آمريڪي مشن طرفان ڪراچي ۾ انگريزي ٻولي جي تعليم ۾ جديد لاڙن بابت نمائش: انگريزي ٻولي جي استادن جو پاڪ-آمريڪا لاڳاپن کي سگھاروبڻائڻ ۾ سندن ڪردار کي سارا

ڪراچي (ڊسمبر،2022): پاڪستان ۾ آمريڪي مشن پاران انگريزي ٻولي جي  تعليم ۽ سکيا جي سلسلي ۾ ٽن ڏينهن واري اوپن (OPEN) انگلش لينگئيج نمائش 2022 ڪوٺائي وئي. گري نچ يونيورسٽي ڪراچي ۾ ڪوٺايل ھن ڪانفرنس ۾ شرڪت لاءِ پهتل 700 کان وڌيڪ استادن، پيشيور ماڻهن ۽ يونيورسٽي جي شاگردن جو پاڪستان ۾ مقرر آمريڪي مشن طرفان آڌرڀاءُ ڪيو ويو. “انگريزي ٻولي جي تعليم ۾ جديد ٽيڪنالوجي” جي سِرَي هيٺ ڪانفرنس ۾ سنڌ ۽ بلوچستان کان ڪَهِي آيل انگريزي جي استادن توڙي شاگردن حصو ورتو. هن نمائش ۾ اسٽيم (STEAM) (سائنس، ٽيڪنالوجي، انجنيئرنگ، آرٽ اينڊ ميٿ)، تعليم، راندين جي سرگرمين جي تياري، انتظامي سرشتي جي آن لائين سکيا، آن لائين يا آف لائين جائزي جي دڳن بابت ورڪشاپ، تقريرون پيش ڪرڻ ۽ مباحثي جون ويهڪون ڪرايون ويون. جڏهن ته انگريزي ٻولي جي سکيا واري ڪلاس روم کي عالمي ڪلاس روم ۾ تبديل ڪرڻ لاءِ ڪمپيوٽر ۽ موبائيل ٽيڪنالوجي جا اوزار استعمال ڪرڻ جي سکيا به اُن جو حصو هئي.

اسلام آباد ۾ آمريڪي سفارتخاني جي پبلڪ ڊپلوميسي واري شعبي جي نائب قونصلر جيڪلين ڊيلي نمائش ۾ افتتاحي خطاب ڪندي چيو ته “پاڪستان ۾ انگريزي ٻولي جي استادن لاءِ هي ڪانفرنس هڪ غيرمعمولي موقعو آهي، ڇاڪاڻ جو اُن ۾ انگريزي ٻولي سکڻ ۽ سيکارڻ جي شعبن ۾ ايندڙ نواڻ توڙي جديد لاڙن بابت سکيا ملي ٿي. آمريڪا ۽ پاڪستان وچ ۾ عوامي سطح تي لاڳاپا، تعليم ۽ انگريزي ٻولي جي سکيا وارن شعبن ۾ سهڪار پائيدار دوستي جي بُنيادي اثاثن ۾ شمار ٿين ٿا.

اوپن انگلش ايڪسپو 2022 خاص طور شاگردن ۽ استادن لاءِ جوڙيو ويو، جنهن ۾ انگريزي ٻولي جي سکيا لاءِ اثرائتن طريقن بابت ورڪشاپ، تقريرون پيش ڪرڻ ۽ مباحثن تي ٻڌل 60 گڏيل ويهڪون شامل هيون. پاڪستان ۾ اوپن پروگرام پاس ڪندڙ 60 کان وڌيڪ عورتن، آمريڪي مشن جي ماهرن ۽ شاگردن گڏجي سرگرميون ڪيون، جڏهن ته نمائش ۾ حاصل ٿيندڙ تجربن ۽ مهارتن جي مٽاسٽا پڻ ڪئي وئي.

ڪراچي ۾ وقتي آمريڪي قونصليٽ جنرل ليئم اوفلينيگن پنهنجي خطاب سان ٽن ڏينهن واري نمائش جي پڄاڻي ڪئي. وقتي قونصليٽ جنرل چيو ته “آمريڪا ڄاڻ ۽ تجربن جي مٽاسٽا سان ٻنهي ملڪن وچ ۾ لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ واري واعدي تي اٽل آهي. اوپن انگلش لينگئيج ايڪسپو اهڙن پروگرامن ۾ شمار ٿئي ٿو، جيڪي پاڪستان ۾ انگريزي ٻولي جي سکيا سان واڳيل ماڻهن جي صلاحيتن ۾ واڌاري سميت جديد لاڙن سان واقفيت ڪرائيندا آهن. اهو ٻڌي تمام خوشي محسوس ٿي آهي ته هن نمائش مان 700 کان وڌيڪ ماڻهن لاڀ حاصل ڪيو، جِن ۾ استادن ۽ شاگردن سوڌو پاڪستان جي سرڪاري توڙي نجي ادارن جا ماهر، پيشيور وڪيل ۽ پاليسي ساز شامل آهن.”

پاڪستان ۾ آمريڪي مشن جي انگريزي ٻولي جي سکيا بابت پروگرامن مان هر سال هزارين شاگرد، استاد ۽ پيشيور ماڻهو فائدو وٺندا آهن. اُن سان گڏ اهي پروگرام معاشي سُڌارن ۽ سگھ وڌائڻ لاءِ جديد موقعا به مهيا ڪن ٿا. انگريزي ٻولي جي سکيا بابت علائقائي آفيس جي باري ۾ وڌيڪ ڄاڻڻ لاءِ هن لنڪ تي وڃو. https://pk.usembassy.gov/education-culture/relopakistan/