آمريڪي ناظم الامور ليزلي وگري، قائداعظم جي مزار تي حاضري ڀري کيس ڀيٽا پيش ڪئي

8 جون 2021
رابطو: برٽني اسٽورٽ
فون: 021 3527 5000

فوري طور جاري ڪرڻ لاءِ

آمريڪي ناظم الامور ليزلي وگري، قائداعظم جي مزار تي حاضري ڀري کيس ڀيٽا پيش ڪئي

ڪراچي: آمريڪي ناظم الامور ليزلي وِگري، قائداعظم محمد علي جناح جي مزار تي حاضري ڀري ۽ کيس ڀيٽا پيش ڪئي. ناظم الامور وگري مزار تي گلدستو رکيو ۽ مهمانن جي پيغامن واري ڪتاب ۾ اسلام آباد ۾ قائم آمريڪي سفارتخاني پاران پيغام لکيو.

هنن پاڪستان جي پهرئين وزيراعظم لياقت علي خان ۽ قائداعظم محمد علي جناح جي ڀيڻ محترمه فاطمه جناح جي مزار تي پڻ حاضري ڀري.

پنهنجي پيغام ۾ ليزلي وِگري لکيو ته ” آمريڪي عوام پاران قائداعظم محمد علي جناح جي مزار تي اچي کين ڀيٽا پيش ڪرڻ منهنجي لاءِ وڏي اعزاز جي ڳالهه آهي۔ سندس مزار تي اچي مونکي سندن پراَمن ۽ سگھاري پاڪستان واري تصور تي غور ۽ فڪر ڪرڻ جو موقعو مليو، جيڪي اڄ به اسان سڀني لاء رهنما اصولن جي حيثيت رکن ٿا.“
###