اسلام آباد (سيپٽمبر 11، 2022 ) – آمريڪي پرڏيهي کاتي جي قونصلر ڊيرڪ شولي اعليٰ عهديدارن تي ٻڌل وفد سان گڏ 7 کان 9 سيپٽمبر تائين اسلام آباد ۽ ڪراچي جو دورو ڪيو . وفد ۾ آمريڪي پرڏيهي کاتي، دفاع، عالمي ترقي بابت آمريڪي ايجنسي ۽ قومي سلامتي بابت وائيٽ هائوس جي ڪائونسل جا اعليٰ عملدار شامل هئا. آمريڪي پرڏيهي کاتي جي قونصلر ۽ وفد پاڪستان ۾ اعليٰ حڪومتي عملدارن، سول سوسائٽي جي نمائندن ۽ نجي شعبن جي سربراهن سان ملاقاتون ڪيون، جنهن دوران ٻنهي ملڪن وچ ۾ سفارتي لاڳاپن کي 75 سال پورا ٿيڻ جي خوشي ملهائڻ سميت گڏيل مفادن ۽ سهڪار وڌائڻ تي زور ڀريو ويو، جڏهن ته ٻنهي ملڪن جي گڏيل مفادن ۽ ڀائيواري تي ٻڌل لاڳاپن جي اهميت کي به اجاڳر ڪيو ويو. قونصلر شولي طرفان ٻطرفو واپار وڌائڻ، ماحولياتي بحران جي اثرن کي گهٽائڻ لاءِ سهڪار، صحت جي شعبي ۾ ڀائيواري ۽ عوامي سطح تي لاڳاپا وڌائڻ سوڌو ٻين اهم معاملن تي پڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي، اُن کانسواءِ هُن سنڌ سوڌو پاڪستان جي ٻين صوبن ۾ ٻوڏ سبب آيل تباهي ۽ بحرانن کي منهن ڏيندڙ عوام سان ٻڌي جو اظهار ڪيو. قونصلر شولي مختلف معاملن بابت آمريڪي پرڏيهي وزير جي صلاحڪار طور ذميواريون نڀائي رهي آهي.
اُن موقعي تي آمريڪي قونصلر شولي چيو ته “پاڪستان جو تعميري دورو ڪرڻ ۽ ٻنهي ملڪن وچ ۾ لاڳاپن کي 75 سال پورا ٿيڻ جي جشن جو حصو بڻجڻ مون لاءِ فخر جوڳي ڳالهه آهي. آمريڪا ۽ پاڪستان ۾ ڏهاڪن تي ٻڌل سهڪار توڙي مضبوط ڀائيواري قائم آهي، جڏهن ته آمريڪا واپار، سيڙپڪاري، توانائي، صحت، سلامتي، تعليم ۽ ٻين شعبن ۾ پاڪستان سان لاڳاپن کي ترجيحي بنيادن تي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ گهري ٿو. ”
قونصلر شولي پاڪستان ۾ ملاقاتن دوران آمريڪا طرفان سنڌ ۽ بلوچستان سوڌو ٻين صوبن ۾ ٻوڏ سبب وڏي پئماني تي ٿيل تباهيءَ تي افسوس جو اظهار ڪيو، جڏهن ته هُن ٻوڏ متاثرن سان همدردي جو پڻ اظهار ڪيو، جِن جا پيارا ٻوڏ ۾ وڇڙي ويا ۽ جياپي جي سمورن وسيلن سوڌو گهر تباهه ٿي ويا. هُن پاڪستان جي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري سان ملاقات ۾ آمريڪا طرفان ٻوڏ متاثرن جي امداد لاءِ جاري ڪيل 5 ڪروڙ 31 لک ڊالرز تي ڳالهه ٻولهه ڪئي، جنهن ۾ ٻوڏ جي تباهي کي منهن ڏيڻ ۽ متاثرن جي سهائتا لاءِ 30 لک ڊالرز کانپوءِ جاري ڪيل 5 ڪروڙ هڪ لک ڊالرز جي اضافي مالي امداد شامل آهي. اها مالي امداد عالمي ترقي بابت آمريڪي ايجنسي (يو ايس ايڊ) ذريعي مهيا ڪئي وئي آهي، جنهن سان پاڪستان ۾ ٻوڏ متاثرن لاءِ هنگامي طور گهربل امداد ۽ مستقبل ۾ قدرتي آفتن توڙي ماحولياتي تبديلي جي اثرن کي منهن ڏيڻ لاء مدد ملي سگهندي.
آمريڪي قونصلر شولي اسلام آباد ۾ پاڪستان جي وزيراعظم شهباز شريف سان ملاقات ڪري ٻطرفن لاڳاپن کي سگهارو بڻائڻ سميت واپار، سيڙپڪاري، ماحولياتي تبديلي ۽ صحت جي شعبن ۾ سهڪار تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. ملاقات ۾ قونصلر شولي صحت جي شعبي ۾ ٻنهي ملڪن جي ڀائيواري، خصوصي طورامريڪا طرفان پاڪستان کي ڪورونا ويڪسين جا 7 ڪروڙ 70 لک ڊوز امداد طورڏيڻ سميت ٻين خدمتن کي اجاڳر ڪيو. جڏهن ته ناڻي جي وزير مفتاح اسماعيل سان ملاقات ۾ آمريڪي قونصلر شولي پاڪستان جي معاشي صلاحيتن ۽ سيڙپڪاري جي اهميت تي ڳالهه ٻولهه ڪندي نوجوانن جي صلاحيتن ۽ خدمتن مان وڌ کان وڌ فائدو وٺڻ تي زور ڀريو. اُن کانسواءِ سڄاڻ ڌُرين ۽ سول سوسائٽي جي نمائندن طرفان ڳالهه ٻولهه دوران آمريڪي قونصلر شولي کي پاڪستان ۾ جمهوريت جي واڌ ويجهه، پٺتي پيل آبادين جي سار لهڻ ۽ عورتن کي پاڻڀرو ڪرڻ جي حوالي سان پنهنجي ڪردار بابت آگاهي ڏني وئي.
آمريڪي قونصلر شولي پاڪستان جي آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه سان ملاقات دوران پاڪستان ۾ ٻوڏ واري صورتحال ۾ آمريڪي مدد جي موقعن ۽ پاڪ – آمريڪا سڪيورٽي سهڪار بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ان موقعي تي آمريڪي قونصلر پاڪستاني فوجي قيادت کي آگاهي ڏيندي چيو ته ايف 16 جنگي جهازن کي برقرار رکڻ لاءِ 45 ڪروڙ ڊالرز جي پرڏيهي فوجي سامان جي وڪري وارو معاملو ڪانگريس آڏو رکيو آهي. اها سيڙپڪاري دهشتگرديءَ خلاف جاري ڪوششن ۽ مستقبل جي امڪاني دهشتگرد ڪاررواين خلاف آپريشنز جي تيارين لاءِ آمريڪا ۽ ان جي اتحادي فورسز جي ٻطرفي سهڪار کي برقرار رکندي پاڪ – آمريڪا جٽادار ڀائيواري جي اهميت کي اجاڳر ڪري ٿي.
ڪراچي جي دوري دوران آمريڪي قونصلر شولي سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه سان ملاقات ڪئي، جنهن دوران پاڪستان – آمريڪا تجارتي ڀائيواري وڌائڻ سوڌو گڏيل ترجيحي مامرن تي ڳالهه ٻولهه ٿي. ملاقات دوران سنڌ ۾ برسات ۽ ٻوڏ جي وهڪرن سبب وڏي پئماني تي ٿيل تباهي ۽ معصوم ٻارن سوڌو ٻوڏ سٽيلن جون بُنيادي ضرورتون پوريون ڪرڻ لاءِ آمريڪا جي ڪردار تي خيالن جي ڏي وٺ پڻ ڪئي وئي.
امريڪي قونصلر شولي ڪراچي جي علائقي ڪلفٽن ۾ جامعه اسلاميه مدرسي ۾ ٻوڏ متاثرن لاءِ امداد ورهائڻ واري مرڪز جو دورو ڪيو، جنهن دوران ايڊمنسٽريٽرڪراچي مرتضيٰ وهاب ۽ مقامي مذهبي اڳواڻ ساڻس گڏ موجود هئا. قونصلر شولي ايڊمنسٽريٽر ڪراچي ۽ مذهبي اڳواڻن سان اِن معاملي تي ڳالهه ٻولهه ڪئي ته آمريڪا طرفان ٻڌي جي اظهار طور جاري ڪيل مالي امداد ذريعي ٻوڏ سٽيلن جي ڏُکئي وقت ۾ ڪيئن سهائتا ٿي سگهي ٿي. ان کانپوءِ قونصلر شولي ٻوڏ سبب بيگهر ٿيل متاثرن ۽ سماجي ڀلائي جي تنظيمن جي نمائندن سان ملاقاتون ڪيون ته جيئن ٻوڏ سٽيلن جي اهنجن ۽ امدادي سرگرمين بابت ڄاڻ حاصل ڪري سگهجي. اُنهن تنظيمن ۾ هڪ اهڙي به تنظيم شامل آهي، جيڪا آمريڪي ايڪسچينج پروگرام ۾ حصو وٺندڙن طرفان قائم ڪئي وئي ھئي، جيڪاڪراچي ۾ ٻين غير سرڪاري تنظيمن سان گڏجي ٻوڏ متاثرن لاءِ قائم ٿيل ڪئمپن ۾ ڀرپورڪم ڪري رهي آهي. آمريڪا کي يو ايس ايڪسچينج پروگرام پاس ڪندڙ اُنهن سمورن ماڻهن تي فخر آهي، جيڪي پنهنجي ڀرپور صلاحيتن ۽ جذبي سان پاڪستان ۾ آفت سٽيل ماڻهن جي مدد لاءِ پنھنجو ڪردار اداڪري رهيا آهن.
آمريڪي قونصلر شولي ڪراچي پورٽ ٽرسٽ جي جنرل مئنيجر ريئر ايڊمرل زبير شفيق سان ملاقات سان گڏ ڪراچي پورٽ جو دورو ڪيو ته جيئن پاڪ – آمريڪا واپاري رابطن ۽ عالمي بحري شعبي ۾ سهڪار کي هٿي وٺرائي سگهجي. آمريڪي قونصلر پاڪستان سان واپاري لاڳاپن جي اھميت تي زور ڏيندي چيو ته آمريڪا پاڪستان جي سڀ کان وڏي سنگل برآمدي مارڪيٽ آهي ۽ پرڏيهي سيڙپڪاري جو سڀ کان وڏو ذريعو به آهي. اسان جو ٻطرفو واپار 2021 ۾ لڳ ڀڳ 9 ارب تائين پھتو، جنهن سان آمريڪي سڌي سيڙپڪاري ۾ 50 سيڪڙو واڌارو ٿيوآهي. عورت صنعتڪارن ۽ ڪاروباري اڳواڻن سان ملاقات دوران قونصلر شولي چيو ته، آمريڪي حڪومت پاڪستان ۽ آمريڪي عوام جي وچ ۾ واپار، سيڪيورٽي، تعليم، صاف توانائي ۽ صحت سان واڳيل تعاون ۽ لاڳاپن کي ويتر مظبوط ڪرڻ لاءِ ڪوششون وٺي رهي آهي ته جيئن ٻنهي ملڪن کي وڌيڪ مستحڪم، محفوظ ۽ خوشحال بڻائي مستقبل کي فروغ ڏئي سگهجي.
آمريڪي سرڪار پاڪستان سان وسيع بنيادن تي واپار، سيڪيورٽي، تعليم، عوامي سطح تي لاڳاپن، توانائي ۽ صحت جي شعبي ۾ سهڪار وڌائڻ واري عزم تي قائم آهي، جنهن سان ٻنهي ملڪن جي عوام جي خوشحالي ۽ استحڪام کي هٿي ڏيڻ ۾ مدد ملندي.