03 فيبروري 2020
آمريڪي مشن پاڪستان
رابطو: آمريڪي قونصل خانو ڪراچي پبلڪ افيئر سيڪشن (فون: 021-3527-5000)
فوري طور جاري ڪرڻ لاءِ
آمريڪي ۽ سنڌ حڪومت پاران ڪراچي ۾ هڪ ٻيو جديد اسڪول قائم
ڪراچي – يو ايس ايڊ ۽ سنڌ حڪومت جي گڏيل تعاون سان ڪراچي جا مقامي شاگرد هن سال کان هڪ نئين جديد اسڪول ۾ پڙهڻ شروع ڪندا.
يو ايس ايڊ جي مشن ڊائريڪٽر جولي ڪونن ۽ سنڌ جي اطلاعات، محنت ۽ آرڪائيوز واري وزير سعيد غني گڏاپ ٽائون جي يوسف ڳوٺ ۾ اسڪول جو افتتاح ڪيو. اسڪول ۾ نصابي سرگرميون اپريل کان شروع ٿينديون جتي 600 شاگرد ۽ شاگردياڻيون جديد سهولتن وارن ڪلاسرومن ۾ تعليم پرائي سگهندا.
ان موقعي تي مشن ڊائريڪٽر ڪونن چيو ته ”آمريڪا ۽ سنڌ حڪومت جي گڏيل ڪوششن ڪري صوبي جي سرڪاري اسڪولن ۾ تعليم جو معيار بهتر ٿيندو پيو وڃي. اڄ انهن اسڪولن ۾ مفت ۽ معياري تعليم حاصل ڪندڙ ٻار سڀاڻي پاڪستان جا ڪامياب انجنيئر، ڊاڪٽر ۽ واپاري بڻبا.“
ان موقعي تي وزير اطلاعات، محنت ۽ آرڪائيوز سعيد غني، يو ايس ايڊ جي ذريعي سنڌ صوبي جي تعليم ۾ جديد لاڙا متعارف ڪرائڻ تي امريڪي حڪومت جي سهڪارجي ساراهه ڪئي.
تعليم جو صوبائي سيڪريٽري احسان علي منگي، سنڌ حڪومت ۽ آمريڪي حڪومت جا نمائندا، مقامي اڳواڻ، مختلف برادرين جا ترجمان، استاد، شاگرد ۽ والدين پڻ موجود هئا.
ڄاڻايل اسڪول جي بلڊنگ سنڌ حڪومت جي تعاون سان يو ايس ايڊ جي 25 ارب پاڪستاني روپين (159.2 ملين آمريڪي ڊالر) واري سنڌ بيسڪ ايجوڪيشن پروگرام هيٺ تعمير ڪئي وئي. آمريڪي حڪومت اتر سنڌ جي 9 ضلعن سميت ڪراچي جي پنجن ٽائون ۾ 112 جديد اسڪولي عمارتون تعمير ڪري رهيو آهي.
اسڪولن جو جديد عمارتون تعمير ڪرڻ سان گڏوگڏ هن پروگرام جو مقصد سنڌ جي چونڊ علائقن جي پرائمري، مڊل ۽ سيڪنڊري سرڪاري اسڪولن ۾ داخلا وڌائڻ ۽ برقرار رکڻ آهي ۽ هن جو خاص محور اُنهن ٻارڙن کي پڙهائي جو ٻيهر موقعو ڏيڻ آهي جيڪي پڙهائي اڌ ۾ ڇڏي ويا آهن. اسڪول تعمير ڪرڻ سان گڏوگڏ SBEP صوبائي حڪومت جي تعليمي سڌارن، ماڻهن ۾ سجاڳي پيدا ڪرڻ، پبلڪ پرائيوٽ پارٽنرشپ ۽ شاگردن جي پڙهڻ جي اهليت کي بهتر بنائڻ وارن قدمن جي پڻ سهائتا ڪري ٿو.
يو ايس ايڊ جي مختلف پروگرامن بابت وڌيڪ معلومات حاصل ڪرڻ لاءِ مهرباني ڪري www.usaid.gov/Pakistan ڏسو.