اسلام آباد (12 جنوري، 2023): پاڪستان ۾ موجود آمريڪي مشن طرفان اهڙن پاڪستاني شهرين لاءِ ويزا انٽرويو ۾ ڇوٽ جي اهليت ۾ واڌ جو اعلان ڪيو ويو آهي، جيڪي بي ون/بي ٽو (B1/B2) ڪيٽيگرين ۾ سياحتي ۽ ڪاروباري ويزائن جي تجديد لاء درخواستون ڏيئي رهيا آهن. آمريڪي ويزا رکندڙ پاڪستانين جا ويزا ۾ تجديد لاءِ انٽرويو اسلام آباد ۾ آمريڪي سفارتخاني ۽ ڪراچي ۾ آمريڪي قونصلخاني ۾ ورتا ويندا آهن. انٽرويو ڇوٽ جي اهليت ۾ واڌ بابت آمريڪي مشن طرفان خوشي جو اظهار ڪندي اعلان ڪيوآهي ته اھي پاڪستاني شهري جن جون بي ون/بي ٽو (B1/B2) ڪيٽيگرين ۾ ويزائون فعال آهن يا گذريل 48 مهينن دوران اُنهن جو مُدو ختم ٿي چڪو آھي، اهي عمر جي بنا ڪنهن فرق جي انٽرويو ۾ شريڪ ٿيڻ جا اهل آهن. اُن کان اڳ 45 سال يا اُن کان وڏي ڄمار جا پاڪستاني شهري انٽرويو ۾ شرڪت لاءِ اهل هوندا هئا. گڏوگڏ شاگردن ۽ پٽيشن جي بُنياد تي ورڪ ويزا لاءِ درخواست ڏيندڙ اهڙن اميدوارن لاءِ به 2023ع دوران انٽرويو ۾ ڇوٽ جي اهليت ۾ واڌ ڪئي وئي آهي، جِن وٽ پهرين آمريڪي ويزا هوندي هئي.
انٽرويو ۾ ڇوٽ جي اهليت ۾ واڌ جو مقصد پاڪستان جي اهل شهرين کي سياحتي توڙي ڪاروباري ويزائن جي تجديد لاءِ طريقيڪار کي وڌيڪ اثرائتو بڻائڻ ۽ بهترين خدمتون مهيا ڪرڻ آهي. آمريڪي قانون مطابق، اھل آمريڪي ويزا رکندڙ ڪجهه اميدوارن کي پنهنجي درخواست جمع ڪرائڻ کانپوءِ به آمريڪي سفارتخاني يا قونصلخاني ۾ انٽرويو لاءِ پيش ٿيڻو پوندو.
درخواستگذار ڄاڻايل اسان جي ھن ويبسائيٽ https://www.ustraveldocs.com/pk/pk-niv-visarenew.asp تي وڃي پنھنجي لاء انٽرويو ۾ ڇوٽ جي اهليت ڏسي سگھن ٿا. اھي اميدوار جيڪي هاڻي انٽرويو ۾ ڇوٽ جا اهل قرار ڏنل آهن ۽ سندن ويزا انٽرويو شيڊيول ٿيل آهن، اهي پنهنجا شيڊول ٿيل انٽرويو آن لائين رد ڪرائي سگهن ٿا. انٽرويو ۾ ڇوٽ وسيلي درخواست ڏيڻ لاءِ شيڊولنگ ڊيش بورڊ تي نئين درخواست (New Application) کان شروع ڪريو ۽ پوءِ مرحليوار آن لائين ڏنل ھايتن تي عمل ڪندي انٽرويو ۾ ڇوٽ لاء درخواست داخل ڪريو. انٽرويو ۾ ڇوٽ لاءِ درخواستون جمع ڪرائڻ لاءِ مجاز ڪوريئر سروس جايون هن فهرست ۾ ڄاڻايل آهن: https://ustraveldocs.com/pk/pk-loc-documentdropoff.asp. اسانکي اميد آھي ته پروسيسنگ جي ان سڄي عمل کي چار هفتا لڳندا.
وڌيڪ تفصيل ۽ سوالن جا جواب ڄاڻڻ لاءِ هن ويبسائيٽ تي وڃو https://www.ustraveldocs.com/pk/pk-gen-faq.asp.
رابطي لاءِ https://www.ustraveldocs.com/pk/pk-main-contactus.asp
###