آمريڪي قونصل خاني ڪراچي پاران “آمريڪا-پاڪستان دوستي باغ” جو قيام

30 اپريل 2021

رابطو: ايمي ڪرسچنسن

فون: 021 3527 5000

 

فوري طور جاري ڪرڻ لاءِ

 

آمريڪي قونصل خاني ڪراچي پاران “آمريڪا-پاڪستان دوستي باغ” جو قيام

ڪراچي – آمريڪي قونصل خاني ڪراچي پاران وڻ لڳائڻ (وڻڪاري) واري ڏهاڙي تي ڪلفٽن اربن فاريسٽ ۾ “آمريڪا-پاڪستان دوستي باغ” جي پيڙھ جو پٿر رکيو ويو. ڪراچي ۾ قائم اربن فاريسٽ ۾ اِن ‘دوستي باغ’ جو اضافو ان ڳالھ جو ثبوت آهي ته آمريڪا، ناڪاري ماحولياتي تبديلي کي منهن ڏيڻ وارين ڪوششن ۾ پاڪستان سان گڏ آهي.

ان موقعي تي قونصل جنرل رابرٽ سلبرسٽين چيو ته، “اسان ڪراچي ۾ رهندڙ شهرين جي بهتر صحت ۽ ڀلائي ۾ سيڙپ پيا ڪريون. ماحولياتي بحران کي منهن ڏيڻ ڪنهن هڪ ماڻهو نه پر سڀني جي گڏيل ڪوششن سان ئي ممڪن آهي ۽ اسان گڏجي شهرن سميت هر هنڌ وڻ پوکي ۽ ٻيلن کي بچائي هوا کي صاف سٿرو ڪري سگهون ٿا جنهن ۾ اسان سڀ گڏجي ساھ کڻون ٿا.”

آمريڪي قونصل خانو ڪراچي، سنڌ جي ماحول، ماحولياتي تبديلي ۽ سامونڊي پٽي جي ترقي واري کاتي جي سيڪريٽري اسلم غوري ۽ جاپان جي قائم مقام قونصل جنرل اشيدا ڪاتسنوري سان گڏجي اربن فاريسٽ سان شراڪت ڪري پوري ڪراچي ۾ وڻ پوکڻ لاءِ مقامي سطح تي کڄندڙ قدمن کي هٿي وٺرائڻ چاهي ٿو. آمريڪا-پاڪستان دوستي باغ هوا ۾ موجود گدلاڻ کي گهٽائڻ، هوا جي معيار کي بهتر بنائڻ سميت شهري علائقن ۾ ٻوڏ ۽ سخت گرمي جهڙن اثرن کي گهٽائڻ ۾ مدد ڪندو.

ماحولياتي تبديلي ۽ ماحول سان لاڳاپيل سفارتڪاري هن وقت آمريڪا جي بنيادي ترجيحن ۾ شامل آهن. ان ئي سلسلي ۾ چيساپيڪ فائونڊيشن پاران سڏايل  “بحرانن کي منهن ڏيڻ ۽ موقعن مان فائدو وٺڻ: آمريڪا، عالمي ماحولياتي اڳواڻ جي حيثيت ۾” عنوان هيٺ 19 اپريل 2021 تي ٿيل سيمينار ۾ آمريڪي پرڏيهي وزير انٽوني جي بلنڪن پنهنجي تقرير ۾ صحيح چيو ته، “ماحولياتي بحران جا ناڪاري اثر انھن ماڻهن تي وڌيڪ پون ٿا جيڪي انکي برداشت ڪرڻ جي سگھ نٿا رکن. پر جي اسين  ماحولياتي تبديلين واري مسئلي کي حل ڪري وياسين ته  انجي نتيجي ۾اسان اڻبرابري ۽ نظام ۾ موجود نسل پرستي جو مقابلو پڻ سگھاري نموني ڪري وٺنداسين. اسان بهتر انداز ۾ عمل ڪري انهن خرابين کي ختم ڪري سگهون ٿا.”

اربن فاريسٽ، ڪراچي ۾ 2016 ۾ قائم ڪيو ويو جنهن ۾ مياواڪي طريقي سان وڻ لڳايا وڃن ٿا جيڪو ٻيلا لڳائڻ جو اهڙو طريقو آهي جنهن ۾ گهٽ پاڻي ۾ پائدار وڻن جي پوکي ٿي سگهي ٿي. اربن فاريسٽ ۾ هن وقت پائدار وايومنڊل ۾ پيدا ٿيندڙ ٽيھ هزار کان مٿي وڻ لڳل آهن. ڄاڻايل “آمريڪا-پاڪستان دوستي باغ”، چار هزار آمريڪي ڊالرن جي گرانٽ سان تيار ڪيو پيو وڃي جنهن لاءِ آمريڪي قونصل خاني ڪراچي ۾ تعينات ٿيل سفارتڪارن جي دستي جون ڪوششون شامل آهن.

ماحولياتي تبديلي جي ڏس ۾ آمريڪي اسٽيٽ ڊپارٽمنٽ طرفان وڌيڪ معلومات لاءِ https://www.state.gov/subjects/climate-change  ڏسو.

آمريڪي مشن جي هوا جي معيار واري ڊيٽا بابت وڌيڪ معلومات لاءِ https://pk.usembassy.gov/embassy-consulates/air-quality-data  ڏسو.

###