29 آڪٽوبر 2018ع
رابطو: ڪرش داس
فون: 021-3527-5000
فوري طور جاري ڪرڻ لاءِ
امريڪا پاران سنڌ ۾ شفاف توانائيءَ جي ترقيءَ جو فروغ
ڪراچي: امريڪي قائونصل جنرل جواين وئگنر امريڪي سيڙپڪاريءَ جي حوالي سان اڄ جهمپير ۾ ونڊ ڪوريڊور جو دورو ڪيو. هن جهمپير جي گرڊ اسٽيشن ون گهمي ڏٺي، جنهن لاءِ عالمي ترقيءَ بابت امريڪي اداري يو ايس ايڊ جو مالي سهڪار فراهم ٿيل آهي، جڏهن ته ”هوا ونڊ پاور پراجيڪٽ“ لاءِ اوپيڪ (OPIC) سان گڏجي سيڙپ ڪئي وئي آهي.
امريڪا ۽ پاڪستان جي توانائيءَ واري شعبي ۾ تعاون جي حوالي سان هڪ ڊگهي تاريخ آهي، ۽ انهن شفاف توانائيءَ جي ذريعن جهڙوڪ هوا، شمسي توانائي، جيوٿرمل ۽ پاڻي مان بجلي جي پيداوار لاءِ خانگي شعبي جي سيڙپ خاطر گڏجي ڪم ڪيو آهي. قائونصل جنرل علائقي ۾ ترقي ۽ خانگي شراڪتداريءَ جي نتيجي ۾ علائقي اندر آيل تبديلي کي ڏسي خوشيءَ جو اظهار ڪيو.
هوا ذريعي پيدا ٿيندڙ 780 ميگاواٽ بجلي نيشنل گرڊ ڏانهن منتقل ڪرڻ جي حوالي سان امريڪي حڪومت نيشنل ٽرانسميشن اينڊ ڊسپيچ ڪمپني (NTDC) سان سهڪار ڪيو آهي. بجليءَ جو اهو مقدار 150000 گهرن لاءِ ڪافي آهي. علائقي اندر سيڙپڪاريءَ جي موقعن کي ڏسندي OPIC امريڪي حڪومت سان ٻانهن ٻيلي ٿي گهارو- جهمپير ڪوريڊور ۾ هوا مان بجليءَ جي پيداوار جي 5 منصوبن ۾ سيڙپ ڪئي آهي.
بجلي پيداوار جي روايتي ذريعن جي ڀيٽ ۾ هوا مان پيدا ٿيندڙ بجليءَ کي شفاف توانائي سمجهيو وڃي ٿو. سنڌ ۽ بلوچستان جي علائقن ۾ هوا ذريعي بجلي پيدا ڪرڻ جي وڏي صلاحيت آهي، اندازو لڳايو پيو وڃي ته 50000 ميگاواٽ بجلي پيدا ٿي سگهي ٿي، جيڪا ملڪ جي هاڻوڪي پيداوار کان ٻيڻ تي هوندي. ونڊ ڪوريڊور جي صلاحيت کي سنڀالڻ لاءِ بجليءَ جي منتقلي خاطر وڌيڪ لائينون گهربل آهن ته جيئن صارف کي پاور پلانٽس سان ڳنڍي سگهجي. عالمي ترقيءَ بابت امريڪي اداري يو ايس ايڊ پاران بجليءَ جي منصوبن ۾ 43 ملين ڊالرز جي هن سيڙپڪاريءَ مان اڳواٽ ئي 1.56 بلين ڊالرز جو فائدو حاصل ٿي چڪو آهي.
يو ايس ايڊ بابت وڌيڪ معلومات لاءِ هن ويب سائيٽ تي وڃو www.usaid.gov/Pakistan