ڪراچي: ڪراچي ۾ تازو آيل نئين امريڪن قونصل جنرل گريس شيلٽن پاڪستان جي باني قائد اعظم محمد علي جناح جي مزار تي حاضري ڀري ۽ گلن جي چادر چاڙھي. قونصل خاني طرفان مزار قائد تي رکيل گيسٽ بڪ ۾ پنجھا تاثرات بيان پڻ ڪيا.
پنھجا تاثرات لکندي ھن چيو ته چيو ته امريڪا جا قدر ۽ پاڪستان جي باني جا قدر ساڳيا آھن، جناح پاڪستان کي ھڪ جمھوري، سھپ ۽ ترقي پسند ملڪ بنائڻ پئي چاھيو. ھن چيو ته مونکي اڄ ھتي اچڻ تي تمام گھڻي خوشي ٿي آھي ۽ِ جناح واري تصور تحت ھڪ پرامن ۽ سگھاري پاڪستان لاءِ سڀئي گڏيل ڪوششون جاري رکنداسين. قونصل جنرل گريس شيلٽن بعد ۾ مزار قائد جي ڀر ۾ قائم ميوزم جو دور ڪيو ۽ قائد اعظم جي زندگي ۾ زير استعمال شين ۾ تمام گھڻي دلچسپي ورتي.
