اعليٰ تعليمي موقعن کي اجاگر ڪرڻ لاءِ امريڪا جي 33 يونيورسٽين جا نمائيندا ڪراچيءَ جو دورا ڪندا

7 آڪٽوبر 2018ع
رابطو: ڪرش داس
فون: 02135275000

فوري طور جاري ڪرڻ لاءِ

اعليٰ تعليمي موقعن کي اجاگر ڪرڻ لاءِ امريڪا جي 33 يونيورسٽين جا نمائيندا ڪراچيءَ جو دورا ڪندا

ڪراچي: پاڪستاني شاگردن لاءِ اعليٰ تعليمي موقعن جي فروغ لاءِ امريڪا جي 33 يونيورسٽين جا نمائينده هن هفتي ڪراچي اچي رهيا آهن، جيڪي هتي 7 کان 8 آڪٽوبر تائين منعقد ٿيندڙ وڏي ”امريڪي ڪاليج ميلي“ جي ميزباني ڪندا. هيءُ 13 هون ڇهه ماهي ”ڏکڻ ايشيائي دورو“ سنڌ اندر پاڪستان جي هزارين شاگردن، والدين، مشاورت ڪندڙن ۽ مقامي يونيورسٽين جي آفيسرن لاءِ هڪ اهڙو موقعو آهي، جنهن ۾ هو تعليمي پروگرامن بابت وڏي پيماني تي نماءُ ڏسي سگهندا ۽ اتان جي ادارن ۾ داخلا لاءِ کين روبرو رهنمائي حاصل ٿي سگهندي.

ان حوالي سان ڪراچي آفيس ۾ امريڪي قائونصل جنرل جواين وئگنر چيو ته: ”اسان خوش نصيب آهيون، جو مقامي شاگردن جي داخلا لاءِ امريڪا جي 33 کان مٿي ڪاليجن ۽ يونيورسٽين جا نمائيندا هتي آيا آهن. ويجهڙائي وارن سالن ۾ انهن پاڪستان جا گهڻا دورا ڪيا آهن، جنهن مان ثابت ٿئي ٿو ته اسان جي ڪاليجن اها ڳالهه تسليم ڪري ورتي آهي ته پاڪستان ۾ ڪيترائي ذهين شاگرد موجود آهن. هتي نمائيندگي ڪندڙ امريڪي تعليمي ادارا اهو پڻ نماءُ ڪندا ته امريڪي اعليٰ تعليمي ادارن ۾ ڪيترن مختلف قسم جي شعبن ۾ تعليم ڏني وڃي ٿي. اهو ڪو مسئلو ڪونهي ته اوهان جي دلچسپي ڪهڙي شعبي ۾ آهي، اوهان پنهنجي پسند جا هزارين ڪاليج ۽ يونيورسٽيون ڳولي سگهو ٿا.“

هن سال ايجوڪيشن يو ايس اي پاڪستان پاران يونائيٽيڊ اسٽيٽس ايجوڪيشنل فائونڊيشن پاڪستان (USEFP) جي پليٽ فارم تان پاڪستان جا اسڪول ۽ يونيورسٽين جا دورا ڪرڻ لاءِ امريڪي تعليمي ادارن سان لاڳاپيل تمام گهڻن نمائيندن جي ميزباني ڪئي وئي هئي. 38 امريڪي يونيورسٽين جي نمائيندن ۾ 17 اهڙا نمائيندا به هئا، جيڪي پهريون ڀيرو پاڪستان جو دورا ڪري رهيا هئا. انهن ۾ اوهايو يونيورسٽي، بوئس اسٽيٽ يونيورسٽي، ڪالبي سائير ڪاليج، نيويارڪ انسٽيٽيوٽ آف ٽيڪنالاجي، ڪئنٽ اسٽيٽ يونيورسٽي، لوزيانه ٽيڪ يونيورسٽي، يونيورسٽي آف الينئاز، شڪاگو مونمائوٿ يونيورسٽي، انڊيانه يونيورسٽي، پرڊيو يونيورسٽي انڊيانه پولز، دي يونيورسٽي آف ٽئڪساس ايٽ آرلنگٽن، ڪاليج آف انجنيئرنگ، اسٽيٽ يونيورسٽي آف نيويارڪ ايٽ فرڊونيا (SUNY)، مشيگن اسٽيٽ يونيورسٽي، فلوريڊا انٽرنيشنل يونيورسٽي، پٽس برگ اسٽيٽ يونيورسٽي، آگسٽانه يونيورسٽي، ڪوءِ ڪاليج ۽ فارڊم يونيورسٽي شامل آهن. ايجوڪيشن يو ايس اي جي خدمتن بابت وڌيڪ معلومات لاءِ هن ويب سائيٽ تي وڃو، www.usefpakistan.org.