11 آڪٽوبر 2021
رابطو: پبلڪ افيئرز سيڪشن
فوري طور جاري ڪرڻ لاءِ
آمريڪي قونصل خاني ڪراچي، ڪي ايم سي ۽ سنڌ ايڪسپلوريشن اينڊ ايڊوينچر سوسائٽي جي گڏيل تعاون سان فريئر هال جي حفاظت ۽ بحالي جي رٿا جو آغاز ڪيو ويو
11 آڪٽوبر: آمريڪي قونصل خاني ڪراچي ۽ ڪراچي ميٽروپوليٽن ڪارپوريشن، سنڌ ايڪسپلوريشن اينڊ ايڊوينچر سوسائٽي (سِيز) جي گڏيل تعاون سان فريئر هال جي عوامي افتتاح جي 156هين سالگره جي موقعي تي هال جي بحالي ۽ حفاظت جي رٿا شروع ڪري ڇڏي آهي. آمريڪي قونصل خاني، سيز کي آمريڪي سفير جي ثقافتي ورثي جي بحالي ۽ حفاظت واري فنڊ (AFCP) هيٺ گرانٽ ڏني آهي جيڪا ان رٿا کي مڪمل ڪرڻ ۾ خرچ ڪئي ويندي.
آمريڪي قونصل جنرل مارڪ اسٽرو، ڪراچي جي ايڊمنسٽريٽر مرتضیٰ وهاب، سيز جي صدر ڊاڪٽر ڪليم الله لاشاري ۽ سيڪريٽر جنرل ڊاڪٽر اسما ابراهيم ان رٿا کي باضابطا طور شروع ڪرڻ واري تقريب ۾ شرڪت ڪئي ۽ ان ڏس ۾ هڪ تختي جي رونمائي پڻ ڪئي.
آمريڪي قونصل جنرل مارڪ اسٽرو تقريب ۾ پنهنجن خيال اوريندي چيو ته آمريڪا پاڪستان ۾ ساڳي طرح جي 30 ٿقافتي ورثي وارين رٿائن لاءِ 6.4 ملين ڊالر (تقريباَ 1.1 ارب روپيا) کان مٿي جي مالي مدد مهيا ڪئي آهي. انهن وڌيڪ چيو ته “آمريڪا پاڪستان جي عظيم ثقافتي ورثي جو تمام گهڻو احترام ڪري ٿو. فريئر هال رٿا، حڪومت پاڪستان ۽ سنڌ صوبي سان گڏجي ملڪ جي عظيم الشان ثقافتي ورثي جي حفاظت لاءِ ڪم سرانجام ڏيڻ اسان جي ان عزم جي دليل آهي.” تاريخي فريئر هال عمارت جي حفاظت جي اها رٿا ان عمارت جي اصل عنصرن کي بحال ڪندو ۽ ان جڳهه کي ان جي اصل صلاحيت ۽ روايتي شان بحال ڪرڻ ۾ مدد فراهم ڪندي. ان ڪوشش سان فريئر هال جي تاريخي عمارت جي حفاظت ٿيندي ۽ ان ۾ وڌيڪ مضبوطي ايندي. رٿا ۾ هال جي پراڻين ڏاڪڻين کي مضبوط ڪرڻ، پهرين ماڙ تي ساڳ جي ڪاٺي واري فرش جي بحالي، هال جي داخلي لنگھن جي بحالي، ماضي ۾ بم ڌماڪن سبب نقصان زده دروازن ۽ درين جي حفاظت، مِينهن جي پاڻي کان بچاءُ لاءِ اُپاءُ، ڇت جي خراب واٽر پروفنگ جي مرمت، بجلي جي نئين وائرنگ ۽ تباهه ٿيل بُرج ۽ مناري جي بحالي ۽ حفاظت شامل آهي. سيز مستقبل جي رٿائن لاءِ هاڻوڪي ڍانچي ۽ ان جي حفاظت جي مسئلن تي تفصيلي دستاويز، جائزو ۽ رپورٽ به پيش ڪندو.
اها ڪوشش ان ڳالهه کي يقيني بڻائيندي ته ڪراچي جو اهو تاريخي ورثو ايندڙ صدي ۾ به عوام جي خدمت ڪندو رهندو.
آمريڪا پاران ثقافتي ورثي جي بحالي وارين ڪوششن ۾ گنڌارا ۽ مغل ورثي جي حفاظت کان وٺي تعميراتي لحاظ سان اهم هندو يادگارون ۽ صوفي مزارن جي بحالي پڻ شامل آهي. سنڌ ۾ آمريڪي سفير جي ثقافتي ورثي جي بحالي ۽ حفاظت واري فنڊ جي اڳوڻين رٿائن ۾ مڪلي قبرستان ۾ سلطان ابراهيم ۽ امير سلطان محمد جي قبرن جي بحالي، ڪراچي جي منوڙي ۾ قائم ورون ديوَ مندر جي حفاظت ۽ انڊس ويلي اسڪول آف آرٽس اينڊ آرڪيٽيڪچر ۾ نسروانجي بلڊنگ جي بحالي پڻ شامل آهي.
###