29 آڪٽوبر 2020
رابطو: برٽني اسٽيورٽ
فون: 021-3527-5000
فوري طور جاري ڪرڻ لاءِ
آمريڪي ناظم الامور اينجيلا ايگلر جو آمريڪا ۽ پاڪستان جي معاشي لاڳاپن کي هٿي وٺرائڻ لاءِ ڪراچي جو دورو
ڪراچي – آمريڪا ۽ پاڪستان وچ ۾ لاڳاپن کي سگھارو بڻائڻ لاء پنھنجي ٻن ڏينھن واري دوري دوران آمريڪي ناظم الامور اينجيلا ايگلر سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه، اسٽيٽ بينڪ جي گورنر رضا باقر ۽ شهر جي مشهور ڪاروباري شخصيتن سان ملاقات ڪئي.
وڏي وزير سان گڏجاڻي دوران اينجيلا ايگلر هاڻوڪين برساتن کانپوءِ ڪراچي ۾ مختلف بنيادي ڍانچن جي تعمير ۽ مرمت، سنڌ جي ٻهراڙين ۾ آگسٽ دوران آيل ٻوڏ جي تباهه ڪارين مان نڪرڻ لاءِ سنڌ سرڪار جي ڪوششن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. هنن گڏجاڻي دوران سنڌ صوبي جي صوبائي اختيارين سان تعليم، صحت جي سهولتن ۽ ڪرونا خلاف جنگ سميت مختلف رٿائن ۾ آمريڪا پاران ڪيل سھڪار تي روشني پڻ وڌي. ناظم الامور ايگلر اسٽيٽ بينڪ جي گورنر سان ملاقات دوران پاڪستان جي معاشي سڌارن واري ايجنڊا سميت FATF تي خيالن جي ڏي وٺ پڻ ڪئي. ان کانسواءِ مشهور ڪاروباري اڳواڻن سان گڏجاڻي ۾ هنن پاڪستان ۾ آمريڪي سيڙپڪاري لاءِ موجود موقعن تي ڳالهه ٻولهه ڪرڻ سان گڏ ٻه طرفي واپار تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي جيڪا سال 2019 ۾ 6.6 بلين ڊالر جي ماليت واري رڪارڊ سطح تي پهتو هُيو.
اينجيلا ايگلر، سنڌ ۽ بلوچستان ۾ عورتن لاءِ موجود معاشي سرگرمين جي موقعن تي ڳالهه ٻولهه ڪرڻ لاءِ انٽرپرينيور (واپاري) عورتن سان رٿيل هڪ گول ميز ڪانفرنس جي اڳواڻي پڻ ڪئي. عالمي معاشيات ۾ عورتن جي حصيداري جي اهميت تي روشني وجهندي هنن چيو ته، ”جڏهن عورتون معاشي طور پاڻڀريون هونديون آهن ته اهي پنهنجي خاندان ۽ ڪميونٽي تي سيڙپ ڪنديون آهن جنهن جي نتيجي ۾ لاڀائتا نتيجا نڪرندا آهن جنھنجي نتيجي ۾ علائقائي ۽ ملڪي معيشيت ۾ مضبوطي ايندي آهي.“
ناظم الامور اينجيلا ايگلر پنهنجي دوري دوران قائداعظم محمد علي جناح جي مقبري تي حاضري ڀري کيس ڀيٽا ڏني .
####