آمريڪي ناظم الامور اينجلا ايلگر طرفان آمريڪا ۽ پاڪستان ۾ لاڳاپن کي سگهارو بڻائڻ لاءِ ڪراچي جو اهم دورو

ڪراچي (25 مارچ، 2022)- آمريڪي ناظم الامور اينجلا ايگلر 23 کان 25 مارچ تائين ڪراچي جي ٻن ڏينهن جي دوري تي پهتي، جنهن دوران پاڻ سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل،  پورٽ قاسم اٿارٽي جي چيئرمين حسن ناصر شاهه، صنعتي شعبي سان واڳيل نمائندن ۽ عورت رانديگرن سان ملاقاتون ڪيائون . اُنهن ملاقاتن جو مقصد آمريڪا ۽ پاڪستان ۾ ٻطرفن لاڳاپن کي 75 سال پورا ٿيڻ تي وڌيڪ مضبوط ۽ سگهارو بڻائڻ آهي.

ناظم الامور ايگلر جي ڪراچي واري دوري جو غيرمعمولي پاسو ويمنز هسٽري منٿ (عورتن جي تاريخ جو مهينو) جي حوالي سان عورت رانديگرن ۽ راندين سان واڳيل صحافين سان ٿيل ڳالهه ٻولهه آهي. ايگلر راندين، خاص ڪري اولمپڪس جي ميدانن تائين پهچڻ لاءِ عورتن کي پيش آيل رنڊڪون ختم ڪرڻ تي پاڪستاني رانديگرن کي ساراهيو.  ايگلر جو چوڻ هو ته “اسان پاڪستاني عورتن جي ترقي ۽ پاڻڀرائپ لاءِ سهڪار جاري رکڻ جو عزم ورجايون ٿا. اسان معاشري جي هر شعبي ۾ عورتن جو مانُ وڌائڻ گهرون ٿا، ته جيئن اُهي به دنيا کي وڌيڪ بهتر ، محفوظ ۽ خوشحال بڻائڻ لاءِ ڀرپور ڪردار ادا ڪن.”

ناظم الامور ايگلر ڪراچي جي بندرگاهه پورٽ قاسم جو دورو ڪيو، جتي هُن پورٽ قاسم اٿارٽي جي چيئرمين حسن ناصر شاهه سان ملاقات ڪئي، جنهن دوران امريڪا ۽ پاڪستان ۾ معاشي سرگرمين توڙي سرحدي واپار وڌائڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ايگلر طرفان سمنڊ ۾ لِڪوئيفائيڊ نيچرل گئس (ايل پي جي) ۽ گئس سازي جي يونٽس جو به دورو ڪيو ويو. جتي هُن عملي سان ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ پاڪستان جي توانائي واري شعبي ۾ ڪمپني جي خدمتن بابت ڄاڻ ورتي. اُن موقعي تي ايگلر جو چوڻ هو ته “پاڪستان ۽ امريڪا ۾ عوامي سطح تي معاشي سهڪار ٻنهي ملڪن جي ترقي لاءِ بُنيادي حيثيت رکي ٿو.”

پورٽ قاسم جي دوري دوران ايگلر امريڪي ڪمپنين ڪارگل ۽ پراڪٽر اينڊ گيمبل جي سرگرمين جو به مشاهدو ڪيو، جِن جو پاڪستان ۾ سماجي سرگرمين ذريعي انتهائي هاڪاري ڪردار آهي. امريڪا کي پاڪستان لاءِ مُکيه پرڏيهي سيڙپڪاري جي ذريعن ۾ ڳڻيو وڃي ٿو. ناظم الامور ايگلر طرفان ڪراچي ۽ پورٽ قاسم جا دورا ٻنهي ملڪن ۾ معاشي لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ لاءِ جاري ڪوششن جي عڪاسي ڪن ٿا.

###