آمريڪي نيول ڪوسٽ گارڊ جي عملدارن طرفان ٻن سامونڊي جهازن سان گڏ ڪراچي جو دورو: گڏيل سامونڊي مشقون ۽ فني مهارتن جي ڏي وٺ جاري رکڻ جو عزم

ڪراچي (10 آڪٽوبر، 2022) – آمريڪا ۽ پاڪستان جي سامونڊي فوجن جي گڏيل مشقن جي سلسلي ۾ آمريڪي ڪوسٽ گارڊ جا 2 سامونڊي جهاز ڪراچي پهتا، جيڪي بندرگاهه تي عارضي طور ترسڻ واري شيڊول تحت 6 کان 13 آڪٽوبر تائين موجود رھندا.

آمريڪي ڪوسٽ گارڊ جي ڪپتان ۽ ڏکڻ اولهه ايشيا بابت پيٽرول فورس جي ڪموڊور ايرڪ هيلگن جي اڳواڻيءَ ۾ يو ايس سِي جي سي (USCGC) فاسٽ ريسپانس ڪٽرس چارلس مولٿروپ (ڊبليو پي سي 1141) ۽ يو ايس سي جي سي (USCGC) ايملين ٽنل (ڊبليو پي سي 1145) سامونڊي مشقن جو دورو ڪيو، جيڪو آمريڪا ۽ پاڪستان جي سامونڊي فوجن وچ ۾ فني مهارتن جي مٽاسٽا ۽ گڏيل سامونڊي مشقن جو اهم حصو آهي.

ان موقعي تي آمريڪي ڪوسٽ گارڊ جي ڪپتان ايرڪ هيلگن ويچار ونڊيندي چيو ته “پاڪستان جو دورو ڪرڻ تي تمام گهڻا پرجوش آهيون ۽ روشنين جي شهر ڪراچي اچڻ اسان لاءِ بي انتها خوشي جي ڳالهه آهي، اسان انتهائي متحرڪ خطي ۾ ٻطرفن لاڳاپن کي هٿي ڏيڻ لاءِ گڏجي ڪم ڪري رهيا آهيون.”

اسین  هلندڙ سال آمريڪا- پاڪستان لاڳاپن کي 75 سال پورا ٿيڻ جو جشن ملهائي رهيا آهيون. ان حوالي سان اسان جي سامونڊي فوجن وچ ۾ سهڪار ٻنهي ملڪن جي سگهارن  لاڳاپن جو واضح مثال آهي. ٻنهي ملڪن ۾ اهو سهڪار واپار، سيڙپڪاري، ماحولياتي تبديلي جي اثرن جي روڪٿام، تعليم، عوامي صحت ۽ ثقافتي ورثن جي تحفظ سوڌو ٻين شعبن ۾ جاري آهي ۽ رهندو.

ايرڪ هيلگن جو وڌيڪ چوڻ هو ته “آمريڪا ۽ پاڪستان وچ ۾ سگهارا توڙي پائيدار لاڳاپا قائم آهن. گذريل سالن ۾ آمريڪي سامونڊي جهازن طرفان پاڪستان جا دورا اِن ڳالهه جي عڪاسي ڪن ٿا ته، عملي جي سطح تي ڏي وٺ ۽ گڏيل سامونڊي مشقن جو مقصد ٻطرفي سهڪار کي هٿي ڏيڻ آهي.”

اُن کانسواءِ آمريڪي ڪوسٽ گارڊ جي وفد ڪراچي ۾ پاڪستان جي باني قائد اعظم محمد علي جناح جي مزارِ تي حاضري ڀري کيس ڀيٽا پيش ڪئي، جڏهن ته آمريڪي ڪوسٽ گارڊ جي ڪپتان ايرڪ هيلگن مزار قائد تي گُل رکيا ۽ مهمانن لاءِ رکيل تاثراتي ڪتاب تي پنهنجا ويچار درج ڪيا. جڏهن ته هُن پاڪستان جي پهرئين وزيراعظم لياقت علي خان ۽ قائد اعظم جي ڀيڻ فاطمه جناح جي مزار جو دورو ڪندي کين ڀيٽا پيش ڪئي.