آمريڪي قونصل خانه ڪراچي پاران پروگرامر عورتن لاءِ هڪ ورچوئل هئڪاٿان منعقد ڪيو ويو

25 آڪٽوبر 2020
آمريڪي مشن پاڪستان
رابطو: آمريڪي قونصل خانو، ڪراچي پبلڪ افيئرز سيڪشن (فون: 021-3527-5000)

فوري طور جاري ڪرڻ لاءِ

آمريڪي قونصل خانه ڪراچي پاران پروگرامر عورتن لاءِ هڪ ورچوئل هئڪاٿان منعقد ڪيو ويو

ڪراچي، 25 آڪٽوبر 2020 – آمريڪي قونصل خانه ڪراچي پاران ايشيا فائونڊيشن ۽ نيشنل انڪيوبيشن سينٽر ڪراچي جي سھڪار سان Built by Her جي عنوان هيٺ نوجوان پروگرامر عورتن لاءِ 23 آڪٽوبر کان 25 آڪٽوبر تائين ڪُل 48 ڪلاڪن وارو ورچوئل هئڪاٿان منعقد ڪيو ويو. ان هئڪاٿان جو مقصد ڪرونا  وبا کانپوءِ واري صورتحال ۾ عورتن جي معاشي ۽ سياسي شرڪت وڌائڻ، ٽيڪنالاجي جي ميدان ۾ اڳڀرائي حاصل ڪرڻ، تعليم تائين رسائي کي بهتر بنائڻ، مقامي گورننس کي پختو ڪرڻ ۽ ماحولياتي پائيداري وڌائڻ جهڙن موضوعن لاءِ نوان تخليقي حل ڳولھي لھڻ  آهي. پاڪستان مان درس ۽ تدريس، نجي ۽ سرڪاري ادارن ۽ صوبائي حڪومتن جي شعبن سان واسطو رکندڙ نوجوان پروگرامر عورتن شرڪت ڪئي.

ڪراچي ۾ آمريڪي قونصل خاني جي پبلڪ افيئرز آفيسر ايمي ڪرسچنسن، پاڪستان  ۾ايشيا فائونڊيشن جي نمائندگي ڪندڙ صوفيه شڪيل ۽ نيشنل انڪبيوبيشن سينٽر ڪراچي جي پروگرام مئنيجر سيد اظفر حسين ان هئڪاٿان جي ورچوئل افتتاحي تقريب ۾ حصو وٺندڙن کي ڀليڪار ڪيو. انهن چيو ته پاڪستان جي معاشي سگهه کي مڪمل طرح استعمال ۾ آڻڻ لاءِ ضروري آهي ته عورتون سائنس، ٽيڪنالاجي، انجنيئرنگ ۽ مئٿيميٽڪس (STEM) جي ميدان سميت ملڪ جي وڌندڙ اسٽارٽ اپ واري نظام ۾ ڀرپور بهرو وٺن. هئڪاٿان پوري ٿيڻ تي نيشنل انڪيوبيشن سينٽر، ايشيا فائونڊيشن جي ٽيم سان گڏجي سڀني ٽيمن جي جمع ڪرايل خيالن جو جائزو وٺندو ۽ چوٽي جون 20 ٽيمون چونڊيندو جن کي NIC ۾ جٿي طور ماهراڻي سرپرستي ۽ سھائتاحاصل ٿيندي. ان پروگرام جو آخري حصو 5 نومبر 2020 تي منعقد ويندو جنهن ۾ چونڊيل 20 ٽيمون، ماهر ججن جي پينل آڏو پنهنجون رٿائون پيش ڪندا. انهن منجهان 2 بهترين حل تجويز ڪرڻ وارا خيال چونڊيا ويندا ۽ هر هڪ کي سندن رٿائن کي عملي جامو پھرائڻ لاءِ 5000 آمريڪي ڊالر بنيادي سيڙپ طور ڏنا ويندا.

هئڪاٿان Built by Her پاڪستاني عورتن کي ملڪ جي ترقي ۽ روشن مستقبل لاءِ جٽادار حل تجويز ڪرڻ لاءِ هٿي ڏئي ٿو.

###