امريڪا ۽ پاڪستان جي انگريزي ٻوليءَ سکڻ جا طريقا جديد بنائڻ جي گڏيل ڪاوش

18 جنوري 2020
پاڪستان ۾ امريڪي سفارتي مشن
رابطو: امريڪي قونصل خانو پبلڪ افيئرز سيڪشن (فون: 021-3527-5000)
فوري طور جاري ڪرڻ لاءِ

امريڪا ۽ پاڪستان جي انگريزي ٻوليءَ سکڻ جا طريقا جديد بنائڻ جي گڏيل ڪاوش

ڪراچي: امريڪي قونصل خاني ڪراچي مختلف يونيورسٽين سان تعلق رکندڙ انگريزي ٻولي جي استادن ۽ شاگردن کي انگلش لئنگويج ايڪسپو 2020 ۾ شرڪت ڪرڻ تي ڀليڪار ڪئي. ڪراچي جي گرين وچ يونيوسٽي ۾ انگريزي ٻولي متعلق منعقد ٿيندڙ ان نمائش جو عنوان انگريزي ٻولي سکڻ ۽ سيکارڻ ۾ ڊجيٽل اوزارن جي مدد سان آيل نواڻ هيو. هن نمائش جو مقصد 21 صديءَ جي تعليمي اوزارن ۽ طريقن کي عام ڪرڻ، پڙهائڻ دوران ڊجيٽل اوزارن جي اهميت کي اجاڳر ڪرڻ ۽ انگريزي ٻولي جي استادن کي ميل جول جو ذريعو فراهم ڪرڻ هيو.

امريڪي سفارتخاني جي انگريزي ٻوليءَ جي آفيسر جيرلڊ فرئنڪ پروگرام جو افتتاح ڪيو. هن چيو ته ”امريڪي سرڪار جي انگريزي ٻولي جي پروگرامن جو مقصد صرف پاڪستاني شاگردن جي انگريزي ٻولي بهتر بنائڻ ناهي. اھي پروگرام شاگردن ۾ پيشيوراڻيون صلاحيتون پيدا ڪرڻ سان گڏوگڏ انهن لاءِ موقعا پيدا ڪرڻ ۽ پاڪستانين کي دنيا جي ٻين ملڪن جي پروفيشنلز سان ڳنڍڻ ۾ پڻ ڪردار ادا ڪندا آهن. اڄوڪو هيءَ پروگرام ان ڳالھ جو ثبوت آهي جتي ٻولي ماهر نه صرف سکيل ڳالهين جو مظاهرو ڪري رهيا آهن پر اهو پڻ ٻڌائي رهيا آهن ته اهي ڳالهيون عملي طور انگريزي ٻولي سيکارڻ واري ڪميونٽي ۾ ڪيئن ڪارائتي انداز ۾ لاڳو ڪري سگهجن ٿيون. مونکي هتي اچي تمام گهڻو اتساهه مليو آهي!“

نمائش ۾ شريڪ ٿيندڙن 30 کان وڌيڪ ورڪشاپس، پيش ڪارين ۽ پينل گفتگو ۾ حصو ورتو جن ۾ پوري پاڪستان منجهان امريڪي سرڪار جي انگريزي ٻولي جي پروگرامن جي المنائي شرڪت ڪئي. بحث هيٺ آيل موضوعن ۾ ”گهڻ ٻولي واري پس منظر ۾ انگريزي ٻولي جي لکڻي ۽ پڙهائڻ جي طريقن تي فيس بڪ جو اثر“ پڻ شامل هيو. امريڪي قونصل خاني ڪراچي جي امريڪي آفيسرن پڻ ڪجهه سيشن ورتا جن ۾ انهن شرڪت ڪندڙن کي پريزنٽيشن اسڪلز کان ويندي شاگردن جي پڙهائي ۾ ٽيڪنالجي جو ڪردار جهڙن موضوعن تي آگاهي ڏني.

پاڪستان ۾ امريڪي سفارتي مشن جا انگريزي ٻوليءَ جا پروگرام هر سال هزارين پاڪستاني شاگردن ۽ استادن تائين پهچن ۽ کين معاشي بهتري ۽ پاڻڀرائپ جا موقعا فراهم ڪن ٿا.

وڌيڪ معلومات لاءِ پاڪستان ۾ انگريزي تعليم ۾ امريڪي سرڪار جي مدد بابت وڌيڪ معلوم ڪرڻ لاءِ مهرباني ڪري https://pk.usembassy.gov/education-culture/study-usa/relopakistan/ ڏسو.