مزارِ قائد جو دورو ۽ پاڪستان جي باني جي عظيم ورسي کي ياد ڪندي خراج عقيدت پيش ڪرڻ مون لاءِ فخر جوڳي ڳالهه آهي. آمريڪا، جناح جي هڪ متحد ۽ جمهوري پاڪستان جي اهڙي نظرئي سان سھمت آھي ، جنهن ۾ برابري، سماجي انصاف ۽ معاشي موقعا موجود هجن ۽ پاڪستان جي تخليق اهڙن ئي نظرين جي بنياد تي ٿي ۽ اهي  قدر ۽ نظريا  اسان سڀني جو گڏيل ورثو آهن.“

قونصل جنرل نڪول ٽيريوبعد ۾ پاڪستان جي پهرين وزيراعظم لياقت علي خان ۽ قائداعظم جي ڀيڻ فاطمه جناح جي مزارن تي پڻ حاضري ڀري. جنهن کان پوءِ هن ڀر واري ميوزيم جو دورو ڪيو ۽ قائداعظم محمد علي جناح جي زندگيءَ سان لاڳاپيل نوادرات کي ساراهيو.

ان موقعي تي قونصل جنرل آمريڪي حڪومت جي عزم کي ورجائيندي چيو ته هو ٻنهي ملڪن جي معاشي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ، ٻطرفي واپار کي وسيع ڪرڻ جا طريقا ڳولڻ، سيڙپڪاري کي هٿي وٺرائڻ، ۽  ڪاروباري  توڙي تعليمي موقعن لاءِ بھتر حالتون پيدا ڪرڻ لاءِ ڪوششون جاري رکندي.  هن وڌيڪ چيو ته هو سنڌ ۽ بلوچستان جي عوام سان گڏجي ٻنهي ملڪن جي عوام جي  ثقافتي، تعليمي ۽ معاشي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ لا ڪم ڪندي.

قونصل جنرل ٽيريوچيو ته آمريڪا کي پاڪستان ۾ برساتن  ۽ ٻوڏ سبب انساني جانين، گذر سفر جي وسيلن توڙي گھرن جي تباهي تي انتهائي افسوس آهي. هن چيو ته آمريڪي عوام هن ڏکي جي  گھڙي ۾ پوري پاڪستان جي برسات متاثرن جي مدد ڪرڻ لاءِ پر عزم آهي. ان سلسلي ۾ ٻنهي ملڪن جي خيرسگالي جي جذبي تحت آمريڪي اداري يو ايس ايڊ طرفان  30 آگسٽ تي پاڪستان ۾ برسات ۽ ٻوڏ ۾ سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيندڙ عوام جي مدد لاءِ وڌيڪ 3 ڪروڙ آمريڪي ڊالر ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي. جڏهن ته ان کان اڳ اگسٽ مهيني جي شروعات ۾ آمريڪا پاران برسات متاثرن جي سهائتا لاءِ مختلف پرجيڪٽس لاءِ 11 لک آمريڪي ڊالر جي مدد پڻ فراهم ڪئي وئي هئي جنهن سان متاثرن کي پهنجون تڪليفون گهٽ ڪرڻ لاءِ سڌي ريت فائدو رسندو.

###