18 آڪٽوبر 2021
رابطو: پبلڪ افيئرز سيڪشن
فوري طور جاري ڪرڻ لاءِ
آمريڪي قونصل خاني ڪراچي پاران انٽرپرينيور ۽ پروگرامر عورتن لاءِ هيڪاٿون منعقد ڪيو ويو
ڪراچي (18 آڪٽوبر 2021) – آمريڪي قونصل خاني ڪراچي، ايشيا فائونڊيشن ۽ نيشنل انڪيوبيشن سينٽر ڪراچي (اين آءِ سي) جي تعاون سان 15 کان 17 آڪٽوبر 2021 تائين انٽرپرينيور ۽ پروگرامر عورتن لاءِ ٻن ڏينهن واري ورچوئل هيڪاٿون ”بلٽ باءِ هَر“ (Built by Her) جو ٻيون ايڊيشن منعقد ڪيو. هيڪاٿون جو مقصد عورتن جي معاشي شموليت، تعليم تائين رسائي، ماحولياتي تبديلي ۽ سياحت سان لاڳاپيل مسئلن لاءِ نواڻ وارا حل ڳولھڻ هيو. ان تقريب ۾ سنڌ ۽ بلوچستان جي 31 شهرن مان 866 عورتن شرڪت ڪئي.
آمريڪي قونصل جنرل مارڪ اسٽرو، ايشيا فائونڊيشن جي سينيئر صلاحڪار حارث قيوم خان ۽ ڪراچي جي نيشنل انڪيوبيشن سينٽر جي ڊائريڪٽر عمر عابدين پروگرام جي افتتاحي تقريب ۾ شريڪ ٿيندڙن جي آجيان ڪئي ۽ عورتن کي سائنس، ٽيڪنالاجي، انجنيئرنگ ۽ رياضي (STEM) جي شعبن ۾ بهرو وٺڻ لاءِ همٿائڻ ۽ پاڪستان جي معاشي صلاحيت کي هٿي ڏيڻ ءٍ ملڪ جي لاڳيتو ترقي ڪندڙ اسٽارٽ اپس جي اهميت تي روشني پڻ وڌي.
قونصل جنرل مارڪ اسٽرو ان موقعي تي ڳالهائيندي چيو ته” آمريڪا، عورتن کي بااختيار بنائڻ، صنفي برابري کي هٿي ڏيڻ ۽ ”بلٽ باءِ هَر“ جهڙن اهم قدمن جي ذريعي ايندڙ نواڻ جي حمايت ڪرڻ لاءِ پُر عزم آهي. اسان هن سان اڪيڊمي آف ويمن انٽرپرينيورز، قدم بڙهائو، ۽ شي لَوَز ٽيڪ جهڙن پروگرامن جي ميزباني ۽ سهائتا ڪئي آهي. اسان ڄاڻون ٿا ته هن طرح جا پروگرام توهان جي معاشي موقعن کي وڌائڻ لاءِ گهربل مهارتون تيار ڪندا آهن ۽ نيٽ ورڪ ٺاهيندا آهن.“ اين آءِ سي جي ڊائريڪٽر عمر عابدين هيڪاٿون جي شروعات تي سرهائي جو اظهار ڪندي چيو ته ”بلٽ باءِ هَر“ جي پهرئين ايڊيشن اسان کي پاڪستان جي نواڻ تي ٻڌل حل آڇيندڙ نوجوان عورتن ذريعي اسٽارٽ اپس کي رسائي لائق بنائي ان نظام کي بهتر ڪرڻ ۾ مدد ڪئي. هن دفعي اسان اهو ڏسڻ لاءِ آتا آهيون ته سنڌ ۽ بلوچستان مان ڪهڙا جدت تي ٻڌل خيال پيش ڪيا ٿا وڃن.
بلٽ باءِ هَر هيڪاٿون پروگرام آمريڪي قونصل خاني جي پائيدار ۽ جامع معاشي ترقي کي هٿي ڏيڻ ۽ پاڪستاني عورتن ۽ ڇوڪرين کي بااختيار بنائڻ لاءِ شروع ڪيل پروگرامن منجهان هڪ آهي. بلٽ باءِ هَر پروگرام جي باري ۾ وڌيڪ معلومات لاءِ ڏسو https://www.builtbyher2021.com
###