مئي 2021
رابطو: ڪيمرون ٿامس شاھ
فون: 021 3527 5000
فوري طور جاري ڪرڻ لاءِ
آمريڪي قونصل خاني طرفان ڪي ايف سي اسڪالرشپ جي آجيان
پاڪستان ۾ معاشي ترقي کي هٿي وٺرائڻ لاءِ آمريڪي ڪاروبارن طرفان ڀائيواري ڪرڻ جي واکاڻ
ڪراچي – آمريڪي قونصل جنرل رابرٽ سلبرسٽين، ڪي ايف سي پاران اورنج ٽري فائونڊيشن سان ڀائيواري ۾ هڪ نئين اسڪالرشپ فنڊ شروع ڪرڻ جي آجيان ڪئي آهي جنهن سان شاگردن ۽ شاگردياڻين کي هائرايجوڪيشن ڪميشن پاران منظور ٿيل يونيورسٽين مان انڊرگريجوئيٽ ۽ گريجوئيٽ تعليم پوري ڪرڻ ۾ سھائتا ملندي.
رابرٽ سلبرسٽين حوالو ڏنو ته ڪرونا وبا جي ناڪاري اثرن باوجود آمريڪي ڪاروبارين پاران پوري پاڪستان ۾ هزارين شاگردن ۽ سندن ڪٽنبن جي مدد ڪئي ويئي آهي ته جيئن اهي پنهنجي تعليم مڪمل ڪري سگھن. ان مقصد ڪارڻ انهن سٽيزنز فائونڊيشن، ڊيف رِيچ ۽ ڊيوا اڪئڊمي جھڙن ادارن سان ڀائيواري قائم ڪئي آهي. ان سان گڏ، آمريڪي ڪاروبار ي ادارن سڌي ريت پاڪستان ۾ ڏھ لک کان وڌيڪ نوڪريون قائم رکڻ سان گڏ تقريباَ چار ارب ڊالرن جي معاشي سرگرمي ڪري چڪا آهن.
ان موقعي تي رابرٽ سلبرسٽين چيو ته، “اسان پاڪستان ۾ هڪ ذميوار ڪارپوريٽ تنظيم طور ڪم ڪرڻ تي ڪي ايف سي کي داد ڏيون ٿا ڇاڪاڻ ته اسان جو يقين آهي ته سرڪار توڙي خانگي شعبي کي ملي ڪري ڪم ڪرڻ گھرجي ته جيئن پائدار ۽ گھڻ پاسائين معاشي اوسر ممڪن ٿي سگهي.”
###