ڪراچي (24 آگسٽ، 2023) ڪراچي ۾ آمريڪي قونصل جنرل ڪانريڊ ٽربل پاڪستان جي باني قائد اعظم محمد علي جناح جي مزار تي حاضري ڀري کيس ڀيٽا پيش ڪئي. هُن قائد اعظم جي مزار تي گُل رکيا ۽ مهمانن لاءِ رکيل تاثراتي ڪتاب تي آمريڪي عوام پاران خيالات درج ڪيا.
اُن موقعي تي قونصل جنرل ٽربل چيوته “مزار قائد تي اچي محمد علي جناح جي عظيم ورثي کي ڀيٽا پيش ڪرڻ مون لاءِ فخر جي ڳالهه آهي. منهنجو اڄوڪو دورو آمريڪا ۽ پاڪستان وچ ۾ مضبوط توڙي پائيدارلاڳاپن جي اُپٽارڪري ٿو. اڄ محمد علي جناح جي متحد ۽ جمهوري پاڪستان واري تصور جي ياد تازي ٿي آھي، جنهن ۾ هُن برابري، سماجي انصاف ۽ معاشي موقعن کي بُنيادي اهميت ڏني آهي. اهي عظيم تصور ٻنهي ملڪن جي قومن کي گهڻا ويجها ۽ ٻطرفي سهڪارجي ڪيترن ئي شعبن ۾ ڪامل آهن.”
قونصل جنرل ٽربل مزارِ قائد تي گُلن جي چادر چاڙهڻ بعد پاڪستان جي پهرئين وزيراعظم لياقت علي خان ۽ محمد علي جناح جي ڀيڻ فاطمه جناح جي مزارن تي دعا پڙھي. اُن کانپوءِ ڀر ۾ قائم عجائب گھر ويا جتي قائد اعظم جي گهڻ رُخي زندگي سان لاڳاپيل نوادرات جو مشاهدو ڪيائون. قونصل جنرل ٽربل ويچارونڊيندي چيو ته“اڄوڪي هن دوري تي آمريڪي حڪومت پاران اهو عزم ورجايان ٿو ته پاڪستان سان لاڳاپن کي سگهه ڏيڻ سان گڏ واپار کي هٿي ڏيارڻ لاءِ گڏجي ڪم ڪنداسين، جنھن ۾ سيڙپڪاري جا طريقا ڳولھڻ، وسيع شراڪتي ڪاروبار ۽ تعليمي موقعن لاءِ سازگار حالتون پيدا ڪرڻ جي حوالي سان سهڪار به اُنهي عزم جو مُکيه حصو آهن.”