امريڪا جو تجارتي خدمتن وارو ادارو The United States Commercial Service -USCS پاڪستاني ڪمپنين سان تعلق رکندڙ وفد کي اين پي اي ڊبليو ۾ شرڪت لاءِ وٺي ويندو. اها نمائش امريڪا جي شهر ايناهيم ڪئليفورنيا ۾ 8 کان 11 مارچ تائين منعقد ٿي رهي آهي.
ڪچي مال مان شيون ٺاهڻ جي حوالي سان Natural Products Expo West/Engredea (NPEW) هڪ اهڙي واپاري نمائش آهي، جتي قدرتي، نامياتي ۽ صحت بخش شين جي وڪري جي بازار لڳي ٿي. 80 هزار کان مٿي صنعتي پيشه ور ماڻهن جي شرڪت واري هن نمائش ۾ وڏي تعداد ۾ مختلف قسم جون شيون رکڻ وارا توڙي سموري دنيا جا خريدار شرڪت ڪن ٿا. NPEW ۾ بيمثال رابطيڪاري، خريداري ۽ وڪري جا موقعا فراهم ٿين ٿا، جتي 50 هزار کان مٿي شين جي نمائش ٿي رهي آهي.
هن نمائش ۾ شريڪ ٿيندڙ پاڪستاني وفد لاءِ هيءُ وڏو موقعو آهي ته اهو قدرتي، نامياتي شين، ٽئڪنالاجي ۽ ڪاروبار جي پاسن کي سمجهي سگهي، خاص طور تي اهو ته اهڙو ڪاروبار امريڪا اندر ڪيئن ٿو ٿئي. پاڪستان سموري دنيا مان USCS پاران شريڪ ٿيندڙ 65 کان مٿي جي وفدن مان هڪ وفد آهي.
هن نمائش ۽ پاڪستان اندر دوائن ۽ غذائيت جي اهميت کي اجاگر ڪندي امريڪا جي ڪمرشل قائونصلر اسٽيو نوڊ چيو ته، ”اسان پاران NPEW ۾ پاڪستاني وفد کي وٺي وڃڻ ان دلچسپيءَ جو اظهار آهي ته اسان کين امريڪا جون سٺي کان سٺيون شيون ڏيکارڻ چاهيون ٿا، جنهن سان پاڪستان اندر صحت جي حوالي سان پيدا ٿيل مسئلن کي وڏي سطح تي حل ڪري سگهجي.“
امريڪا ۽ پاڪستان درميان ٻطرفو ڪاروبار 2017ع ۾ 6.4 بلين ڊالرز جي رڪارڊ حد تائين پهتو. گذريل سال USCS پاران پاڪستاني تاجرن جي وفدن کي امريڪا ۾ منعقد ٿيندڙ 10 کان وڌيڪ واپاري نمائشن ۾ شرڪت جو موقعو فراهم ڪيو ويو. واپاري نمائشن بابت معلومات لاءِ هن ويب سائيٽ تي وڃي سگهجي ٿو، www.expowest.com يا www.engredea.com
8 مارچ 2018ع
رابطو: ڪرش داس
فون: 02135275000
فوري طور جاري ڪرڻ لاءِ