03 سيپٽمبر 2021
رابطو: ايمي ڪرسچنسن
فون: 021 3527 5000
فوري طور جاري ڪرڻ لاءِ
آمريڪي قونصل خاني ڪراچي پاران بايوٽيڪنالاجي جي مدد سان ماحولياتي تبديلين کي منهن ڏيڻ لاءِ سنڌ جي زراعت جي پيشي سان لاڳاپيل ماڻهن سان ڀائيواري
ڪراچي: آمريڪي قونصل خاني ڪراچي، زرعي ٽيڪنالاجي ۽ ماحولياتي تبديلين جي عنوان هيٺ سنڌ آبادگار بورڊ، سنڌ چيمبر آف ايگريڪلچر ۽ زرعي يونيورسٽي، ٽنڊوڄام سان گڏجي ٻه سيمينار ڪوٺايا. ان موقعي تي سنڌ جي وڏي وزير پنهنجو ورچوئل پيغام جاري ڪيو، جڏهن ته سنڌ جي زراعت واري سيڪريٽري عبدالرحيم سومرو ان ڳالھ تي زور ڏنو ته ماحولياتي تبديلين کي منهن ڏيڻ لاءِ سنڌ جي زراعت واري شعبي ۾ نواڻ آڻڻ ضروري آهي. زرعي يونيورسٽي ۾ فصلن جي پيداوار واري شعبي بايوٽيڪنالاجي جي چيئرمين ڊاڪٽر محرم علي پاڪستان ۾ زرعي شعبي لاءِ بايوٽيڪنالاجي جي اهميت تي زور ڏيندي چيو ته گرين بايوٽيڪنالاجي، ٻارڻ (fuel)۽ ڀاڻ جي استعمال سان پائيدار پيداوار جي صلاحيت کي بهتر ڪرڻ جا ذريعا فراهم ڪري ٿي. ڊاڪٽر هيمن داس لوهاڻو آبادي ۾ اضافي واري ڏس ۾ ماحولياتي تبديلين کي منهن ڏيڻلاءِ تُرت گهڻي کان گهڻا اُپاءُ وٺڻ جي اهميت تي زور ڏيندي چيو ته “بايوٽيڪنالاجي پاڪستان جي غذائي سلامتي کي منهن ڏيڻ سميت ماحولياتي تبديلين کي روڪڻ جو سڀ کان اثرائتو طريقو آهي.”
ڄاڻايل سيمينارن ۾ زميندارن ۽ هارين سميت مختلف برادرين جي اڳواڻن کي پڻ دعوت ڏني وئي ته جيئن فصلن جي پيداوار ۾ واڌاري ۽ سنڌ ۾ ماحولياتي تبديلين جي اثرن کي گهٽائڻ لاءِ زرعي بايوٽيڪنالاجي جي اهميت تي روشني وجهي سگهجي. سيمنارن ۾ ڀيرو وٺندڙ هر فرد ماحولياتي تبديلين کي منهن ڏيڻ لاءِ زرعي شعبي جي اهم ڪردار کي مڃيندي ذاتي حيثيت ۾ هڪ ايڪشن پلان جوڙي ان تي عمل ڪرڻ جو عهد ڪيو.
سيمينار ۾ مقامي ماڻهن سان گڏ آمريڪي ماهر پڻ آنلائن شامل ٿيا جن ۾ ڪارنيل يونيورسٽي جي گلوبل ڊويلپمنٽ شعبي جي محقق ۽ الائنس فار سائنس جي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر ساره ايوانيگا پڻ شامل هيون. ڊاڪٽر ساره چيو ته “فصلن کي بايوٽيڪنالاجي جي مدد سان بهتر بڻايو پيو وڃي ته جيئن نيون نيون خاصيتون پيدا ڪري سگهن جن سان گهٽ لاڳت سان وڌيڪ پيداوار وارا فصل پوکڻ سولو ٿي پوي، جيڪا پاڪستان جهڙن ملڪن جي سوڀ سمجهبي.”
يونيورسٽي آف مسوري جي پروفيسر ڊاڪٽر نڪولس ڪالينڊزينڊونيڪس پائيدار زراعت ۾ زرعي بايوٽيڪنالاجي جي اهميت تي ڳالھائيندي چيو ته “بايوٽيڪنالاجي جي مدد سان پيداوار ۾ 25 سيڪڙو کان وڌيڪ اضافو ٿئي ٿو” ۽ ڪمپنين کي “خبر هئڻ گهرجي ته اهي هڪ اهڙي ماحول ۾ ڪم ڪري رهيون آهن جيڪو سندن تخليقي ملڪيت يا انٽليڪچوئل پراپرٽي جي حفاظت ڪرڻ سان گڏ منهنجي ٽيڪنالاجي کي منصفاڻي ۽ اميدن تي پورو لهندڙ جائز طريقن سان ريگيوليٽ ڪندو.”
آمريڪي پرڏيهي کاتي جي ماحول ۽ موسمن بابت ڪوششن جي باري ۾ وڌيڪ معلوم ڪرڻ لاءِ www.state.gov/policy-issues/climate-and-environment ڏسو.
###