ميرپور خاص: پاڪستان ۾ آمريڪي مشن جي نائب سربراهه اينڊريو شوفر جي اڳواڻي ۾ آمريڪي عملدارن جي وفد 27 فيبروري تي سنڌ جو دورو ڪيو آهي، جنهن دوران آمريڪي حڪومت جي مالي سهائتا سان جاري پروگرامن جو جائزو ورتو ويو. اُنهن پروگرامن وسيلي 2022ع ۾ ٻوڏ سبب ٿيل تباهي، صحت، تحفظ ۽ غذائي کوٽ سوڌو ٻين چئلينجن کي منهن ڏيڻ لاءِ پاڪستان جي مدد ڪئي پئي وڃي. آمريڪي حڪومت طرفان پاڪستان کي هيل تائين20 ڪروڙ ڊالرزکان وڌيڪ امداد جاري ڪئي وئي آهي، جنهن جو مقصد پاڪستان ۾ ٻوڏ متاثرن جي بحالي، امداد، ٻوڏ جي تباهي کي منهن ڏيڻ جي صلاحيت ۾ واڌ ۽ غذائي تحفظ کي يقيني بڻائڻ هو. آمريڪا پاران پاڪستان ۾ ٻوڏ سبب جاني ۽ مالي نقصان تي افسوس جو اظهار ڪندي ٻوڏ متاثرن جي بحالي توڙي امداد لاءِ هر قسم جو سهڪار جاري آهي.
آمريڪي مشن جي ڊپٽي چيف (DCM)اينڊريو شوفر آمريڪي عملدارن سان گڏ ميرپورخاص ۾ ٻهراڙي جي آبادين کي صحت جون سهولتون مهيا ڪرڻ لاءِ قائم صحت مرڪز جو دورو ڪيو، جتي خوراڪ ۽ صحت جي خدمتن ۾ عالمي ادارويونيسيف (UNICEF)اڳروآهي، اُن لاءِ يونيسيف کي عالمي ترقي بابت آمريڪي ايجنسي(USAID) وسيلي آمريڪي حڪومت جي فنڊنگ حاصل آهي. اينڊريو شوفريونيسيف جي نمائندن سان ملاقات دوران ٻوڏ متاثرعلائقن ۾ عذائي کوٽ سوڌو ٻين مسئلن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي، جڏهن ته پاڪستان ۾ صحت جي نظام تي ٻوڏ جي اثرن کي سمجهڻ لاءِ ويچار پڻ ونڊيا ويا. هُن ٻوڏ متاثرن کي صحت جي خدمتن جي فراهمي سوڌو آمريڪي حڪومت جي مالي سهائتا سان غذائي کوٽ کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ يو ايس ايڊ طرفان خوراڪ جي ورڇ جو جائزو پڻ ورتو.
اُن کانسواءِ آمريڪي مشن جي نائب سربراهه اينڊريو شوفر ڳوٺ جيئو ڪلوئي جو دورو ڪيو، جتي يونيسيف طرفان آمريڪا جي مالي سهڪار سان موبائيل ڪلينڪ وسيلي خوراڪ ۽ صحت جون خدمتون فرام ڪيون پيون وڃن. يونيسيف ٻوڏ متاثر آبادين جي بحالي توڙي امداد وارين خدمتن ۾ رُڌل آهي، جڏهن ته صنفي بنيادن تي تشدد جي خاتمي ۽ ٻارن جي تحفظ بابت جاڳرتا پيدا ڪرڻ ۾ به يونيسيف جو مُکيه ڪردار جاري آهي.