آمريڪي قونصل خاني ڪراچي ۽ GNMI جي اشتراڪ سان صنفي برابري تي رپورٽنگ کي هٿي وٺرائڻ لاءِ صحافتي ميلو

29 مارچ 2021
رابطو: برٽني اسٽيورٽ
فون: 021 3527 5000
فوري طور جاري ڪرڻ لاءِ

آمريڪي قونصل خاني ڪراچي ۽ GNMI جي اشتراڪ سان صنفي برابري تي رپورٽنگ کي هٿي وٺرائڻ لاءِ صحافتي ميلو

ڪراچي – آمريڪي قونصل خاني ڪراچي ۽ گلوبل نيبرهُڊ فار ميڊيا انوويشن (GNMI) 29 مارچ تي ورچوئل صحافتي ميلو ڪوٺايو جنهن سان ئي صنفي برابري تي رپورٽنگ بابت هلندڙ ”صحافت جي مستقبل جي نئين سر تعمير“ عنوان هيٺ هڪ سال واري سکيا تي مشتمل رٿا پنهنجي پڄاڻي تي پهتي. هن رٿا هيٺ آمريڪي ۽ پاڪستاني سکيا ڏيندڙن سکر ۽ حيدرآباد ۾ رٿيل ٻه ٽن ڏهاڙن وارا سکيا سيشن ۽ سنڌ ۽ بلوچستان جي مختلف يونيورسٽين ۾ 32 آنلائن ورڪشاپ منعقد ڪيا  ويا. انهن ورڪشاپن ۾ شاگردن ۽ صحافين کي رپورٽنگ جي اخلاقيات، عورتن جي پاڻڀرائپ کي هٿي وٺرائڻ، صنفي بنيادن تي ٿيندڙ تشدد کي روڪڻ ۽ تعليم جي ميدان ۾ عورتن لاءِ برابري وارن موقعن جي همٿ افزائي ڪرڻ سيکاريو ويو.

ورچوئل ميلي ۾ رٿا هيٺ سکيا وٺندڙن پاران صنفي حساسيت سان لاڳاپيل رپورٽنگ تي ٺاهيل 10 بهترين ڊجيٽل ڪھاڻيون ڏيکاريون ويون. ان موقعي تي ميڊيا جي شعبي سان تعلق رکندڙ ماھرن  ۽ سينيئر صحافين صنفي حقن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ ان موضوع تي رپورٽنگ ڪرڻ لاءِ صحافت ۾ بهترين رهنما هدايتن تي مشتمل تربيتي ميئنيوئل جي مهورت پڻ ڪئي ويئي.

آمريڪي قونصل خاني ڪراچي جي ترجمان برٽني اسٽيورٽ پروگرام جو ابتدا ڪندي رٿا جي ڪاميابي تي مبارڪباد پيش ڪئي. ورچوئل ميلي ۽ لاڳاپيل رٿا بابت ڳالهائيندي برٽني اسٽيورٽ چيو ته، ”صنف سان هر ڪنهن جو سروڪار هئڻ گهرجي ڇاڪاڻ ته اها هر ڪنهن تي اثرانداز ٿئي ٿي. عورتن سان لاڳاپيل معاملن تي رپورٽنگ ڪرڻ وقت صنفي بنيادن تي ٻڌل مدي خارج خيالن واري نقطه نظر سان نه پر عورتون جيئن آهن کين تيئن ئي رپورٽ ڪري سڄي دنيا جا مرد توڙي عورت صحافي، ماڻهن جا صنف بابت رويا هاڪاري انداز ۾ تبديل ڪري سگهن ٿا. کين گهرجي ته اهڙي رپورٽنگ ڪن جنهن ۾ مڪمل حقيقتون هجن ۽ سڀني پاسن کان ڳالهه ٻولهه ڪيل هجي.“

”صحافت جي مستقبل جي نئين سر تعمير“ جي عنوان هيٺ هلندڙ رٿا جو مقصد پاڪستان ۾ صنفي معاملن تي موجود ڄاڻ تائين رسائي کي وڌائڻ ۽ صحافين جي تڪنيڪي صلاحيتن  ۾ اضافو ڪرڻ آهي ته جيئن اُهي پنهنجي رپورٽنگ ۾ صنفي طور حساس موضوعن کي صحيح انداز ۾ رپورٽ ڪن.

ان پروگرام بابت وڌيڪ معلومات لاءِ مهرباني ڪري https://gnmionline.org/gender-equality-reporting تي وڃو.

###