11 جون 2021
رابطو: برٽني اسٽورٽ
فون: 021 3527 5000
فوري طور جاري ڪرڻ لاءِ
آمريڪي ناظم الامور ليزلي وگري پاران آمريڪا ۽ پاڪستان وچ ۾ معاشي ۽ فوجي لاڳاپا وڌيڪ سگھارو بنائڻ لاءِ ڪراچي جو دورو
ڪراچي – آمريڪي ناظم الامور ليزلي وگري ٽن ڏينهن وارو ڪراچي جو دورو ڪيو جتي هن سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ، پاڪستان بحريه جي عهديدارن، مشهور واپارين ۽ انٽرپرينيور عورتن سان ملي آمريڪا ۽ پاڪستان وچ ۾ قائم گهڻ طرفي لاڳاپن کي وڌيڪ سگھارو بنائڻ طرف وک وڌائي.
ناظم الامور وگري، صوبي ۾ يو ايس ايڊ جي رٿائن جي سهائتا ڪرڻ تي سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي تعريف ڪئي. انهن رٿائن جو مقصد سِولين گرانٽ جي ذريعي صوبي جي تعليم، صحت ۽ زرعي شعبن کي هٿي وٺرائڻ آهي.
ريئر ايڊمرل نويد اشرف سان ٿيل پنهنجي ملاقات ۾ آمريڪي سفير وگري آمريڪا ۽ پاڪستان جي فوجي لاڳاپن جي اهميت تي روشني وڌي. ان کانپوءِ ناظم الامور وگري ڪراچي بندرگاهه تي لنگرانداز آمريڪي بحريه جي جهاز يو ايس ايس مانٽري تي اچي جهاز جي عملي سان ملاقات ڪئي. يو ايس ايس مانٽري پاڪستان بحريه جي هم منصبن سان گڏجي ڪم ڪرڻ بابت سکيا ۽ ماهرن جي مٽاسٽا خاطر دورو ڪرڻ آيو آهي. سمنڊ ۾ رٿيل ٻه طرفي بحري تحفظ واري سکيا شروع ٿيڻ کان اڳ، آمريڪي آفيسرن ۽ جهازراني جي ماهرن کي پاڪستاني سامونڊي ٻيڙي اسلات تي رات جي ماني جي دعوت ڪئي وئي.
آمريڪا ۽ پاڪستان وچ ۾ قائم واپاري لاڳاپن کي هٿي وٺرائڻ لاءِ ناظم الامور ڪاروباري شخصيتن سان پڻ ملاقات ڪئي جن ۾ اميريڪن بزنس ڪائونسل جا عهديدار پڻ شامل هئا. ملاقات ۾ اهم شعبن جهڙوڪ زراعت، معلوماتي ۽ رابطي ڪاري واري ٽيڪنالجي، قابل تجديد توانائي ۽ ايل اين جي ۾ آمريڪي ۽ پاڪستاني ڪمپنين جي مدد ڪرڻ جي مختلف طريقن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي ويئي. ليزلي وگري مشهور پاڪستاني ڪاروباري عورتن سان پڻ ملاقات ڪئي ته جيئن عورتن پاران شروع ڪيل ڪاروبارن ۾ موجود موقعن ۽ انهن کي پيش ايندڙ ڏکيائين کي سمجهڻ سان گڏ اُنهن پهلوئن جو پتو لڳائجي جن ۾ آمريڪي حڪومت سندن ڪوششن ۾ مدد ڪري سگهي.
ناظم الامور وگري جي دوري جي اهم سرگرمين ۾ ڪراچي ۾ آمريڪي حڪومت جي مالي سھائتا سان تعمير ٿيل هڪ اسڪول جو افتتاح ڪرڻ پڻ شامل هيو. اسڪول جي تعمير سنڌ بيسڪ ايجوڪيشن پروگرام هيٺ ڪئي وئي آهي جنهن ذريعي يو ايس ايڊ سنڌ جي 10 ضلعن ۾ 106 اسڪول تعمير ڪري رهي آهي. يو ايس ايڊ ان پروگرام هيٺ سنڌ ۾ تعليم جو معيار بهتر بنائڻ لاءِ جديد اسڪولن جي تعمير لاءِ 25 ارب پاڪستاني روپيا (159.2 ملين امريڪي ڊالر) امداد جي مد ۾ خرچ ڪري چڪو آهي.
پنهنجي دوري جي شروعات ۾ ناظم الامور ليزلي وگري، پاڪستان جي باني قائداعظم محمد علي جناح جي مقبري تي حاضري ڀري کيس ڀيٽا پڻ پيش ڪئي.