آمريڪي قونصل خاني ڪراچي پاران بايوٽيڪنالاجي جي مدد سان ماحولياتي تبديلين کي منهن ڏيڻ لاءِ بلوچستان جي زراعت جي پيشي سان لاڳاپيل ماڻهن سان ڀائيواري

01 سيپٽمبر 2021
رابطو: ايمي ڪرسچنسن
فون: 021 3527 5000

فوري طور جاري ڪرڻ لاءِ   

آمريڪي قونصل خاني ڪراچي پاران بايوٽيڪنالاجي جي مدد سان ماحولياتي تبديلين کي منهن ڏيڻ لاءِ بلوچستان جي زراعت جي پيشي سان لاڳاپيل ماڻهن سان ڀائيواري

ڪراچي: آمريڪي قونصل خاني ڪراچي، لسٻيلي ۾ قائم ضلعي زرعي هيڊڪوارٽر جي تعاون سان زرعي بايوٽيڪنالاجي ۽ ماحولياتي تبديلين جي موضوع تي سيمينار منعقد ڪيو. سيمينار ۾ ناليوارن زميندارن ۽ هارين کي شامل ٿيڻ جي دعوت ڏني وئي ته جيئن هُو  ماحول سانمناسب رکندڙ پوک جي طريقن ۾ پنهنجي ڪردار ۽ پاڪستان ۾ زرعي نواڻ کي هٿي وٺرائڻ ۾ پنهنجن خيالن جو اظهار ڪري سگهن. بلوچستان جي ايگريڪلچر ايڪسٽينشن جي ڊپٽي ڊائريڪٽر جنرل خطاب ڪندي چيو ته “زراعت بلوچستان جي اهم شعبن مان هڪ آهي پر اسان کي پائيدار طريقن سان فصلن جي پيداوار وڌائڻ لاءِ زرعي ٽيڪنالاجي سميت وڌيڪ نواڻ آڻڻ جي ضرورت آهي .”

لسٻيلا يونيورسٽي آف ايگريڪلچر جي واٽر اينڊ مرين سائنسز جي پلانٽ پيٿالاجي جي شعبي سان لاڳاپيل ڊاڪٽر محمد فهيم عباس پاڪستان ۾ پٽاٽي ۽ ڪيلي جي استعمال سميت ماحولياتي تبديلين ۽ زرعي بايوٽيڪنالاجي جي باري ۾ ٿيندڙ تجربن بابت آگاهي ڏني. سندن چوڻ هيو ته “زراعت ۾ بايوٽيڪنالاجي جو ڪردار گهٽ توانائي جي قابل پوک، ڪاربن سيڪويسٽريشن، هٿراڌو ڀاڻ جي استعمال ۾ گهٽتائي ۽ نينوٽيڪنالاجي جي اطلاق سان ماحوليالتي تبديلين کي گهٽائڻ لاءِ ڀروسي جوڳو ذريعو آهي.”

ڪارنيل يونيورسٽي جي گلوبل ڊويلپمنٽ شعبي جي محقق ۽ الائنس فار سائنس جي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر ايوانيگا پڻ سيمينار کي خطاب ڪيو. ڊاڪٽر ايوانيگا چيو ته “بايوٽيڪنالاجي ۽ جينياتي انجنيئرنگ، ماحولياتي تبديلين کي منهن ڏيڻ سميت لازمي طور گهربل خوراڪ تيار ڪرڻ وارين ڪوششن ۾ هڪ اهم حيثيت رکي ٿي.” يونيورسٽي آف مسوري جي پروفيسر ڊاڪٽر نڪولس  ڪالينڊزينڊونيڪس زرعي شعبي ۾ زرعي بايوٽيڪنالاجي جي اهميت تي ڳالهائيندي چيو ته، “مطالعن مان پتو پوي ٿو ته بايوٽيڪنالاجي فصلن مان حاصل ٿيندڙ نفعي کي پنجاهه سيڪڙو تائين واڌائي سگهي ٿي ” ۽ بايوٽيڪنالاجي جي استعمال پٺيان “اهو ئي نفعي وارو نڪتو اهم هوندو آهي جنهن سان فصل، زرعي شعبي ۽ مجموعي طور معيشت ۾ بهتري ايندي آهي.”

آمريڪي پرڏيهي کاتي جي ماحول ۽ موسمن بابت ڪوششن جي باري ۾ وڌيڪ معلوم ڪرڻ لاءِ www.state.gov/policy-issues/climate-and-environment/ ڏسو.

###